“وحدت جي وادي”
بُک، بدحالي، بدامني، خوف، غيريقيني ۽ نااميدي اڄ جڏھن پوري دنيا کي ٿوري گهڻي فرق سان هڪ عالمي وبا جي صورت گهيرو ڪري بيٺل آهي، تڏھن اهي ماڻهو، جن جي جهولي نسل در نسل خالي رهندي آئي آهي، تن لاءِ اها ڪهڙي اميد آهي، جنهن جو ٻَل کين ٻَلوان بڻائي ۽ هو ڪجھه اڳتي وڌي سگهن!؟ بس اڄڪلھه اهو ئي خيال کڻي هُو رُلي ٿو ۽ ايئن رُلندي رُلندي ڪالھه کيس هي خيال هٿ لڳو:
ڀاڳوند آهن اُهي
جيڪي ڪنهن به
سهاري کان سواءِ جيئن ٿا
ڇو ته اُهي ڪڏھن به ڌوڪو نه کائيندا آهن
اصل ۾ بُلندي
پَستي تي ئي آڌاريل آهي
ڏٺو وڃي ته اڳي پوءِ
سڀ هڪ ئي کڏ ۾ ڪِرن ٿا
تنهن ڪري ها تنهن ڪري
هاڻ اها مرضي
توهان جي آهي ته
“مرڻ لاءِ جيئو”
يا
جيئڻ لاءِ مرو!!”
ياد رکو!!
جڏھن توهين زندگي جو
اهو راز ڄاڻي وٺندئو
تڏهن توهان جو احساس
وحدانيت سان جُڙي ويندو
۽ پوءِ زمين توڙي آسمان وارا
امن امان ۾ رهڻ لڳندا.
خليل جبران جي ڳوٺائي ميخائيل نعيمي جي رهاڻ مان اها ڳالھه ٻُڌي هو سڌو وڃي سچل جي سرمستي سان جَڙيو. اهو سچل، جنهن جي سداحيات سنينهن ۾ سمجهايل گمان مان آجي ٿيڻ واري رمز، هو ڪجهه ڏينهن پهرين پنهنجي شهر جي چرين واري اسپتال جي پٿريلي ديوار پويان قائم سائين بچل شاهه بخاري جي آستان تان، ان ويراڳي وٽان نئين سر سمجهي آيو هو جيڪو ويراڳي جانڻ سائين جي ان سٽ جي هوبهو صورت ٿي نظر آيو:
“ظاهر عمر زيان، اندر آبادي
وهي پئي وجود ۾، وحدت جي وادي…..!!”
ها، سچل جو اهو سنينهن، جنهن ۾ اجاين گمانن ۾ ورهائجي ويل انسان جي بدنصيبي جو ذڪر آهي ۽ ارمان ظاهر ڪيل آهي ان ڪوتاهه عقل تي، جنهن کي عشق جي وسعت ڪڏهن به نصيب نه ٿي سگهي ۽ اهو عقل تنگ نظري جي ڪوڙڪي ۾ ئي ڦتڪندو رهجي ويو سو رهجي ويو. ها، سچل جو اهو سنينهن سندس ويراڳي روح جو هونئن ته سدائين راهنما رهيو ئي آهي پر اڄڪلهھ سندس ديس لاءِ انهي سنينهن جي معنى وڌيڪ ضروري ٿي پئي آهي. جيتوڻيڪ هو ڪنهن سماج سڌارڪ تنظيم جو ڪوئي ڪاروباري ڪارندو ته ناهي جو شيٽ کڻي چوڪ تي بيهي المين کي ڪاروبار ڪري وڪڻي پر پوءِ به هن لاءِ سامهون آيل موڙ تي ڳالهائڻ ان ڪري لازمي ٿي پيو آهي جو مرشد طرفان ڪڏهن ڪڏهن ٻولڻ جو حڪم ٿيل آهي. تاريخ ۾ ايئن ٿيو به آهي جو وقت جا تارڪ به ناانصافي جي انتها ڏسي بازار ۾ بانٺو کڻي ڪساد بازاري ڪندڙن کان پڇاڻو ڪندا رهيا آهن. تنهن ڪري اهو ڪيئن ممڪن آهي ته جڏهن سندس ديس جي وستين ۾ “انقلابن جا دعويدار” سَنگ جي گڏيل اهميت کان انڪاري ٿي بيهن ۽ هو خاموش رهي. سو هن ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي. هر مسلڪ کان بي نيازي واري برهه جي بادشاهي مان نياپو ڏيڻ لڳو آهي انهن کي، جيڪي حق جي صورت ڏسڻ کان محروم رهجي ويل آهن. جن جي سماعتن تائين اها تنوار نٿي پهچي جنهن جو ڪوبه دين نه آهي، ڪوبه ڌرم ناهي، ڪوبه رنگ ناهي، ڪابه قوم ناهي، جيڪا عدم به آهي ته وجود پڻ. ها اها تنوار، جيڪا هر ظاهر جو ظاهر ۽ هر باطن جو باطن آهي. جنهن جي ڪابه ٻولي ناهي پر هر ٻولي ان جي ئي لهجي مان ڦٽي نڪتل آهي.
اها تنوار، جنهن کي جن ٻڌو سي اڏجي ويا، واڻجي ويا، رنگجي ويا ۽ ٻري اٿيا. جن لاءِ مرشد فرمايو آهي ته:
“ٻري جن ٻاري، آئون نه جيئندي اُن ري”
هي انهن جو نياپو کڻي آيو هو ڪالهھ ان وسندي ۾، جيڪا تڪرارن ۾ ڦاسي پئي آهي. ساڳي صورت، ساڳيو وجود، ساڳيو رت ۽ ست پر پوءِ به فرق اچي ويو آهي انهن ۾، جو هو سمجهي نه پيا سگهن ان راز کي، جيڪو سچل هيئن سمجهايو آهي ته:
“جي تو ڀانيو پاڻ، آئون ڪي ٻيو آهيان
ڪندءِ غرق گمان، ڳهلا انهي ڳالهه جو.”
ها اها ٻيائي، جنهن جي پوئيواري جن به ڪئي سي رلي ويا، رهجي ويا. پر ڇا ڪجي جو زمانو عجيب انداز ۾ ڀاڱا ڀاڱا ٿي چڪو آهي. جيترا آهن ماڻهو اوتريون ٿي ويون آهن گاديون ۽ مسلڪ. پر هن کي ته پوءِ به ٻڌائڻو آهي، هن کي ته پوءِ به ڳائڻو آهي ۽ وڄائڻو آهي ان ساز کي، جنهن تي رڳو انسان ته ڇا پر سنسار جو هر جيوَ جهومي اٿي ٿو. اهو چنگ جنهن ۾ بس وحدت ئي وحدت جا ورلاپ آهن. سو هي ڪالھه اهو ساز کڻي اچي ان وسندي ٻاهران وڄائڻ لڳو، جنهن اڳ ڪڏهن به ويڇا نه ڏٺا هئا. اها وستي، جنهن جا مرڻا ۽ پرڻا گڏ هئا. پر پوءِ الائي ڪهڙو واءُ مٽيو جو هڪ ڏينهن اهڙو آيو جو ان وستي جو جيئڻ ته جدا ٿي ويو پر مرڻ به الڳ الڳ ٿي ويو ۽ هو ڀاڱا ٿيڻ لڳا.
ڪالھه هو ان وستي ٻاهران هڪ مٽيءَ جي دڙي تي اچي ويٺو ۽ پنهنجو اهو چنگ چورڻ لڳو، جنهن ۾ سچل جو اهو سنينهن سمايل آهي ته:
جي تو ڀانيو پاڻ، آئون ڪي ٻيو آهيان
ڪندءِ غرق گمان، ڳهلا انهي ڳالهه جو
بس ساز ڇا هو، ڄڻ ته ڪا الستي وائي هئي جيڪا وڻن ٽڻن ۾ گونجڻ لڳي. وستي جا پکي پکڻ، جيوَ جانور سڀ مڙي اچي ڪٺا ٿيا ۽ پويان سندن ڌاريندڙ به ڊوڙندا آيا. جڏهن سڀ مڙي اچي ڪٺا ٿيا تڏهن هن ڳالهائڻ شروع ڪيو:
“ڇا هي اها ئي وستي آهي جنهن ۾ هاڻ زندگي ورهائجڻ لڳي آهي؟”
جيڪي به آيا هئا، تن کي اها خبر پئجي چڪي هئي ته هي پڇاڻو روايتي ناهي، تنهن ڪري سڀ خاموش رهيا ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيائون. تڏهن هن پنهنجي ساز مان وري ڌن ڇيڙي ۽ چوڻ لڳو:
“ڪو آهي، ڪو آهي توهان مان جيڪو هن وستي جي اُس ورهائي ڏيکاري؟ ڪو آهي جيڪو سانوڻ رٿ چڙهي اچڻ تي بارش ورهائي ڏيکاري، ڪو آهي جيڪو هن وستي جي ٻڪرين، ڍڳين ۽ مينهن جي کير جو ذائقو ورهائي ڏيکاري، ڪو آهي جيڪو رامو جي ٻني ۾ ٻوليندڙ ۽ رمضان جي سارين جي ديري تان چڳي اڏامندڙ ڳيري جي ٻولي ۾ فرق ڪري سگهي، ڪو آهي جيڪو آسمان کي ورهائي چئي سگهي ته آسمان جي هن حد کان اڳتي اسين ڪنهن کي به ڏسڻ ڪونه ڏينداسين… ڪو آهي…!!؟”
سڀ خاموش رهيا، ڪنهن به نه ڳالهايو.
آخر جڏهن سج ٽٻي ڏيڻ تي هو ۽ چئوڏسائن ۾ ماٺ ئي ماٺ ڇانيل هئي ته هن هيئن ڳالهايو:
“ڏاها ٿيو، پنهنجو اتهاس نه وساريو ۽ وڏڙن جي پورهئي کي اجايو ٿيڻ نه ڏيو.”
بس اتي سج لٿو ۽ اها ڳالهھ پوري ٿي جيڪا ان وستي جي امانت آهي، جنهن وستي کي الائي ڪنهن اچي ورغلايو آهي ته انقلاب اٽڪل سان به ڪي ايندا آهن. جڏهن ته انقلاب عشق جو ئي ٻيو نانءُ توڙي رُوپ آهي. تنهن ڪري اهي جيڪي سڄو ڏينهن سَندي ڪُوڙ ۽ ڪردار جي ڪُپت کي انقلاب جي نعري ۾ لِڪائي، پنهنجي پَر ۾ اهو سمجهي هلي رهيا آهن ته کين سڀ ڪجھه ڦٻي ويندو، تن کي ياد رکڻ گهرجي ته وحدت جي وادي سمنڊ جيان مُردارن کي پاڻمرادو اوڳاڇي ڇڏيندي آهي.