ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڀٽن منجهھ ڀونچال-II

Editorial-Article-Noor Bajeer

گذريل ڪالم ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي ڪري پيدا ٿيندڙ ٿر جي سياسي ڀونچال جو مختصر طور ذڪر ڪيو ھو. انھيءَ حوالي سان منھنجون ڪي گذارشون ٿر جي سياسي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ ووٽرن لاءِ عرض آھن.
1- مڪاني ادارن جون چونڊون جمھوري عمل جو حصو آھن، جمھوريت مان ڪو فائدو وٺڻ چاھيو ٿا تھ پنھنجن نمائندن جي چونڊ ميرٽ تي ڪريو. جيستائين اسين پنھنجا نمائندا اھل ۽ قابل نھ چونڊينداسين، تيستائين ھن نظام مان ڪو بھ فائدو وٺي نھ سگھنداسين. اسان جي ڀوتارن جي ترجيح بي زبان ماڻھوءَ جي چونڊ ھوندي آھي ۽ اھي مڪاني ادارن جي چونڊن مان ذاتي طور خوش بھ ناھن.
2- مڪاني ادارن جون چونڊون پاڙي ۽ ڳوٺ سطح تي مقابلي جي فضا قائم ڪنديون آھن، ماڻھو ھن مقابلي کي پنھنجي عزت ۽ غيرت جو مسئلو سمجھي وڙھندا آھن ۽ چونڊن جي ڪري سماجي ھم آھنگي ۽ ٻڌيءَ کي ڪجھه عرصي لاءِ نقصان رسندو آھي، انھيءَ حوالي سان سمجھدار ماڻھن جو اھو ڪردار ٿئي ٿو تھ ماڻھن کي پاڻ ۾ جوڙي رکن ۽ سماجي ھم آھنگي توڙي ٻڌيءَ کي قائم رکڻ جي تبليغ ڪن.
3- مڪاني ادارن جي چونڊن کي وڏين چونڊن لاءِ تيار ڪرڻ، ووٽ جي اھميت کي سمجهڻ ۽ پنھمجن صحيح نمائندن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ تربيت جو موقعو سمجهڻ گهرجي. عام چونڊن ۾ جيڪڏهن لائق قيادت ايوانن ڏينھن نھ موڪلينداسين تھ پوءِ پنج سال ساڳيو عذاب ڀوڳينداسين. انھيءَ خراب حڪمرانيءَ جا ذميوار اسين پاڻ ھونداسين.
4- مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ سياسي ڀوتارن طرفان ڪيل غلط فيصلن تي عوام طرفان سامھون آيل ردعمل ھڪ سٺو سنئوڻ آھي. عوام کي پنھنجي نمائندگيءَ جو فيصلو ڀوتارن جي اوطاقن بدران ڳوٺاڻين اوطاقتن تي ويھي پاڻ ڪرڻ گهرجي.
پاڻيءَ جو ڀونڇال:
وڏين ڀٽن وارو ٿر سمنڊ جي ويجهو ھجڻ ڪري پاڻيءَ لاءِ اڃايل رھيو آھي، جر جو پاڻي اڪثر ماڳن تي کارو ملي ٿو. پراڻي زماني ۾ ھتي فقط کوھن مان پاڻي ملندو ھو ۽ برسات وارن ڏينھن ۾ ٽوڀا ۽ ترايون پاڻي حاصل ڪرڻ جو ذريعو ھونديون ھيون. چوپايو مال ۽ انسان ساڳين ٽوڀن ۽ تراين مان پاڻي پيئندا ھئا ۽ گڏ ٿيل پاڻيءَ جو مقدار برسات گهٽ يا وڌ ھجڻ جو ماپو ھوندو ھو. ماڻھو برسات جو حال احوال پڇندا ھئا تھ اھو چيو ويندو ھو، 15 ڏينھن جو پاڻي آھي يا ھڪ مھيني جيترو پاڻي گڏ ٿيو آھي.
ھاڻي ڪجھه عرصي کان اڃايل ٿر کي پاڻي فراھم ڪرڻ لاءِ بئراج ايريا جو پاڻي پائيپن رستي شھرن تائين پھچائڻ لاءِ رٿائون، کاري پاڻيءَ کي مٺو ڪرڻ لاءِ آر او پلانٽس، ھينڊ پمپ وغيره ڏنا ويا آھن. ٿر ۾ ڏڪار جي شدت کي منھن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران 730 آر او پلانٽس لڳايا ويا. انھن پلانٽس کي لڳائڻ لاءِ پاڪ اوئسس ڪمپنيءَ کي ٺيڪو ڏنو ويو. ھن منصوبي ۾ آر او پلانٽس ضرورت جي بنياد تي ملڻ بدران سياسي بنيادن تي ڏنا ويا ۽ ماڻھن کي فقط ڳوٺ ۾ پلانٽ لاءِ مناسب جڳھه ڏيڻ لاءِ مشورو ڪيو ويو. باقي سموري ڪم سرڪاري طريقي ڪار مطابق ھليو. ھر ڳوٺ مان آپريٽر ڀرتي ڪيا ويا ۽ انھن جون پگھارون پھرين ڪمپني ذريعي ڏنيون ويون، بعد ۾ پبلڪ ھيلٿ دپارٽمينٽ جي حوالي ڪيون ويو.
تازن انگن اکرن مطابق 400 آر او پلانٽس بند ٿي ويا آھن. بند ٿيل آر او پلانٽس کي ٻيھر فعال ڪرڻ لاءِ ڪجهه پلانٽس اين جي اوز جي حوالي ڪيا ويا آھن. انھيءَ ڪارڪردگيءَ مان لڳي ٿو تھ ٿرين کي پاڻيءَ جي سھوليت فراھم ڪرڻ جو ھيءَ منصوبو ٻين منصوبن وانگر ناڪام منصوبن واري لسٽ ۾ شامل ٿي ويو آھي. اڪثر بند ٿيل منصوبي جي سببن ۾ ڳوٺاڻن جي ڌڻيپ نھ ھجڻ سڀ کان وڏي مسئلي طور سامھون آيو آھي. ماڻھو جيستائين پنھنجو حصو ڪنھن منصوبي ۾ نھ وجھندا، تيستائين پائيداري ناممڪن ھوندي آھي. آر او پلانٽس ۾ لڳندڙ ميمبرين ۽ منرلس جي پورائي تمام اھم ھوندي آھي. پاڻيءَ سان گڏ گھربل منرل شامل نھ ڪبا تھ پاڻي صحت لاءِ فائديمند نھ رھندو. ٿر ۾ آر او پلانٽس جي پاڻيءَ جي باري ۾ مولوين پوليو جي ڦڙن وانگر افواهه پکيڙيا آھن تھ پاڻيءَ ۾ ڪيميڪل وجھي ٻار پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ختم ڪرڻ چاھين ٿا. انھيءَ غلط پروپيگنڊا سبب پڻ آر او پلانٽس ڏانھن ماڻھن جو ڌيان گهٽجي ويو آھي.
ٿر جي ضلعي ھيڊڪوارٽر مٺيءَ ۾ ايشيا جو سڀ کان وڏو آر او پلانٽ ٺاھيو ويو، انھيءَ ماڊل پراجيڪٽ مان اھا اميد ھئي تھ ٿر جو ھڪ ڪامياب منصوبو ثابت ٿيندو پر انتظامي خرابين جي سبب انھيءَ پلانٽ پڻ پنھجو ڪم ڇڏي ڏنو. پلانٽ تي لڳل سولر پليٽس پڻ آھستي آھستي غائب ٿينديون پيون وڃن.
ٿر جي وٽ واري علائقي يعني ڏيپلو کان اسلامڪوٽ جي ڪڇ رڻ واري پٽيءَ ۾ جر جو پاڻي مٺو ۽ زمين جي سطح جي ويجهو ھجڻ ڪري ٽيوب ويل يا سمر پمپ ذريعي ڪڍي فصل خاص طور سايون ڀاڄيون پوکيون وڃن ٿيون. ھاڻي ٿر ۾ ڪڻڪ ۽ ٻيا فصل پڻ ٽيوب ويل جي پاڻي ذريعي پوکيا وڃن ٿا. سولر جي توانائي ٿر ۾ زراعت ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جي مسئلي جي حل ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. زراعت وارو لاڙو فقط انھن علائقن ۾ آھي، جتي جر جو پاڻي مٺو ۽ ويجھو موجود آھي.
مستقبل ۾ پاڻيءَ جي ھڪ وڏي بحران يا ڀونچال کي منھن ڏيڻو آھي، اھو آھي جر جي پاڻيءَ جي کوٽ. ڪوئلي جي ھيٺيان ھزارين سالن کان جيڪو پاڻيءَ جو ھڪ وڏو ذخيرو جمع ٿيل ھو انھيءَ کي ڪوئلي جي کوٽائي واري عمل ۾ جر کان ڪڍي ٻاھر ڦٽو ڪيو پيو وڃي. انھيءَ جر جي پاڻيءَ جي ڪري وڻ ٽڻ زنده ھوندا ھئا ۽ پورو ايڪو سسٽم ھلندو ھو. انھيءَ عمل تي تحقيق جي ضرورت آھي ۽ جوڳا اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آھي.
ٿر جي جر واري پاڻيءَ جو وڏو چو ٻول گوڙاڻي ڊيم جي نالي سان دنيا ۾ مشھور ٿيو، ماحوليات جا ماھر انھيءَ سوچ ويچار ۾ پئجي ويا تھ کاري پاڻيءَ تي ڪيئن ٿو فصل پيدا ٿئي، مٺي پاڻيءَ تي پلجندڙ مڇي کاري پاڻيءَ تي ڪيئن ٿي جٽاءَ ڪري. ڪن ماحولياتي ماھرن ڪمپنيءَ جي ساک کي بچائڻ لاءِ وڏا جتن ڪيا ۽ نيٺ اھو ثابت ڪيو تھ دنيا ۾ سڀ ڪجھه ممڪن آھي. گوڙاڻي ڳوٺ جا قديم وڻ کاري پاڻي سبب سڪي ويا ۽ جر جو پاڻي پڻ مٺي مان کارو ٿي ويو. انھيءَ علائقي ۾ ٻيون ماحولياتي تبديليون پڻ متوقع آھن، جن تي تحقيق جي ضرورت آھي. اھو ھڪ گوڙاڻو ڊيم ٺھيو آھي ۽ ڪوئلي جي سڀني بلاڪس تي ڪم شروع ٿيو تھ اھڙا ٻيا 14 گوڙاڻو ڊيم ٺھندا.
ٿر ۾ پاڻي جي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ ڪجھه تجويزون عرض رکجن ٿيون.
1-ٿر ۾ برسات دوران ڪارونجھر مان پاڻي ندين جي صورت ۾ ڪڇ جي رڻ ۾ داخل ٿئي ٿو. انھي پاڻيءَ کي ڪنھن ڊيم جي صورت ۾ گڏ ڪري رکجي تھ ننگرپارڪر ۽ ان جي ويجهڙائي وارن علائقن ۾ آسانيءَ سان پوکي ٿي سگهي ٿي. ڪارونجھر جبل جي اندر ڪجھه ڊيم ٺاھيا ويا آھن پر انھن جو بنيادي ڪم فقط پاڻي کي ڪجھه دير لاءِ روڪڻ آھي، جيئن اھو پاڻي زمين جي اندر چارج ٿي سگھي.

  1. گوڙاڻي ڊيم واري منصوبي جي ماحولياتي تجزيو ڪنھن ساک واري اداري کان ڪرائي انھي منصوبي جي سبب ماحول تي پوندڙ اثرن کي جاچيو وڃي ۽ ڪوئلو ڪڍندڙ ڪمپنين کي ڊيم ٺاھڻ کانسواءِ ٻين موزون طريقن تي غور ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو وڃي. مثال طور زمين مان ھڪ ھنڌ کان پاڻي ڪڍي ڪنھن ٻئي ھنڌان ٻيھر پاڻيءَ کي زمين جي اندر انجيڪٽ ڪيو وڃي.
    3- ٿر ۾ آر او پلانٽس، ٽيوب ويل ۽ ھينڊ پمپ لڳائڻ سان پاڻي وڏي مقدار ۾ جر مان ڪڍيو پيو وڃي، ماحوليات ۽ پاڻيءَ جي ماھرن تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي انھيءَ عمل جو اڀياس ڪرايو وڃي تھ جر ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري ڪھڙا ماحولياتي اثر پئجي سگهن ٿا .
    4- ٿر ۾ لڳايل آر او پلانٽس کي ڳوٺاڻن جي حوالي ڪرڻ ۽ انھيءَ منصوبي کي جٽادار بنيادن تي ھلائڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آھي. ماڻھن جي ذھنن ۾ آر او پلانٽس جي پاڻيءَ ۾ شامل ٿيندڙ منرلس جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ جي ضرورت آھي.
    5- ٿر ۾ برسات جي پاڻيءَ کي گڏ ڪري رکڻ لاءِ پاڻيءَ جا ٽانڪا ٺاھڻ جو سستو ۽ جٽادار ماڊل اڳ ۾ متعارف ٿيل آھي. حڪومت کي انھيءَ ماڊل کي ھٿي ڏيڻ لاءِ ڪا رٿابندي ڪرڻ جي ضرورت آھي.
    (ھلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button