پاڪستان فيٽف جي گري لسٽ مان نڪرڻ وارو آهي. جيڪڏهن پاڪستان ان عالمي اداري جي گري لسٽ مان نه به نڪري ها ته ڇا ٿئي ها؟ ان اداري جي گري لسٽ ۾ صرف پاڪستان ناهي. ٻيا به ملڪ آهن. انهن ملڪن کي ڪا پرواهه ناهي. هيءَ ته گري لسٽ آهي. پر ڏکڻ ڪوريا ۽ ايران ته فيٽف وٽ بليڪ لسٽ ۾ آهن. پر انهن کي ڪا ڳڻتي ڪونهي. جڏهن ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ جي سلسلي ۾ تمام گهڻي ڪمزوري هجڻ سبب تمام گهڻي خوف جي فضا ڇانيل آهي. هڪ ڊپ آهي. اهڙو ڊپ جنهن جي ڪا واضح صورت به ناهي. جڏهن ته پاڪستان جو سڀ کان وڏ مخالف ملڪ يعني ڀارت پنهنجي ملڪ ۾ انساني حقن جي تمام سنگين ڀڃڪڙي ڪرڻ جي باوجود به ايتري شانتيءَ ۽ اعتماد سان ويٺو آهي، ڄڻ هن کي ڪا پرواهه ئي نه هجي. ڄڻ هن کي ڪو فڪر ئي نه هجي. جڏهن ته هن مهل ڀارت عالمي سطح تي انساني حقن جي لتاڙ جي سلسلي ۾ بدنام ٿيڻ شروع ٿيو آهي. ڀارت ان سلسلي ۾ ”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“ کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ پاڪستان جو ڪو ڪردار ڪونهي ته هو پنهنجي پرڏيهي پاليسين جي سلسلي ۾ ڀارت کي ايئن سوڙهو ڪري جو ڀارت پاڪستان سان بهتر تعلقات رکڻ جي سلسلي ۾ مجبور ٿي پوي. ڀارت هن مهل تائين سک ۽ چين جي بانسري وڄائي رهيو آهي. اهم ڳالهه اها به آهي ته پاڪستان جو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري به ان حوالي سان ڪو ڪارنامو نه ڪري سگهيو آهي.
بلاول ته ڀارت جي طرف دوستيءَ جو هٿ وڌايو ۽ بلاول جي اهڙي عمل کي پرڏيهي کاتي فوري طور تي ڪائونٽر ڪيو. اهڙي ريت هن کي احساس ٿي ويو ته هو پنهنجي طور تي ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهي. هن جي لاءِ ايترو ڪافي آهي ته هو ڪجهه پرڏيهي دورا ڪري. ٻين ملڪن جي سربراهن سان فوٽو سيشن ڪري. پنهنجي گهر جي ڊرائنگ روم کي انهن فوٽن سان سنواري ۽ سينگاري. پر هو ملڪ جي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ ڪا به بنيادي تبديلي آڻي نه ٿو سگهي. جيڪڏهن هن کي هڪ مضبوط پرڏيهي وزير ٿيڻو آهي ته پوءِ هن کي پاڪستان جي جاري پرڏيهي پاليسيءَ جي دائري ۾ رهندي ڪو اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏيڻو پوندو، جنهن سان پاڪستان مٿي اڀري اچي. جيڪڏهن پاڪستان مٿي نه به اڀري ته گهٽ ۾ گهٽ هن جو مخالف ملڪ يعني ڀارت تمام گهڻو پريشان ٿي وڃي. جيڪڏهن هو اهو ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ اهو ڪري جو پاڪستان جي سلسلي ۾ ڪا اهڙي راهه ڪڍي، جنهن سان پاڪستان جون پريشانيون گهٽجي سگهن. هن مهل تائين پاڪستان جي پرڏيهي وزير اهڙو ڪو عمل نه ڪيو آهي، جنهن سان هن جي تعريف جو ڪو نه ڪو پهلو نڪري سگهي. ٻيو ته ٺهيو پر جيڪڏهن هو قدرتي آفت جي منهن ۾ آيل افغانستان جي سلسلي ۾ عالمي سطح تي راءِ عامه هموار ڪري غريب افغانين جي مدد ڪرڻ جو ڪو رستو ڪڍي ها ته هن کي هر هنڌ تمام گهڻي تعريف سان سڏايو وڃي ها.
بلاول ڀٽو زرداري جيڪڏهن پنهنجي سيني تي اهو ميڊل سجائڻ چاهي ٿو هن پاڪستان کي فيٽف جي گري لسٽ مان ڪڍرايو ته ان تي هن جا حامي به تاڙيون وڄائي نه سگهندا. ڇو ته هر ڪنهن کي معلوم آهي ته ان سطح تي ملڪ فوري طور تي نه مصيبت ۾ پوندا آهن ۽ نه فوري طور تي مصيبت مان نڪرندا آهن. عالمي سطح جون تبديليون ڪنهن تقرير ڪرڻ يا ڪنهن سان ملاقات ڪرڻ سبب نه اينديون آهن. ان سلسلي ۾ هڪ لاڳيتي محنت هوندي آهي. جيڪا گهڻي وقت کان پوءِ ڪو ڦل جهليندي آهي. پاڪستان جيڪڏهن فيٽف جي گري لسٽ مان نڪري ٿو ته ان جو ڪريڊٽ بلاول جي پرڏيهي وزارت ۽ شهباز شريف جي حڪومت جي حصي ۾ نه ويندو. اهو ڪريڊٽ پوءِ به ڦري گهري عمران خان جي تعريف جو سبب بڻبو. ڇو ته پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍرائڻ جي لاءِ عمران خان گهڻيون ڪوششون ورتيون ۽ اها به سچي ڳالهه آهي ته صرف عمران خان نه پر عمران خان کان اڳ ۾ ميان نواز شريف جي دور ۾ به پاڪستان جيڪي قدم کنيا، انهن جو اثر به پيو. اهم ڳالهه اها ته عمران خان ان پاليسيءَ کي جاري رکيو. جيڪڏهن ٽن مهينن ۾ هڪ وڻ ميوو نه ٿو ڏئي سگهي ته هڪ ملڪ ايڏي وڏي مصيبت مان آجو ڪئين ٿو ٿي سگهي؟
بلاول کي بهترين وقت مليو آهي ته هو پرڏيهي پاليسيءَ جي سلسلي ۾ ڪو ڪارنامو ڪري ڏيکاري. پر هن مهل تائين هن جو زور صرف دورن تي آهي. هن جي ٽيم جو خيال آهي ته هو عالمي سطح تي پنهنجي ماءُ بينظير ڀٽو جي حوالي سان پنهنجو تعارف ڪرائي ۽ هڪ حد تائين انهن ملڪن جي حڪمرانن سان تعقات رکي هو مستقبل ۾ وزير اعظم ٿيڻ جي واٽ ٺاهي سگهي ٿو ته اهو ڪم ايترو آسان ناهي. ڇو ته چانهن جو ڪوپ ۽ هڪ ڀرپور هٿ ملائڻ وارو عمل الڳ آهي. جڏهن ته ملڪن جا پاڻ ۾ تعلقات سدائين مفادن جي طابع هوندا آهن. ان حوالي سان بلاول جيڪڏهن ڪجهه ڪري ٿو ته اهو تمام وڏو ڪارنامو هوندو. هونءَ به پاڪستان تمام گهڻي وقت کان وٺي جنهن پرڏيهي پاليسيءَ جي بحران جو شڪار آهي، ان پسمنظر ۾ بلاول کي بهترين موقعو ميسر آيو آهي پر بلاول هن وقت تائين پرڏيهي وزير جي حيثيت سان اهو ڪجهه نه ڪري سگهيو آهي، جنهن کي ڏسي هن کي ساراهي سگهجي. جڏهن ته هو پنهنجي ناني ذوالفقار علي ڀٽو جيان عملي سياست جو آغاز پرڏيهي وزير جي حوالي سان ڪرڻ جو خواهشمند هو. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هو اڃان تائين سياسي طور تي هڪ ٻار آهي ۽ هن جي ناني جا بوٽ تمام گهڻا وڏا آهن. بلاول انهن بوٽن ۾پير وجهي وڏو سفر ڪري نه ٿو سگهي. ان لاءِ هن کي تمام گهڻي محنت ۽ تمام گهڻي لياقت جي ضرورت پيش ايندي. هن ۾ محنت ڪرڻ جي صلاحيت آهي پر صرف محنت سان اهو ڪجهه حاصل نه ٿي سگهندو آهي، جنهن کي تاريخ ياد رکي. محنت سان گڏ تمام وڏي صلاحيت به ضروري آهي. پاڪستان ۾ هن مهل تائين محنت ۽ صلاحيت جو اهو مرڪب جڙي نه سگهيو آهي، جيڪو ڀٽي صاحب جي شخصيت ۾ هو. ان ڪري صرف پنهنجي نالي سان ڀٽو لفظ جوڙڻ ڪافي ناهي. ان لاءِ اهي ڪم به ڪرڻا پوندا، جن ڪمن جي ڪري هڪ ذات باڪمال ڏات کي حاصل ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن بلاول پرڏيهي وزير جي حيثيت ۾ ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿو ته هن کي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪم ڪرڻا پوندا. هڪ ته هن کي ڀارت ۾ موجود مسلمانن جي مٿان ٿيندڙ ظلم ۽ جبر جي خلاف آواز اٿارڻو پوندو ۽ ٻيو ته هن کي افغانستان جي سلسلي ۾ انساني احساس جي طور تي عالمي برادريءَ کي هڪ غريب ۽ تمام گهڻي مظلوم ملڪ جي عوام جي مدد لاءِ متحرڪ ٿيڻو پوندو.
بلاول ڀٽو زرداريءَ لاءِ اهي ٻيئي ڪم تمام گهڻا مشڪل آهن. ڇو ته هن جي ماءُ جي قتل جو الزام طالبان تي لڳل آهي. جيڪڏهن هو طالبان جي حڪومت واري افغانستان جي سلسلي ۾ ڪجهه ڪندو ته اهو هن جي لاءِ تنقيد جو سبب به ٿي سگهي ٿو. اهو ئي ڪارڻ آهي ته هو گهڻن ملڪن جو دورو ڪرڻ جي باوجود به هن مهل تائين افغانستان جو رخ نه ڪري سگهيو آهي. افغانستان نه وڃڻ جو سبب اهو به آهي ته هن مهل جيڪي قوتون افغانستان جون حڪمران آهن، اهي بلاول کي به پسند نه ٿيون ڪن. ڇو ته هو انهن جي خلاف بيان بازي ڪندو رهيو آهي. افغان طالبان بلاول جي شخصيت کي پنهنجي نظرياتي سڃاڻ جي سلسلي ۾ هڪ پسنديده شيءَ نه ٿا سمجهي سگهن. جڏهن ته ڀارت جي مٿان اهو دٻاءُ وجهڻ ته هو مسلمانن جي مٿا ظلم نه ڪري، اهو عمل بلاول جي شخصيت ۽ هن جي اميج سان نه ٿو ٺهي. هونءَ به هن جي ٽيم اهڙي مائينڊ سيٽ جي آهي، جيڪو مائينڊ سيٽ ان قسم جي عمل کي ٺيڪ نه ٿو سمجهي. ان صورت ۾ اهو ڪئين ممڪن آهي ته بلاول پنهنجي پرڏيهي وزارت واري سفر ۾ ڪا تاريخي منزل ماڻي سگهي. ان سفر ۾ ته هن جي پيرن ۾ پيل پنهنجي ناني جو وڏو ۽ ڳرو بوٽ هن جي سفر کي سولو بڻائڻ بدران هن جي سفر کي مشڪل ڪري سگهي ٿو. اهو سفر هن جي لاءِ آسان نه پر تمام گهڻو ڪٺن آهي. ان باري ۾ هن کي تمام گهڻو تبديل ٿيڻو پوندو.