شوبز

فلم انڊسٽري جي بحالي ۾ وڏي سرمائيڪاري کپي: آمنا الياس

پاڪستاني اداڪارا آمنا الياس چيو آهي تھ فلم انڊسٽري جي بحالي ۾ تمام وڏي سرمائيڪاري جي ضرورت آهي، جنهن سان حالتون بهتر ٿينديون. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ اوهان ڀلي نيون فلمون ٺاهيندا رهو، ان سان فلم انڊسٽري يقينن بحال نھ ٿي سگهندي، پاڪستاني فلمن جو ڪامياب ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي، هاڻ انهن جو معيار ڏسڻو پوندو. هن چيو تھ اوهان ڀلي هڪ هزار کن فلمون ٺاهي ڇڏيو، جيڪڏهن اهي معياري ناهن تھ انڊسٽري کي ڪوبھ فائدو نھ ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button