هونءَ به اسان وٽ ڪنهن نئين ضلعي جي واڌ انتطامي معاملن بدران سياسي ايڊجسمينٽ جي بنياد تي ٿيندي آهي. ان ڪري جڏهن ٿرپارڪر ضلعو هوندو هو، جنهن ۾ عمرڪوٽ به شامل هو ۽ ان جو هيڊڪوارٽر ميرپورخاص هوندو هو. جڏهن ٿر جا ارباب ميرپورخاص واري ضلعي سياست ۾ وڌيڪ عرصو ايڊجسٽ نه ٿي سگهيا ته انهن “ٿر” جي نالي سان الڳ ضلعو منظور ڪرايو. (پوءِ اهو ضلعو ٿر مان پارڪر ڪيئن ٿيو، ان جو ذڪر اڳتي ايندو). ان ضلعي جو پهريون ڊي سي ته در محمد ڀٽي هو. عبدالقادر منگي ٿر جو ٻيو نمبر ڊي سي ٿي آيو هو. ان کان اڳ ۾ ٿر واسين وٽ مختيارڪار ئي وڏا صاحب هوندا هئا. جن کي مختيارڪار نه پر خانبهادر چوڻ جو رواج هوندو هو. ٿر ۾ جيڪڏهن ڪنهن وڏيري وٽ ڪڏهن خانبهادر جي منزل ٿي هوندي ته اهو وڏيرو، وڻ گهوڙي نه جهلائيندو هو.
هونءَ ته عبدالقادر منگي گهڻن ئي ضلعن ۽ شهرن ۾ ڪامورو ٿي رهيو، پر الائجي ڇو ٿرپارڪر جي ماڻهن سمجهو، ته هو اسان جي پتيءَ جو هو. هو جڏهن گذاري ويو ته ڪئين ماڻهن ان جي تعزيت ٿر جي ماڻهن سان ڪئي هئي. هو ڪو شايد ٽي سال کن مٺيءَ ۾ ٿر جو ڊي سي رهيو. پر هن پنهنجي ايامڪاريءَ تي ٿر ۾ گذاريل ڏينهن جي يادگيرين وارو ڪتاب لکيو. ٿر ۾ اها ڳالهه مشهور آهي ته هتي جيڪو آفيسر ايندو آهي ته به روئيندو ايندو آهي ۽ ويندو آهي ته به روئيندو ويندو آهي. فيس بوڪ جو ته اسان جي ماڻهن وٽ اڃان تصور به نه هو، اهو زمانو نه موبائل فون وارو هو ۽ نه سيلفي ڪلچر ايجاد ٿيو هو. پر هن وٽ اهڙو جادو هو، جو هڪڙي پروگرام ذريعي واه واه ٿي وئي هئي. هن 1992ع ۾ مٺيءَ ۾ ٿر سيمينار ڪرائي اديبن، دانشورن، ليکڪن شاعرن ۽ صحافين کي ٿر ۽ پارڪر گهمايو هو. هن جي ڪيل سادي ۽ پيار واري ميزبانيءَ جي ڪري هو جلدئي وڏو پاپولر ٿي ويو هو. پر ٿر جي عام ماڻهن وٽ مشهور ٿيڻ لاءِ هن کي ٿورو ٽائيم لڳو هو. هن جڏهن “گاڏيو لک” جي چاڙهي ۽ لاهي ٺهرائي هئي. ٿر جي عام ماڻهوءَ کي ڪنهن نئين ڊي سي اچڻ جي خبر تڏهن پئي هئي. نئون ڪوٽ کان مٺي ويندي مٺيءَ جي ويجهو وڏي چڙهائي وارو گاڏيو لڪ ايندو آهي. ٿر ۾ ڪيڪڙي جي ڊرائيورن لاءِ پهريون امتحان گاڏيو لڪ تي ڪيڪڙو چاڙهڻ هوندو هو. جڏهن ٿر ۾ عام ۽ خاص لاءِ سواري ڪيڪڙو هوندي هئي ته مسافرن ۽ مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ ننگرپارڪ جي شهرن ۾ سامان کڻي ايندڙ دڪاندارن لاءِ وڏو آزار گاڏيو لڪ جي چڙهائي هوندي هئي. عام طور تي ڪيڪڙن وارا سامان گاڏئي لڪ جي چڙهائيءَ کان پهرين لاهي ڇڏيندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري ٿاڻي بولا خان جي لڪ وانگر سواري به لهرائي لڪ ٽپي پوءِ ٻيهر ڪيڪڙي ۾ چڙهڻ لاءِ چوندا هئا. پر سامان وارن مسافرن کي ٻيڻو ڪرايو ڏئي پنهنجو سامان کڻائڻو پوندو هو. ٿر جي ماڻهن کي لوڪ داستان وانگر گاڏئي لڪ جي چاڙهي ڊهرائڻ وارو قصو ياد آهي. چيلهار جي ٺيڪيدار کي ڪم مليو، چيلهار جي ڪچي روڊ ٺهرائڻ جو. پر ڊي سي منگي صاحب ان ٺيڪيدار کي پهرين گاڏيو لڪ جي لاهي ٺهرائڻ جو پابند ڪيو. پوءِ جڏهن گاڏيو لڪ ٺهي ويو. پوءِ ته هر ڪيڪڙو بنا بريڪ جي پان پان، هارن وڄائيندو گاڏيو ٽپڻ لڳو هو. اهو ڏينهن ٿر جي عوام وٽ منگي، منگي ٿي ويو. هاڻ ته ٿر موٽري جهڙن روڊن وارو علائقو بنيل آهي، پر ٿر جي ماڻهن کي ان زماني کان ڊي سي منگي ياد آهي.
علي احمد بروهي چواڻي: ڪامورو هئڻ سندس گذر سفر جو هيلو هو ۽ خلق خدمت جو وسيلو. باقي علم، ادب ۽ ثقافت آهي، سندس سڃاڻ ۽ شغل. پير ڏاڍو سدورو اٿس، جتي به وڃي پڙاءُ وجهندو ته اتي جهنگل ۾ منگل ٿي ويندو. گهاري ۾ اي سي ٿيو ته ڀنڀور تي سيمينار ڪرايائين، وري جو ٽنڊو الهيار ۾ بدلي ٿيو ته وتائي فقير جي ٽوٽڪن ۽ چٽڪلن وارين ڳالهين کي سهيڙڻ لاءِ کڻي سيمنار ڪرايائين. وري جو ٿر ويو ته “واريءَ کي وارو آيو”. ان کان سواءِ عبدالقادر منگي عملي طور اهو اهم ڪم ڪيو ته، سڀني سيمينارز ۾ پڙهيل مقالن کي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ ڇپايو. (ٿر بابت پڙهيل مقالن واري” ٿر” ڪتاب جو ٽيون ڇاپو ڇپجي چڪو آهي) ٽنڊي الهيار ۾ وتايو لائبريري به جوڙائي ته ساڳي ريت مٺيءَ ۾ شاه لطيف لائبريري قائم ڪيائين.
هڪڙي ڀيري حيدرآباد جي ڪنهن ادبي پروگرام ۾ نصير مرزا چيو ته عبدالقادر منگيءَ جي حوالي سان مون وٽ ڪيترائي ماڻهو ڪمن ڪارين لاءِ اچن ٿا، پر آئون اهڙن سڀني ماڻهن کي چوندو آهيان ته منگي صاحب منهنجو دوست ڪونهي. جنهن جي جواب ۾ عبدالقادر منگيءَ چيو هئس ته “نصير سائين نوڪري اچڻي وڃڻي آهي. تون دوستي نه ٽوڙ صدر مشرف هونئن ڪمشنريون ختم ڪري ڇڏيون آهن.”
1992ع ۾ ٿر سيمينار جي صدارتي تقرير ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ٿر ضلعي جي وضاحت ڪندي پارڪر جي تاريخي اهميت جو ذڪر ڪيو هو. ٿر ۾ پارڪر جو علائقو ارضياتي ۽ ٽاپوگرافيءَ جي لحاظ سان هڪ الڳ خطو لڳندو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ انهيءَ سيمينار ۾ چيو: هن ضلعي جو نئون نالو ٿر ضلعو، ٻيا ضلعا ٺهيا ته نالا به ساڳيا رهيا. جيئن نوشهرو فيروز، شڪارپور وغيره. پهرين هن ضلعي جو نالو ٿرپارڪر هو. بدليل نالو ٿر به سٺو نالو آهي. ان تي ڪو اعتراض ڪونهي. پر جيڪڏهن ڪجهه سوچبو ته جاگرافي يا سياسي لحاظ کان هن نالي ۾ وڏي اوڻائي آهي. ٿرپارڪر نالي جا ٻه ڀاڱا آهن. هڪڙو ٿر، ٻيو پارڪر. ٿر واريءَ واري ڀاڱي کي چئبو “ڍٽ” ۽ پارڪر واري کي “پٽ”. لطيف چواڻي: “ڍٽ ڍري پٽ پيون، پاسي پارڪر”. ميين عنات چواڻي: اوريون ٿر اوري رهيو، پريون پارڪر.” انگريزن جي دور ۾ ٿر ۽ پارڪر ٻه الڳ ضلعا هئا. 1847 کان 1856ع تائين 9 سال اهي ٻئي ضلعا رهيا. هڪ سنڌ جي انتطام هيٺ ۽ پارڪر ڀُڄ جي انتطام هيٺ. پارڪر ضلعي جو انتظام ريڪس ڀُڄ جي گورنر جي ڪنٽرول ۾ ڏنل هو. ان مان ائين ڀانيو ويو ته هيءَ ڪڇ جو حصو آهي. خود گورنر ريڪس پارڪر بابت لکيو ته غلط فهمي پيدا ٿي پئي آهي، ته هي شايد ڀُڄ وارن جو حصو آهي. نه نه هي ڀُڄ جو علائقو ڪونهي، پر پارڪر سنڌ جو حصو آهي.” ان ڪري جيڪڏهن اسان پاڻ ٿر ضلعي جي نالي مان پارڪر ختم ڪري ڇڏينداسين، ته اهو شبهو پيدا ٿي پوندو ته پارڪر هن ضلعي جو ڀاڱو نه رهيو آهي. ان ڪري سرحدي علائقو آهي، ان ڪري جيئن اصلي ضلعو ٿرپارڪر هو، ان کي ان نالي سان قائم رهڻ ڏنو وڃي. ڊاڪٽر بلوچ جي انهيءَ تجويز کي عبدالقادر منگي ڊي سي طور سنجيده ورتو ۽ ٿر ضلعي جي اسٽيشنريءَ جو خرچ ضايع ڪري ٻيهر ٿرپارڪر ضلعي وارو نالو سرڪار کان منظور ڪرايو.
ٿر قدرتي طور وڏي ڪشش وارو خطو رهيو آهي. ٿر جي ٽاپوگرافي فطري ميوزيم وانگر لڳندڙ آهي. شيخ اياز هڪ ڀيرو 1967 ۾ ٿر ويو. پر سندس چواڻي ان جو سارو منظر منهنجي دل تي نقش ٿي ويو هو ۽ بار بار منهنجي شعر ۾ جهلڪندو رهيو آهي. جڏهن ڪارين راتين ۾ واريءَ جي ڀٽن تي ستارا ٽمڪندا آهن ته واريءَ ائين لڳندي هئي، جيئن ڪوئي ڪاري ايراني قالين کي ڇنڊي رهيو آهي. پوءِ ان ۾ ڪهڙي حيرت جي ڳالهه ته عبدالقادر منگيءَ کي اهو ٿر ڪيئن نه سڄي نوڪريءَ جي عرصي ۾ سندس دل تي بيٺل رهيو هجي. اهوئي سبب هو جو هن پهريون ڀيرو جڏهن نئون ڪوٽ قلعو ٽپي ٿر جي وارياسي واديءَ ۾ داخل ٿيو هو ته بي اختيار واتان نڪري ويو هئس، او بيوٽيفل!