پاڪستان جي آبادي ذري گھٽ ٽيويھه ڪروڙ ٿي ويئي آهي. ان سڄي آباديءَ مان وڌا ڪري لکجي ته نوي سيڪڙو عوام مھانگائي ۽ بيروزگاريءَ کي ملڪ جو وڏي ۾ وڏو مسئلو سمجهن ٿا ڇاڪاڻ ته انھن ٻن سببن جي ڪري سندن جياپو ڏاڍو ڏکارو ٿي چڪو آهي. ڪروڙين غريب مسڪين ماڻهن کي اھا ڄاڻ ئي ناهي ته FATF جي رنگدار لسٽ مان پاڪستان جو نالو ڪڍي سفيد لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ماڻهن جو مسئلو آهي ته پنهنجن پيٽ بکايل ٻارن ٻچن کي ٻه ويلا ماني ڪيئن کارايون؟ تيل جي اگھن ۾ سامراجي اداري آئي ايم ايف جي حڪم تي ڪيل تازي واڌ ته The last straw on the camel’s back.
وانگر ماڻهن جي چيلھه ڀڃي ڇڏي آهي. اسان کي ڄاڻ آهي ته پاڪستان اندر جمھوريت جي لباس ۾ آمريت ڪارفرما آهي. سمورا فيصلا نام نهاد جمھوري حڪومتن تي به مڙھيا وڃن ٿا. ڇو ڀلا ھي اربين روپين جي ڪرپشن ڪيسن ۾ ڦاٿل ۽ پاڻ کي عوام جا چونڊيل نمائندا سڏائيندڙ حڪمران پنهنجن ڪارخانن، جاگيرن ۽ پرڏيهي بينڪن ۾ لڪايل ڪروڙين ڊالرن کي ڪتب آڻي آئي ايم ايف جو قرض لاهين؟ ھي قرض غريب عوام نه پر ھنن پي ڊي ايم اتحاد ۾ ويٺل مک سياسي اڳواڻن جي حڪومتن ۾ ئي ته کنيا ويا هئا. آخر ڇو ترڪيءَ جي مالدار سيڙپڪارن سان وزير اعظم شھباز شريف جي ھفتو اڳ ٿيل ملاقات ۾ ميان نواز شريف جو پٽ لنڊن مان اچي شريڪ ٿيو؟ ڇا ھو ڪو سرڪاري عهديدار يا وزير ڪبير ھو جنھن کي ھڪ آفيشل ميٽنگ ۾ غير قانوني ۽ غير اخلاقي طريقي سان گھرائي شامل ڪيو ويو ؟ ظاهر آهي ته ترڪيءَ جا سرمائيدار جيڪا سيڙپ ڪندا ان ۾ شريف خاندان جي حصيداري خاطر ئي نواز شريف جو پٽ پرڏيهي سفارتڪاري جي سمورن اصولن کي لتاڙي شريڪ ٿيو.
فقط ايئن ناهي ته ھن ملڪ جا ماڻهو بدترين حڪمرانيءَ جي ڌٻڻ ۾ رڳو تيل مھانگو ڪندڙ ھن تازي فيصلي کان پوءِ ڦاٿا آهن. اھو مھانگائي جو عذاب مٿن جنرل ضياءَ جي زماني کان وٺي ھر سال جون مھيني ۾ نازل ٿيندو ھو. بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جي شروعات به جنرل ضياءَ الحق کي عالمي بئنڪ طرفان ڏنل وزير خزانه ڊاڪٽر محبوب الحق ڪئي ھئي. آئي ايم ايف سان عمران خان ته فقط هڪ دفعي معاهدو ڪيو هو جيڪو سندس چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي دٻاءُ ھيٺ اچي ڪيائين. ھونئن به 2018 کان اڳ وارين سمورين حڪومتن تي ھن سامراجي اداري اربين ڊالرن جون نوازشون ڪيون. ماڻهن کي خبر آهي ته شريف خاندان، زرداري جي فيملي، جنرل پرويز مشرف جو ڪٽنب ۽ ٻيا حڪمران پنھنجن ابن ڏاڏن کان وٺي ارب پتي ھرگز نه ھئا. ھنن فوجي توڙي سياسي اڳواڻن قومي خزاني ۾ ايندڙ پرڏيهي ناڻي مان ئي پنهنجا کيسا گرم ڪري، ڪارخانا، اسٽيل ملز ۽ شگرملز قائم ڪيون ۽ دبئي، سعودي عرب، يورپ توڙي آمريڪا ۾ جائيداد خريد ڪيائون.
پي ڊي ايم جي اتحادي سرڪار جا وزير ۽ مشير وڏي نالائقي سان عوام کي ھدايتون پيا ڏين ته ماني گھٽ کائو ۽ چانهھ جو به ھڪڙو ڪوپ پيئو. ھي ته انهن مسڪين ماڻهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ برابر آهي جن وٽ ھڪ ويلي جي مانيءَ لاءِ به پئسا نه آهن.
اڄوڪي ھن ڪالم جو مٿي جيڪو عنوان آهي سو جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جي بيان مان کنيل آهي. ھن ئي چيو آهي ته پي ڊي ايم سرڪار جي مڙھيل ٽئڪسن ماڻهن لاءِ ماني مھانگي ۽ موت سستو ڪري ڇڏيو آهي. پنجاھه سالن کان وڌيڪ پنھنجي صحافتي سفر ۾ پھريون ڀيرو اڄ مون جماعت اسلامي جي ڪنهن اڳواڻ جا چيل لفظ پنهنجي ڪالم ۾ شامل ڪيا آهن.
عام استعمال جي شين تي روز روز نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ يا تيل ۽ گيس جا اگهھ وڌائڻ جي نتيجي ۾ ملڪ جي واپار، ٽرانسپورٽ، دوڪانن توڙي ڪارخانن جي اپت گھٽجڻ سان گڏوگڏ ڪروڙين پورھيتن جو روزگار به بند ٿيو وڃي. وزير اعظم شھباز شريف جي ٻن مھينن واري حڪومت ۾ ھي جيڪو ھاڻي بجيٽ کان پوءِ پيٽرول، ڊيزل، گيس ۽ بجليءَ جي اگھن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي ان جي ڪري ڪراچيءَ کان پنجاب تائين ڪيترائي ڪارخانا مالڪن بند ڪري ڇڏيا آهن. ھنن جو چوڻ آهي ته بجليءَ جي لوڊشيڊنگ کين اڳ ۾ ئي پيداوار گھٽائڻ تي مجبور ڪيو ھو پر ھاڻي جيڪو تيل مھانگو ٿيو آهي ان جي ڪري هنن کي نقصان رسيو آهي. ظاهر آهي ته وڌيڪ نقصان نه ٿا سھي سگھن تنھن ڪري پنھنجن ڪارخانن کي تالا ھڻي ڇڏيا اٿن. ڪراچيءَ جو فقط هڪڙو ڪارخانو ٽي ڏينهن اڳ ۾ لاڪ ڊائون ڪرڻ سان اڍائي ھزار پورھيت ۽ ھنرمند عورتون ۽ مرد پنهنجي روزي وڃائي ويٺا آهن. جيڪڏهن آئي ايم ايف جي دٻاءُ تي اڳتي به تيل جون قيمتون وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته تمام گهڻا ڪارخانا بند ٿي ويندا ۽ ان جي نتيجي ۾ لکين مزدور بيروزگار ٿيندا. جن ماڻهن ڪاوڙ وچان پنهنجا رڪشا ۽ موٽرسائيڪلون ساڙي ڇڏيون آهن، انھن جي گھرن ۾ فاقا آهن. پاڪستان جي زرعي معيشت به سرمائيدارن پاران ڀاڻ ۽ ڪينئان مار دوائن کي مھانگو ڪرڻ ۽ پاڻيءَ جي ھان ڏاريندڙ اڻاٺ سبب لکين ايڪڙن تي پوک نه ٿي سگهي آهي. اسان اڄ به ڏيساور مان ڪڻڪ خريد ڪرڻ تي مجبور آهيون. سارين جي پوک لاءِ درياهن ۽ ڪئنالن ۾ پاڻي نه هئڻ جي ڪري ھيل چانورن جي ايڪسپورٽ پڻ سخت متاثر ٿيندي جنهن سان آبادگارن ۽ ھارين جي معاشي حالت (جيڪا ھن مھل به تڪليف ڏيندڙ آھي) وڌيڪ خراب ٿيندي. صوبائي وزير اسماعيل راهو جو ڇنڇر وارين اخبارن ۾ بيان ڇپيو آهي ان ۾ چيو ويو آهي ته آبادگار پاڻيءَ جي کوٽ سبب پريشانيءَ وچان پنهنجيون ٻنيون وڪڻي رهيا آهن. جيتوڻيڪ اقتدار ۾ ويٺل حاڪمن ۽ سندن وزيرن ڪبيرن کي پنهنجي پنهنجي ٻنيءَ لاءِ سدائين چوريءَ جو پاڻي به آبپاشي کاتي جا عملدار پھچائيندا رهيا آهن پر لڳي ٿو ته ھاڻي ايڏي وڏي اڻاٺ ٿي آهي جو پڇڙي وارن يا بي پھچ آبادگارن ۽ ھارين جي حصي جو چوري ڪرڻ جيترو پاڻي به ناياب ٿي ويو آهي.
اڄوڪي دؤر ۾ چوري، رشوت ۽ حرامخوري رڳو آبپاشي کاتي ۾ نه پر اسپتالن ۽ اسڪولن کان وٺي يونيورسٽي سطح تائين عام جام آهي. منهنجي ذاتي راءِ آهي ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر قومي خزاني مان وڌ کان وڌ چوري ۽ حرامخوري ٿيندي رهي ٿي. نه رڳو سرڪاري عمارتن، رستن، اسڪولن ۽ اسپتالن جي اڏاوت ۾ ڪروڙين رپين جون گهوٻيون کلئي عام لڳن ٿيون پر مقدس اداري سنڌ اسيمبلي جي نئين عمارت ۽ ايم پي اي ھاسٽل جي تعمير ۾ اربين روپين جا جيڪي کاٽ ھنيا ويا آهن انھن ۾ خود سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر به گرفتار ٿيو ھو. ھن وقت به مٿس مقدمو ھلي پيو، ھو ضمانت تي جيل مان ٻاهر نڪتو، پر خبر ناهي ته بيگناھه ثابت ٿيڻ کان اڳ ۾ کيس اعليٰ ترين عھدو ڏيئي سنڌ جو گورنر ڪھڙي قانون تحت مقرر ڪيو ويو آهي؟ دنيا جي حڪمرانن جي خود داري ۽ غيرت ڏسو ته رڳو اخبار ۾ ڪا خبر ڇپجي جنهن ۾ مٿن ڪرپشن جا الزام ھجن ته ھو الزام لڳڻ شرط پنهنجي عھدي تان استعيفا ڏيئي عدالت ۾ پيش ٿيندا آهن پاڻ کي بيگناھه ثابت ڪرڻ لاءِ، پر ھتي اسان وٽ اخلاقي قدرن جو ھاسيڪار زوال آندو ويو آهي. سنڌ تي گذريل چوڏھن سالن کان حڪمراني ڪندڙ پيپلز پارٽيءَ سنڌ جي ماڻهن سان ٿوري به ھمدردي ھجي ھا ته سرڪاري خزاني ۾ جاري ڦرلٽ کي روڪڻ لاءِ سنجيدگي سان اپاءَ وٺن ھا. حيرت آهي ته ڪرپشن کي ٻنجو ڏيڻ بدران ھتي ھمٿايو وڃي ٿو. پرڏيهي بينڪن ۽ آئي ايم ايف جھڙن سامراجي ادارن وٽان حاصل ٿيندڙ ڊالرن کي عوام جي ڀلائيءَ واسطي سچي نيت سان استعمال ڪجي ھا ته اڄ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڏکايل، بکايل ۽ اڃايل مسڪين مارو ماڻهن جي گھرن ۾ بک ۽ اڃ نه ھجي ھا. پاڙيسري ملڪ ھندوستان جو مثال آهي ته اتي سوا ارب کان وڌيڪَ آبادي ھوندي به ايتري ڏيل ڏکوئيندڙ مھانگائي ناھي جيتري گھڻي اسان جي ملڪ ۾ آهي. سوچڻ گھرجي ته سوا ارب ماڻهن جي حياتين ۾ ايڏو ڏک ۽ سور ڇو ناهي جيڏو اسان وٽ ڏسجي ٿو. روزانو ماڻھن کي ٻچڙن سميت آپگھات ڪندي ڏسون ٿا. بيروزگاريءَ جي ڪري اھڙا ڏوهھ به ٿين پيا جن ۾ معمولي رقم نه ڏيڻ تان پٽ پنهنجي ماءُ يا پيءُ کي قتل ڪريو ڇڏي. ايڏيون خبرون ڪرائيم جون اخبارون ۾ اڳ ڪڏهن به نه پڙھيوسين.
عام ماڻهو جنهن جو جياپو اذيتن سان ڀرجي ٽمٽار ٿي ويو آهي، ان اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي دؤر ۾ وڌيل مھانگائي خلاف دانھيو پر اڄ جيڪي دانھون ۽ آهون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون سي اڳي کان اڳريون آهن. سچ پچ ته ماڻهن جو جمھوري نظام تان ارواح ئي کڄي ويو آهي. ھونئن به اسان واري جمھوريت کي رڳو جمھوري ويس پارائي ڍڪيو ويو آهي، ان ويس اندر آمريت پردي ۾ لڪل آهي.
ھاڻي اچون ٿا عالمي ادارن پاران پاڪستان کي فيٽاف جي رنگدار لسٽ مان ڪڍي سفيد لسٽ ۾ شامل ڪرڻ بابت وقت کان پھرين ٿيندڙ تبصرن تي جيڪي اڌ سچا اڌ ڪوڙا آهن. اھا حقيقت چٽي ٿي آهي پرڏيهي معاملن جي مملڪتي وزير ميڊم حنا رباني کر جي بيان مان.
حنا رباني کر چيو آهي ته جرمني جي شهر برلن ۾ ھن اداري جي ميمبر ملڪن مان 206 ملڪ شريڪ ٿيا جن جي اڪثريت پاڪستان کي سفيد لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي پٺڀرائي ڪئي. ان کان سواءِ آئي ايم ايف، اقوام متحده، عالمي بئنڪ ۽ ڪجھه ٻين ادارن جا ڪاري ناڻي بابت ماھر عيوضي به شريڪ ٿيا. گڏجاڻي ختم ٿيڻ کان پوءِ فاٽيف جي سربراهه مارڪس پليئر پريس ڪانفرنس کي ٻڌايو ته پاڪستان جو نالو سفيد لسٽ ۾ في الحال شامل نه ڪنداسون. اسان جو ھڪ وفد ايندڙ آڪٽوبر مھيني ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو ۽ اھو وا سواءُ وٺي رپورٽ پيش ڪندو ته سال 2018 کان 2021 تائين اسان جي شرطن تي ڪيتري قدر عمل ڪيو اٿن. اسان اھا پڪ ڪرڻ گھرون ٿا ته ھي عمل رڳو ڏيکائي ڏيڻ وارو ته ناھي. سچ پچ اھو پائيدار ھوندو يا ڪجھه وقت کان پوءِ پلٽو کائي ويندا. بيشڪ پاڪستان جي حڪمرانن دھشتگردي ۽ ڪاري ناڻي کي ڌوئي اڇو ڪرڻ لاءِ اڳڀرائي ڪئي آهي جنهن ۾ دھشتگردن جي ٽاپ ليڊرشپ خلاف ڪارروائي ڪرڻ جا به ثبوت مليا آهن. پر تڏهن به حتمي فيصلو اسان جي وفد طرفان آڪٽوبر ۾ پيش ٿيندڙ رپورٽ جي روشني ۾ڪيو ويندو.