”مهانگائيءَ سبب ماڻهو پنهنجين زالن سان محبت ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آهن“ بظاهر اهو لطيفو هو. پر ان لطيفي ۾ ليئو پائي ڏسبو ته اسان کي تلخ سچائيءَ جو ديدار به ٿي ويندو. هونءَ به انسان کي صرف ان لطيفي تي ئي کل ايندي آهي، جنهن ۾ حقيقت هجي. هن ڀيري حڪومتي سطح تي جيڪا مهانگائي پيدا ڪئي وئي آهي، ايتري مهانگائي ته ان مهل به نه هئي، جنهن مهل پوري دنيا ڪورونا جي دهشت ۾ هئي. جنهن وقت پوري دنيا پنهنجي منهن تي ماسڪ چاڙهي هڪ ٻئي کان فاصلو رکڻ تي مجبور هوندي هئي. جنهن وقت بازارون بند هونديون هيون ۽ جنهن وقت ماڻهن ۾ اهو ڊپ هو ته انهن کي نظر نه ايندڙ موت زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي دسي سگهي ٿو. اهو اهڙو دور هو، جنهن ۾ اسان جهڙن ملڪن ته ڇا پر امير ترين ملڪن جي اقتصاديات وڃي تريون کوڙيون هيون ۽ وڏيون وڏيون ڪمپنيون وڏي پئماني تي بند ٿي رهيون هيون. جڏهن ڪا به پئداوار نه هجي. جڏهن فيڪٽرين کي تالا هجن. تڏهن مزدرون جي فوج کي ڪير پاليندو؟ ان سبب ملڪن جا ملڪ ويران ٿي ويا. ان وقت ماڻهن کي محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ هو هن مصيبت مان ڪڏهن به آجا ٿي نه سگهندا. هاڻي اهو دور ناهي. پر ان دور کي گذري ايترو وقت به نه ٿيو آهي جو ان جا عذاب وسري وڃن. پر هن مهل انسان ذات مس مس وڃي ساهه کنيو آهي. هن مهل جڏهن اسان انسانن جا هجوم هڪ ڀيرو ٻيهر بنا ڪنهن ماسڪ جي ڦرندا ڏسون ٿا ته اسان کي هڪ قسم جي خوشيءَ جو احساس ٿئي ٿو. اسان کي لڳي ٿو ته اسان هڪ تمام تلخ مرحلي مان ٽپي پار پيا آهيون پر اسان کي ساڳي وقت ڪجهه ٻيون سچايون به پاڻ تي غور ڪرڻ لاءِ پريشان ڪن ٿيون.
انهن نهايت سخت سچائين مان هڪ وڏي سچائي اها آهي اسان جو ملڪ ڪورونا جي وقت ايتري غربت جو شڪار نه هو، جيتري غربت اسان جي حصي ۾ هن مهل آئي آهي. جيڪڏهن غربت جا سبب ڪورونا سان جڙيل آهن ته ان مهل غربت جو گراف ايترو مٿي ڇو نه ٿيو هو، جنهن وقت مارڪيٽ ته ڇا پر ماڻهو به گهرن ۾ بند هوندا هئا ۽ جنهن وقت هر ڪنهن کي تمام گهڻي پريشاني هئي ته هو ڪورونا جي مرض ۾ وڪوڙجي ويندو. جن ماڻهو ڪورونا کي مشڪري سمجهيو هو، جڏهن انهن کي به ڪورونا جي چماٽ لڳي ته انهن جا هوش به ٺڪاڻي تي اچي ويا. پر سوال اهو آهي ته ڪورونا جي ڀيري اسان غربت ۽ مهانگائيءَ جي ان مصيبت ۾ مبتلا نه هئاسين پر هن مهل ڇو آهيون؟
ان جو مطلب اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته مارڪيٽ ۾ سرمائيدار ڪرونا جي وقت پيدا ٿيل معاشي تنگي ۽ پنهنجي حصي ۾ آيل نقصان جو بدلو وٺي رهيا آهن ۽ انهن سان مقابلو ڪرڻ جي طاقت اسان جي حڪمرانن ۾ ناهي. اهو ته ڪنهن به طور تي ناهي جو ڪجهه شين جي تمام گهڻي اڻاٺ ٿي وئي هجي. اسان حقيقي مهانگائي ان کي چوندا آهيون جو اهڙا سبب پيدا ٿي پون، جنهن جي ڪري ماڻهو بنيادي ضرورتن کان محروم ٿي وڃن ته اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي. مثال طور تاريخ ۾ ان مهل بک پيدا ٿيندي هئي، جڏهن باراني علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو قدرتي طور تي برسات کان محروم ٿي ويندا هئا. تڏهن اهي انسان ۽ انهن جا پاليل جانور بک مرڻ لڳندا هئا ۽ انهن کي پنهنجو لڏو کڻي ٻيو هنڌ وسائڻو پوندو هو. پر اهو هڪ دور هو. جڏهن برسات نه پوي ۽ ڌرتي تي سائو سلو پيدا نه ٿئي ته لازمي طور تي ماڻهن لاءِ پنهنجو ماڳ تبديل ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو به نه رهيو هو. پر هاڻي ته اها صورتحال ناهي. هاڻي اسان وٽ بنيادي ضرورت جون شيون ايتري حد تائين ذخيرو ٿيل آهن جو اسان انهن کي ڪيتري وقت تائين استعمال ڪري سگهون ٿا. جڏهن گودام ڀريل هجن ۽ مارڪيٽن ۾ به شين جي کوٽ نه هجي ته پوءِ ان صورت ۾ پيدا ٿيندڙ مهانگائي سمجهه ۾ نه ٿي اچي.
مهانگائيءَ جي سڀ کان گندي صورت اها هوندي آهي ته جنهن وقت ڪجهه ڌرين ۽ هڪ مخصوص طبقي جي لاءِ مهانگائي هٿ سان پيدا ڪئي وڃي. هونءَ ته قدرتي حادثا به ٿين ٿا. ڪراچيءَ ۾ فيڪٽرين کي اوچتو ڪنهن اچانڪ سبب جي ڪري باهه لڳڻ جا واقعا تمام عام جام هوندا آهن پر اسان کي اهو به معلوم آهي ته جڏهن بلديا ۾ فيڪٽريءَ کي باهه لڳي هئي ته اها حادثاتي نه هئي. اها باهه هٿ سان لڳائي وئي هئي. بلديا فيڪٽريءَ جي باهه تي تمام وڏو صدمو پهتو هو، انهن ماڻهن کي جن جو خيال هو ته اسان سياسي طور تي سڌري به سگهون ٿا. اها باهه جنهن ۾ سوين مزدور جيئري سڙي ويا، انهن جي موت جو الزام اسان مان ڪو به باهه مٿان نه ٿو مڙهي سگهي. ڇو ته ان جو سبب اتفاقي نه هو. جڏهن هٿ سان باهه لڳائي وڃي ۽ نه صرف باهه لڳائي وڃي پر پهرين فيڪٽريءَ جا دروازا بند ڪيا وڃن ۽ ان کان پوءِ باهه ڀڙڪائي وڃي ته ان عمل جهڙو قابل نفرت عمل ٻيو ڪو به نه ٿو ٿي سگهي. ڇو ته انسانيت جي خلاف ٿيل اهو واقعو هٿرادو هو. ساڳي طرح سان هن مهل اسان جي ملڪ ۾ ۽ اسان جي ملڪ جي مارڪيٽن ۾ جيڪا مهانگائي آهي، اها ڪنهن به اچانڪ پيدا ٿيل سبب جي ڪري به ناهي ۽ ساڳي طرح سان اسان ان جو الزام ڪورونا جي مٿان به عائد ڪري نه ٿا سگهون. ڇو ته جنهن وقت ڪورونا هئي ۽ جنهن وقت ڪورونا پنهنجي پوري عروج تي هئي، ان مهل ته اسان جي مارڪيٽن ۾ عام استعمال جون شيون ان حد تائين مهانگيون نه هيون جو ماڻهو انهن جي ڪري تمام گهڻو پريشان ٿي وڃن. مهانگائيءَ جو هي تازو طوفان ڪورونا کان پوءِ آيو آهي ۽ ان طوفان سبب انسان تمام گهڻو پريشان ٿي ويا آهن ۽ ملڪ ۾ هنگامي حالتون پيدا ٿيڻ جو خوف پيدا ٿي ويو آهي. ڇو ته پيٽرول ۽ ڊيزل کي جيترو مهانگو ڪيو ويو آهي، ايترو اڳ ڪڏهن نه ڪيو ويو هو. حڪومت جو اهو الزام به آهي ته جيڪا به تيل جي اصل قيمت هئي، ان جي مٿان تحريڪ انصاف جي حڪومت مصنوعي طور تي پابندي هڻي ويٺي هئي ۽ عمران خان پاڻ به اها ڳالهه تسليم ڪري رهيو آهي ته هن جي مٿان تيل جون قيمتون وڌائڻ جي سلسلي ۾ تمام گهڻو دٻاءُ هو پر هن ٻين ذريعن کي استعمال ۾ آڻي تيل جي قيمتن جو بار عوام جي مٿان نه وجهڻ ڏنو. ممڪن آهي ته عمران خان جي حڪومت ختم ڪرڻ جي پويان جتي ٻين سببن جو هٿ هو، اتي هڪ سبب اهو به هجي جو هو عالمي مالياتي ادارن جي حڪم تي پنهنجن ماڻهن جي مٿان مهانگائيءَ جو تمام وڏو عذاب نازل ڪرڻ جي حق ۾ نه هو. ممڪن آهي ته عمران خان جي خلاف اهي عالمي قوتون به هجن، جن جو خيال هو ته عمران خان پاڪستان جي عوام کي پيڙڻ جي سلسلي ۾ اسان سان تعاون نه ٿو ڪري. ان ڪري هن جي جاءِ تي اهڙا حڪمران آندا وڃن، جيڪي اسان جي اشاري تي پنهنجي ملڪ جي مٿان مصيبت جا پهاڙ ڪيرائڻ جي لاءِ تيار هجن. جيڪڏهن ان قسم جي امڪان کي اسان صرف پنهنجي نظر ۾ رکون ته اسان کي اهو به محسوس ٿيڻ لڳندو ته جهڙي ريت مصنوعي سهانگائي ممڪن آهي، تهڙي طرح مصنوعي مهانگائي به ممڪن آهي. ظاهر آهي ته دنيا ۾ هر هنڌ تي تيل جون قيمتون هڪجهڙيون ناهن. انهن ملڪن ۾ تيل جون قيمتون گهٽ آهن، جتان تيل نڪري ٿو ۽ انهن ملڪن ۾ به تيل جون قيمتون گهٽ آهن، جتي جون حڪومتون تيل جي مد ۾ عوام جي مٿان بار وجهڻ بدران پنهنجي پاران تيل جي مد ۾ سبسڊي ڏين ٿيون. بلڪل ائين جيئن عمران خان جي مٿان الزام آهي ته هن هٿ وٺي ملڪي معيشت کي تباهه ۽ برباد ٿي ڪيو، ان جو مطلب اهو ٿيو ته جيڪو حڪمران ڪوششون ڪري مهانگائيءَ کي ڪنٽرول ڪري ٿو، اهو عمران خان وانگر ڏوهاري آهي. پر هن ڪالم جو مقصد عمران خان جي حمايت ڪرڻ نه پر ان مهانگائيءَ جي مخالفت ڪرڻ آهي، جيڪا مصنوعي طور تي عوام جي مٿان مڙهي وئي آهي ۽ ان مهانگائيءَ جي ڪري هن وقت پورو معاشرو تمام گهڻو پريشان آهي. پورهيت ماڻهو بکن ۾ پاهه ٿيڻ لڳا آهن. گهرن جا چلها وسامڻ لڳا آهن. ڪنهن کي خبر نه ٿي پوي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڇا ٿيندو؟ اهو خوف اسان جي مٿان لامارا ڏئي رهيو آهي ته هيءَ مڙهيل ۽ مجبور حڪومت هٿ سان مهانگائي ڪري عوام جو جيئڻ حقيقي طرح سان جنجال بڻائيندي.