ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا: خوشخبري پر ڪنهن لاءِ؟

Editorial

ملڪ جو هر صوبو ڪنهن نه ڪنهن معدنيات سان مالا مال آهي. سنڌ ان حوالي سان وڌيڪ مالا مال آهي، ڇاڪاڻ ته هتي تيل، گئس ۽ ڪوئلي جا وڏا ذخيرا موجود آهن، پر سنڌ جي معدنيات سنڌ تي خرچ ٿيڻ بدران ملڪ جي ٻين صوبن تي خرچ ٿيندي رهندي آهي، ان ڪري سنڌ جي معاشي حالت بهتر ڪانه پئي ٿئي ۽ ان کان سواءِ صوبن کي ملندڙ رائلٽي به نالي ماتر آهي. جنهن حساب سان سنڌ ۾ معدني وسيلا موجود آهن، ان حساب سان سنڌ جا معاشي مسئلا حل ٿيڻ گهرجن. جيڪي به صوبائي اسم آهن، انهن تي وفاق ڌاڙو هڻندو رهندو آهي. ان ڪري سنڌ مان جتان به نوان ذخيرا دريافت ٿين ٿا ته انهن جي مالڪي سنڌ بدران وفاق ۽ پنجاب ڪندو آهي. اتي جڏهن ڪم شروع ڪيو ويندو آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ بدران پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي ماڻهن کي روزگار لاءِ گهرايو ويندو آهي ۽ مقامي ماڻهن جو استحصال ڪيو ويندو آهي. ان کان سواءِ انهن وسيلن تي رسائي به پنجاب تائين ڪئي ويندي پر مقامي ماڻهو لوڙيندو رهندو آهي. سنڌ ۾ ذخيرن جي دريافت ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي ماڻهوءَ کي اها خبر پئجي ويندي آهي ته اهي ذخيرا ڪنهن به ريت سنڌ جي استعمال نه ٿيندا پر سنڌ کان ٻاهر ضرور استعمال ٿيندا. تازو ٽنڊوالهيار ۾ گئس ۽ تيل جا نوان ذخيرا دريافت ٿيا آهن. پر انهن جو لاڀ اتان جي ماڻهن کي ملڻ محال آهي.
سنڌ ۽ پنجاب ۾ تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا دريافت ٿيا آهن. او جي ڊي سي ايل تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا ڳولهڻ ۾ هڪ وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. ڪمپني جي ماهرن سنڌ ۽ پنجاب ۾ تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا دريافت ڪيا آهن. ترجمان موجب پهرين ڪاميابي سنڌ مان ٽنڊوالهيار ضلعي جي نم بلاڪ مان ملي، جتان نم کوهھ اوڀر هڪ مان روزاني 1400 بيرل تيل جڏهن ته 5 ڏهائي ٻڙي 2 ملين ايم ايم ايس سي ايف ڊي جا ذخيرا مليا آهن. ان کان سواءِ او جي ڊي سي ايل کي ڪلچاس بلاڪ صوبي پنجاب ۾ ڪلير شم هڪ تي گئس دريافت ڪرڻ جي ٻئي ڪاميابي ملي آهي، ترجمان موجب ڪلچاس ايڪسپلوريٽري لائسنس تحت او جي ڊي سي ايل ۽ ايم پي سي ايل 50-50 سيڪڙو جي جوائنٽ وينچر تحت حصيدار آهن. ڪلچاس بلاڪ ڪليري شم کوھه هڪ مان هڪ ڏهائي 24 ملين ڪيوبڪ فٽ گئس روزاني جا ذخيرا مليا آهن، جنهن کي مقامي وسيلن تي انحصار جي حوالي سان اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي. ترجمان موجب نون ذخيرن سان ملڪي تيل ۽ گئس جي ذخيرن ۾ خاطر خواهھ اضافو ٿيو آهي، اضافي پيداوار سان ملڪي توانائيءَ جي طلب ۽ رسد جي فرق کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
سنڌ ۾ ان قسم جا ذخيرا ملڻ ڪا نئين ڳالهه ڪانهي، اهو سلسلو ته سالن کان هلندو پيو اچي پر اصل معاملو مالڪيءَ جو آهي. جيڪا ڪانه پئي ٿئي. ارڙهين ترميم کان پوءِ صوبن مان ملندڙ معدنيات جو وڏو حصو صوبي جي ماڻهن کي ملڻو آهي پر هيستائين صوبن جي ماڻهن کي اهڙو ڪجهه به ڪونه مليو آهي، جنهن سان انهن جي علائقن جي ترقي ٿي سگهي ۽ اتي خوشحالي اچي سگهي. گهوٽڪي، سانگهڙ، بدين ۽ ٿر ۾ سالن کان معدنيات نڪري پئي پر هيستائين ڇا اتان جي ماڻهن کي بهتر سهولتون مليون آهن، ڇا اتان جي ماڻهن لاءِ ڪي ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن يا وري انهن ماڻهن جا بنيادي مسئلا حل ٿي سگهيا آهن. انهن ضلعن کي ڏسي لڳي ٿو ته اهي ڀڙڀانگ ٿيل ضلعا هجن جتي ڪابه معدنيات نه نڪرندي هجي، جيڪڏهن هاڻ ٽنڊي الهيار مان نوان ذخيرا نڪتا آهن ته ان سان گهٽ ۾ گهٽ اتان جي ماڻهن جو فائدو ته نه ٿيو هوندو. انهن ذخيرن جو صحيح استعمال تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن انهن جو لاڀ عوام کي ملي سگهي، ملڪ ۾ هن وقت تيل بنهه گهڻو مهانگو لڳو پيو آهي ته ڇا ملڪ ۾ موجود تيل جي ذخيرن مان نڪرندڙ تيل کي ملڪي ضرورتون لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي، جڏهن اهو تيل ملڪ مان نڪري پيو ته ان کي سستي اگهه تي ڇو نٿو استعمال ڪيو وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته وفاق کي پنهنجو رويو تبديل ڪرڻ گهرجي، سنڌ مان نڪرندڙ معدنيات تي پهريون حق سنڌ جي ماڻهن جو آهي، تنهنڪري انهن ماڻهن کان اهو حق کسڻ نه گهرجي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هاڻوڪن وسيلن توڙي مستقبل ۾ نڪرندڙ وسيلن جي مالڪي صوبن حوالي ڪئي وڃي ته جيئن اتان جي ماڻهن جي معاشي حالت بهتر ٿي سگهي، انهن علائقن جي ترقي ممڪن ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته وسيلن جو ان کان بهتر استعمال ممڪن ڪونهي. تنهنڪري اها خوشخبري وفاق بدران سنڌ لاءِ هجڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button