ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

فقير قادربخش بيدل: جيڪو محبوب کي دل ڏئي بيدل بنيو – I

Editorial-Article-Ishaq Mangrio

رشيد ڀٽي چواڻي ته “روهڙيءَ جو هي يگانو، ديوانو، عاشق مزاج ۽ بي پرواهه شاعر جيتوڻيڪ پنهنجن اڳين شاعرن کان تمام گھڻو متاثر به نظر اچي ٿو، خاص طرح سان ڀرپاسي جي شاعرن جن ۾ سچل سرمست، خوش خير محمد هيسباڻي ۽ نانڪ يوسف کان، تنهن هوندي به هن وٽ اسان کي منفرد بيان جو انداز ۽ بي باڪيءَ وارو ڀرپور اظهار ملي ٿو. هن تصوف جي نعرهءِ مستانه ۽ انداز کي پنهنجي منزل تائين پهچائي ڇڏيو آهي. هن جي اظهار ۾ جيڪا بيباڪي ۽ طنز آهي، اها هن کان اڳ ڪنهن شاعر ۾ نه هئي. هن جي شعر ۾ مذهب جي ظاهريت، بي روح ۽ هٿ ٺوڪي تعبير خلاف اظهار سان گڏ ان تي ڀرپور تنقيد ۽ طنز پڻ ملي ٿو. هن مجازي عشق ذريعي حقيقي عشق تائين پهچڻ جو رستو به ٻڌايو آهي.”
هن زندگيءَ جو وڏو حصو سير سفر ۾ گذاريو ۽ مختلف ماڳن مڪانن علم جي مرڪزن ۽ درگاهن تي پير ڌريا. فقير قادر بخش بيدل جي زندگيءَ جي مطالعي مان ڄاڻ ملي ٿي ته هو شاهه لطيف ڀٽائي وانگر فقير قادر بخش بيدل جھر جھنگ جھاڳيو، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گھمي مشاهدو ماڻيو. هن جتي ٻڌو اتي بنا ڪنهن مروج تعصب جي ويو. پنهنجي دور جي سگھڙن، سالڪن، عاشقن، عارفن، عالمن شاعرن سان رهاڻيون ڪيون. سندن مجلسن ۾ ويٺو. مختلف بزرگن ۽ صوفين جي خيالن کان آگاهي حاصل ڪئي. هن ۾ علم جي جستجو ايڏي هئي جو هن ڀنئور وانگر هر خوشبودار گل جي مهڪ ورتي، پنهنجي علمي اُڃ اجھائڻ، روحانيت جون رمزون ماڻڻ ۽ معرفت جا موتي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪڏهن جھوڪ جا تڪيا پسيا، ته ڪڏهن سيوهڻ ۾ قلندر جي نگريءَ تي مٽيون ڀريون ۽ علم جا مٽ کڻي نڪتو. هن سيوهڻ کان واپس ٿي، جڏهن پنهنجي مرشد وٽ روهڙي پهتو ته کيس پنهنجي فارسي شاعري ٻڌائي. مرشد کيس حاصل ٿيل علم جي پالوٽ کي سمجهي ورتو. هو علم جي جستجوءَ ۾ پير ڳوٺ جي درگاهه تي پير صبغت الله اول وٽ رهيو. علم جي مرڪز جو گهرو مطالعو ڪيو ۽ ان جي پٽ پير علي گوهر جو فارسيءَ ۾ مثنوي رومي پڙهائڻ لاءِ اتاليق به مقرر ٿيو. هو پريالوءِ ۾ مخدوم محمد اسماعيل جي مزار جون مَٽيون ڀريون، ته بلوچستان جي ڀاڳناڙي ۾ عقيدت لاءِ پهتو، هو ميرانپور جي درٻار ۾ به ويو ۽ ان جي پٽ جي نارو ۾ تجل شريف به ويو. هو ڪڏهن ڍورو نارو، ڪڏهن درازا جي حضور ۾ ويهي سندن صحبت مان فيضياب ٿيو. سندس ڪم جو مرڪزي نقطو تصوف جو ڦهلاءُ آهي، پر ان کانسواءِ هن مذهب، تاريخ ۽ تمثيلي داستانن بابت ڪتابَ لکي پنهنجي علمي حيثيت مڃائي. بيدل يادگار ڪميٽيءَ جي سيڪريٽري اختر درگاهيءَ موجب هن پنهنجي 59 سالن جي زندگيءَ ۾ فارسي، اردو، سنڌي ۽ سرائڪي، پنجابي، هندي، عربي ٻولين ۾ نثر ۽ نظم جا 40 ڪتاب لکيا. سنڌ جي ڪلاسيڪي ادب جي شاعرن ۾ اهو مقام فقير قدر بخش بيدل جو آهي جنهن ننڍي کنڊ جي سڀني مشهور ٻولين ۾ شاعري ۽ نظم ۾ لکيو آهي. سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ شاهه لطيف، سچل ۽ بيدل فقير هڪ تسلسل سڏجي ٿو. بيدل فقير لطيف سائين جي وفات کان 62 سال پوءِ جنم ورتو. سچل جي وفات وقت 12 سالن جي ڄمار ۾ هو. نتيجي ۾ فقير قادر بخش بيدل جي فڪر توڙي فن تي لطيف واري نماڻائي، نهٺائي ۽ اعتدالي ۽ سچل جي سرمستيءَ وارو رندي رنگ ۽ مستي موجود آهي.
درگاهه تي سجاده نشينن جي وچ ۾ هلندڙ تڪرار:
فقير قادر بخش بيدل جي درگاهه جي سجاده نشينن جي دعويدارن جي وچ ۾ صوفياڻي رنگ ۽ بريلوي انداز رکڻ واري هلندڙ تڪرار کان پوءِ عدالتي حڪم تي درگاهه ڪيترن ئي سالن کان بند پيل آهي. اهڙو تڪرار سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي درگاهن تي پڻ هلندڙ آهي. ساڳي صورتحال فقير قادربخش بيدل جي درگاهه سان اختيار ڪيل آهي. فقير قادر بخش بيدل جي وفات وقت سندس پٽ محسن بيڪس (جيڪو پڻ قادر ڪلام آفاقي ۽ صوفي شاعر آهي) 13 سالن جي ڄمار جو هو. هو ان عمر ۾ پنهنجي والد صاحب وانگر مجازي عشق جي چوٽ تي پهتل هو. محسن بيڪس جي عزيزن کي خيال آيو ته سندس شادي ڪرائي وڃي ته جيئن سندس خيال ۾ ڪا تبديلي اچي. پر شادي ڪرائڻ جي باوجود هن جي خيال ۾ ڪا تبديلي ڪانه آئي. محسن بيڪس کي اولاد ڪونه ٿيو. پر فقير قادربخش بيدل جي درگاهه تي سندن عزيز سجاده نشين ٿيندا رهيا آهن. جن ۾ اڳتي هلي اختلاف سامهون آيا آهن. درگاهه جي سجاده نشيني ۽ فقعي معاملن تي هلندڙ تڪراري معاملا عدالت سڳوري ۾ هلندڙ آهن. اهي ڪيس مختلف وقتن تي ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي تي عدالتن ۾ داخل ڪريا آهن.
بهرحال انهيءَ تڪراري پهلوءَ کان هٽي ڏسجي ته شاهه لطيف ۽ سچل سائين جي ميلن تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن کان پوءِ فقير قادر بخش بيدل جي سالياني ميلي ۾ پڻ سرڪاري سطح تي ادبي ڪانفرنسون راڳ جي رهاڻ جو رواج ٿيو. اهڙن ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۾ علمي ۽ ادبي طور تي فقير جي شاعري، نثر ۾ فارسي، سنڌي، اردو، هندي، عربي ، پنجابي سرائڪي ۾ لکيل ڪم تي تحقيقي ڪم ٿيڻ شروع ٿيو. فقير قادر بخش بيدل جا شاعري ۽ نثر وارا ڪتاب، يادگار ڪميٽيءَ پاران ڇپائڻ، ترجمو ڪرڻ ۽ ٻين تحقيقي ڪمن شروع ڪيا ويا هئا. ڪيترن ئي سالن کان سنڌ حڪومت پاران فقير قادربخش بيدل جي ميلي جي موقعي تي ضلعي سکر ۾ هڪ ڏينهن جي عام موڪل ٿيندي رهي آهي ۽ سنڌ جي ثقافت کاتي ۽ ضلعي حڪومت پاران ادبي ڪانفرنس ۽ سووينئر ۽ شاعري ڇپائڻ وارو ڪم ٿيندو رهيو آهي. هونءَ به فقير قادربخش بيدل جي درگاهه جو صوفياڻو پسمنظر هئڻ جي باوجود عام سندن طالبن جو وڏو انگ موجود آهي. پر ٻين درگاهن وانگر سندن پيري مريدي وارو انداز نه آهي. پر ڏٺو ويو آهي ته جڏهن کان سالياني ميلي جي موقعي تي هڪ ڏينهن واري موڪل ٿيڻ ۽ سرڪاري طور تي وزيرن، ناظمن ۽ ميئرز ۽ ٻين آفيسرن ۽ عملدارن جو اچڻ ۽ ادبي ڪانفرنس ۽ راڳ رنگ لاءِ سرڪاري بجيٽ جي هجڻ کان پوءِ سجاده نشينن جي وچ ۾ تڪرار وڌي ويو آهي. جن ۾ هڪ ته آفيشل طور ڪهڙي ڌر کي سرڪاري پروٽوڪول ملڻ گهرجي. ان ڪري سرڪاري پروگرامن ۾ ٻئي ڌريون پنهنجو پنهنجو اثر رکڻ چاهين ٿيون. انهيءَ پسمنظر ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ فقعي مسئلن کي سامهون آندو ويو آهي ته سالياني ميلي جي موقعي تي درگاه تي صوفياڻو راڳ ٿئي، يا مولودن جون مجلسون وغيره ٿين.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button