اسين سنڌي ائين ته وڏي فخر سان اها دعويٰ ڪندا آهيون ته اسان گذريل پنج هزار سالن کان هڪ سڌريل قوم آهيون، اسان هڪ شاندار تهذيب جا وارث آهيون، اسان جي ثقافت جهڙي دنيا ۾ ٻي ڪابه ثقافت ناهي، پر جيڪڏهن اسين حقيقت پسنديءَ سان پنهنجي سماج جو جائزو وٺون ته اسان کي محسوس ٿيندو اسان جي اهڙي دعويٰ سوا هڪ مفروضي جي ٻيو ڪجهه نه آهي. اڄ جڏهن ايڪهين صدي جو ٻيو ڏهاڪو هلي رهيو آهي ۽ دنيا ۾ هر پاسي ٽيڪنالاجيءَ جو طوفان متل آهي، اهڙي دنيا ۾ اسان سنڌي ڪٿي بيٺل آهيون؟ اسان جا علم، ادب ۽ انسان ڏانهن روايا هر هر اسان کي اهو ئي ٻڌائي رهيا آهن ته اسين هن ايڪهين صدي جي دنيا ۾ رهڻ لائق نه آهيون. اسان سنڌي جنهن علمي ۽ ادبي ڏيوالپڻي کي منهن ڏئي رهيا آهيون ان کي ڊاڪٽر رسول ميمڻ سندس حياتي ۾ ڇپيل آخري ناول “ڪتا” ۾ هڪ سٽ اندر بند ڪري ويو آهي. هن ناول جي ٽين باب جو هڪ جملو آهي ته:
“ڪتا اڪثريت ۾ هجن ته ڀونڪڻ کي ڏاهپ سمجهيو ويندو آهي.”
ناول جي هيءَ سٽ پڙهندي ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ ڊاڪٽر ميمڻ سنڌي سماج جي ڏکندڙ رڳ تي آڱر رکي ڇڏي هجي. اسان جي علمي ۽ ادبي حلقي جي حالت بلڪل ان سٽ جهڙي ئي آهي. اسان جي سماج جو بنياد سائنسي سوچ، منطق ۽ دليل کان تمام پري جذباتي انسيت (emotional attachment) تي بيٺل آهي. اهڙي سماج ۾ جيڪو به دليل، منطق يا سائنسي سوچ جي ڳالهه ڪري ٿو، ان جا سنڌي ماڻهو وڏي ۾ وڏا دشمن ٿيو پون، موجوده سنڌي سماج جي ٻي وڏي ۾ وڏي خامي اها آهي ته هيءَ سمورو سماج شخصيت پرستي ۽ هيروازم جي چڪرن ۾ ڦاٿل آهي، اوهان ڪيڏي به غيرمنطقي ڳالهه ڪريو پر ان ۾ رڳو قومپرستي ملائي ڇڏيو ته اوهان اک ڇنڀ ۾ سنڌي قوم جا هيرو به ٿي ويندا، دانشور ۽ ڏاها به ٿي ويندا. ان جي ڀيٽ ۾ ماڻهن کي عقلي ڳالهه ٻڌايو ته غدار ٿي ويندا، ڪنهن جا نه ڪنهن جا ايجنٽ ٿي پوندا.
ٻه هفتا کن اڳ مون کي ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيل هڪ سيمينار ۾ شرڪت جو موقعو مليو. اتي وڏي هام هڻندي چيو ويو ته اردو ۽ پنجابيءَ کان ويندي ٻين ٻولين جون سلينگ ڊڪشنريون ٺهيل آهن، پر افسوس جو اسان جي سنڌي ٻولي ۾ اهڙي سلينگ ڊڪشنري ناهي. جيڪڏهن سنڌي ٻولي جي سلينگ ڊڪشنري نه ٺهي ته سنڌي ٻولي ٿيليسميا جي مرض ۾ وڪوڙجي مري ويندي. اتي اها به گهر ڪئي وئي ته سلينگ ڊڪشنريءَ جي ترتيب لا هڪ الڳ ادارو کولي ڏنو وڃي. بلڪل ساڳي نموني ڪجهه سال اڳ ۾ اها مهم هلائي وئي هئي ته جيڪڏهن اسان جي ٻولي ٽيڪنالاجيءَ ۾ نه آئي ته مري ويندي ۽ اسان جي ٻوليءَ جي بقا لا هڪ الڳ اداري جي سخت ضرورت آهي. سنڌي ماڻهن جي جذبن سان اهڙي نموني کيڏيو ويو جو هر ماڻهوءَ جي زبان تي اها ڳالهه هئي ته جيڪڏهن سنڌي ٻولي کي ٽيڪنالاجيءَ ۾ آڻڻ لا ادارو قائم نه ڪيو ويو ته اسان کي پنهنجي ٻولي دفن ڪرڻي پوندي. ادارو کلي ويو ۽ هاڻي ڪنهن کي به اها پرواهه نه آهي ته ان اداري ۾ ڪهڙو ڪم ٿي رهيو آهي، ان کي ملندڙ پيسا ڪيئن ۽ ڪٿي خرچ ٿي رهيا آهن. ڇا اهو ادارو رڳو ٽن چئن ماڻهن لا کوليو ويو هو، ان ۾ ڀرتيون ڪيئن ٿيون؟ جيڪو به ان اداري جي حوالي سان هي سوال اٿاري ٿو ته اهو سنڌي ٻولي جو دشمن ٿيو پوي. هاڻي وري جيڪڏهن سلينگ ڊڪشنريءَ لا الڳ ادارو نه کوليو ويو ته سنڌي ٻولي ٿيليسميا جي مرض ۾ مري ويندي. جيئن هيءَ فرمائش هال ۾ ويٺلن اڳيان ڪئي وئي ته انهن به بنا سوچي سمجهي اتي ئي اها قرارداد منظور ڪرائي ته سنڌي سلينگ ڊڪشنريءَ لا هڪ الڳ اداري جي گهر ٿي ڪجي ۽ هال ۾ سوا منهنجي سڀني هٿ مٿي ڪري حامي ڀري. اتي ڪير اهو چوڻ وارو ڪونه هو ته سنڌي ٻولي جي بااخيتار اداري ۾ اڳواٽ ڊڪشنري سيل قائم ڪيل آهي، جنهن جو ڪم ئي مختلف لغتون جوڙڻ آهي. اهڙي صورتحال ۾ ڊاڪٽر رسول ميمڻ جو هي مٿيون جملو ياد اچڻ لڳندو آهي ۽ احساس ٿيندو آهي ته اسان جو سنڌي سماج سائنسي سوچ، منطق ۽ دليل کان ڪيترو نه پري آهي. هتي دليل ڏيڻ بدران اهو چيو ويندو آهي ته جيڪو به ڪنهن قسم جو تنقيدي سوال اٿاري ٿو، ان جو پنهنجو ڪو ذاتي مفاد هوندو يا وري ڪنهن سان ذاتي رنج هوندس.
ڊاڪٽر ميمڻ جو ناول “ڪتا” ڪتابي سلسلي “ابابيل” جي سيپٽمبر 2020ع واري شماري ۾ پورو ڇپيو ۽ جڏهن مان هي ناول پڙهڻ لڳس ته احساس ٿيم هي ناول جديد سنڌي ناول نگاري جو Milestone آهي. هن ناول جي سٽ سٽ احساسن سان ڀريل آهي ۽ هر هڪ سٽ پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي، جيئن ناول جي پهرين باب جون هي سٽون:
“ڪتي کي ٻاهر ڪڍڻ جو سبب منهنجي وحشت آهي. جڏهن ننڍو هوندو هئس ته خوشي جو احساس وڌيڪ هوندو هيو. جوان ٿيس ته مايوسي طاري ٿي ۽ هاڻي وحشت طاري آهي. وحشت ان ڪري ته دنيا ۾ هر شيءِ بي وفا آهي، ٻيا ته آهن پر انسان پاڻ سان به وفادار نه آهي. هو زندگي جي هر گذرندڙ پل ۾ پاڻ سان بي وفائي ڪندو اچي ٿو. جيڪي اڄ آهي، اهو ڪلهه نه هيو ۽ جيڪي ڪلهه هيو اهو سڀاڻي نه هوندو.”
هيءَ ناول جنهن ۾ يارهن باب ڏنل آهن ۽ ضمير متڪلم ۾ لکيل آهي، جنهن جو مک ڪردار هڪ وڏي ڄمار جو ڊاڪٽر آهي، جيڪو پنهنجي گهر ۾ اڪيلو بچيو آهي، هن سان گڏ “راڪو” نالي ڪتو آهي، پر وڌندڙ عمر، بيزاري ۽ اڪيلائيءَ جي احساس جي ڪري هو راڪو کي گهران ڪڍي ڇڏي ٿو. ائين هن ناول جي ڪهاڻي ڪتي ۽ انسان جي نفسيات جي چوڌاري ڦري ٿي. اهو ڊاڪٽر پنهنجي زندگي جي احوال سان گڏ ڪتن جو ذڪر به ڪندو هلي ٿو. ناول ۾ هڪ هنڌ اچي ٿو ته هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪا به اهڙي ڳالهه نه ڪبي جنهن ۾ ڪتي جو ذڪر نه هجي. ان ڪري ناول جي هر واقعي ۾ ڪنهن نه ڪنهن نموني ڪتي يا ڪتن جو ذڪر ملي ٿو. اڪيلو ڊاڪٽر پنهنجي ماضي کي ياد ڪندو قصو ٻڌائيندو هلي ٿو. ڳوٺ جي ذڪر کان ويندي، اتان جي سينيما ڪلچر، ڳوٺاڻي زندگيءَ کان ويندي وڏي شهر ۾ گهر ٺهرائڻ تائين، ان کانپو هڪ پٽ جي ڪينسر ۾ مري وڃڻ کان ٻئي پٽ جي ڪينڊا وڃڻ ۽ گهرواري جو اڌ رنگ کانپو گذاري وڃڻ وارو قصو، مک ڪردار جي بيوسي ۽ لاچاريءَ کي ظاهر ڪندو هلي ٿو ۽ پڙهندڙ جي اکين کي آلو ڪري وڃي ٿو. هن ناول ۾ انساني جذبن کي اهڙي ته سهڻي نموني پيش ڪيو ويو آهي جو هڪ معمولي ڳالهه به پڙهڻ دوران غير معمولي لڳي ٿي ۽ اهو ئي تخليقي ادب خاص ڪري ناول جو ڪمال آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو مون کي هڪ انٽرويو ڏيندي چيو هو: “ناول زندگي جي دوربين به ٿيندو آهي ته خوردبين به…. معنى اهو ڏورهاين شين کي ويجهو کڻي ايندو آهي ۽ ننڍڙين شين کي وڏو ڪري پيش ڪندو آهي.”
قادر صاحب جو اهو جملو مون کي حقيقي معنى ۾ ڊاڪٽر رسول ميمڻ جو هي ناول پڙهندي سمجهه ۾ آيو. هن ناول کي پڙهندي اهو پڻ احساس ٿئي ٿو ته هي آتم ڪٿائي ناول هوندو ۽ ٿي سگهي ٿو ڊاڪٽر جو ڪردار ليکڪ جو پنهنجو ئي هجي، اهڙو احساس ناول جي مهاڳ جون هيءَ سٽون پڙهي به ٿئي ٿو:
“جڏهن ماضي ۾ جهاتي پائي يادگيرين جي دنيا ۾ وڃان ٿو ته انسانن سان نفرت ۽ ڪتن سان پيار ٿي وڃي ٿو. مون پويان سوين ڪتا پڇ لوڏيندا اچن ٿا. وقت جهنگلي جانور آهي، ماضي ڪتو، حال گهوڙو ۽ مستقبل شينهن آهي.”
آتم ڪٿائي ناول مان مراد اهڙي افسانوي ٽيڪنيڪ هوندي آهي، جنهن ۾ ليکڪ حقيقي زندگي جي واقعن کي افسانويت سان ملائي پڙهندڙن آڏو پيش ڪندو آهي. هن قسم جي ناول ۾ گهڻي ڀاڱي ڪردار، واقعا، حالتون ۽ سيٽنگ ليکڪ جي حقيقي زندگي مان کنيل هوندا آهن. ناول جي هيءَ صنف ناول جي آڳاٽين صنفن مان هڪ سمجهي وڃي ٿي. آتم ڪٿائي ناول جو مثال 19هين صدي کان ملي ٿو. ڪيترن ئي مشهور ناولن کي آتم ڪٿائي ناول ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جهڙوڪر ٽالسٽا جا چائلڊ هوڊ، بوا هوڊ، ۽ يوٿ، ڊي ايڇ لارينس جو سنز اينڊ لورز يا وري هيمنگوي جو فيئر ويل ٽو آرمز وغيره.
اها به اسان جي سماج جي گڏيل طور بدقسمتي چئبي جو اسان ڊاڪٽر رسول ميمڻ جهڙي جينيئس ناول نگار کي ايڏو دير سان وڃي سڃاتو. هن 70ع واري ڏهاڪي کان لکڻ شروع ڪيو ۽ بنا ڪنهن سبب جي هن ڏاهي ليکڪ کي نظر انداز ڪيو ويو. هن ناول جي حوالي سان منهنجي را اها آهي ته جيڪڏهن هي ناول انگريزي ۾ ترجمو ٿيو ته اهو عالمي ادب جي پڙهندڙن ۽ چاهيندڙن کي سنڌي ناول ڏانهن ڇڪي ايندو.