اسان جڏهن کان هوش سنڀاليو آهي، تڏهن کان ٻڌندا اچون ته پاڪستان معاشي بحرانن ۾ ڦاٿل آهي. پهرين قوم کي معاشي بحران با قصا ٻڌايا ٿا وڃن ۽ قوم کي معاشي بحران ۽ ملڪ جي مستقبل جا خوف ڏياريا ٿا وڃن. حڪومت ان بحران مان نڪرڻ لاءِ طور طريقا بيان ڪندي آهي ته مخالف ڌر وري حڪومت تي تبرا ڪندي نظر ٿي اچي. جيئن جيئن وقت گذري پيو ڳالهيون واضح ٿي رهيون آهن ته معاشي بحران اصل ۾ ڪهڙي بلا جو نالو آهي؟ ان جا ذميوار ڪير آهن؟ دنيا ۾ ڪيئي ملڪ اهڙا آهن جيڪي پاڪستان کان پوءِ آزاد ٿيا ۽ اڄ هو ترقي جون منزلون طئي ڪري رهيا آهن. چين ۽ بنگلاديش جا مثال اسان جي سامهون آهن.
چون ٿا ته 70ع واري ڏهاڪي ۾ ان وقت جو چيني صدر پاڪستان جي دوري تي آيو هو. هن کي ڪراچي شهر گهمايو پئي ويو. هن جڏهن ڪراچيءَ جي حبيب بينڪ پلازا ڏٺي ته هن حيران ٿي چيو هو ته پاڪستان ايڏو ترقي ڪري ويو آهي جتي ايڏيون وڏيون عمارتون آهن. ٻيو مثال ته رياست بهاولپور جو والي حج ڪرڻ لاءِ ڀلي پار ويو ته هو پاڻ سان اڌ ڊزن گاڏيون بحري جهاز ۾ لوڊ ڪري کڻي ويو هو. هن سان نوڪرن جو وڏو انگ، تنبو ۽ ٻيو ساز سامان به گڏ هو. والي رياست جڏهن سعودي عرب جي بندرگاهه تان سامان گاڏيون لاهي حج لاءِ روانو ٿيو هو ته ان وقت عربن کي ڏندين آڱريون اچي ويون هيون ته پاڪستان ۾ ايڏا دولت مند ماڻهو ٿا رهن، جيڪي ٻاهرين ملڪن جي دورن تي به گاڏين جا قافلا ڪاهي ٿا اچن. حج جي ادائگي کان پوءِ والي رياست بهاولپور اهي اڌ ڊزن جيپون عربن کي تحفي ۾ ڏيئي واپس آيو هو. اهڙا ٻيا به کوڙ سارا مثال آهن، جن مان پاڪستان جي شاندار ماضي ۽ خوشحالي بابت خبر پوي ٿي.
ماضي ۾ آمريڪي صدر پاڪستان ايندا رهيا آهن، ان وقت اهي پاڪستان کي برابري واري نظر سان ڏسندا هئا. پاڪستاني حڪمران دنيا جي ڪهڙي به ملڪ ۾ ويندا هئا ته انهن ملڪن جا سربراهه ايئرپورٽ تي اچي سندن استقبال ڪندا هئا، اهو ته هو پاڪستان جو ماضي. اسان اڄوڪي پاڪستان تي نظر ڊوڙايون ته پاڪستان جو ڳاڻيٽو انهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو جيڪي معاشي طور ڪنگال آهن. اڄ بنا قرض وٺڻ جي اسان بجيٽ نٿا ٺاهي سگهون. بار بار حڪمران عوام کي خوف ڏيندا آهن ته ملڪ ڏيوالو ٿيڻ تي بيٺو آهي. تيل، گيس، بجلي ۽ عام واهپي جي شين جا اگھه وڌائڻا پوندا نه ته الائي ڇا ٿي ويندو. مطلب هي اشرافيه عام عوام کي خوف ڏيئي ٽيڪس لڳائيندي. بجلي، تيل ۽ گيس جي بلن ۾ اضافو ڪندا آهن، جنهن جو سمورو بار عام ماڻهو تي وڃي پوي ٿو. اجايا سجايا ٽيڪس ڀريندڙ قوم جا ڪروڙين غريب ماڻهو ٻن ويلن لاءِ پريشان آهن. اهڙِي ريت اشرافيه ترقي ڪري رهي آهي، ڇو ته ان اشرافيه کي هن وقت به نه ته اٽي جي اگھه جي خبر آهي نه ئي اٽي جي اگهن وڌڻ يا گهٽجڻ جي ڪا خبر آهي. وزيراعظم وٽ هن وقت سرڪاري پي ايم هائوس هئڻ سان گڏ سندس ذاتي گهر به مبينا طور وزيراعظم ڪيمپ آفيس بڻيل آهي، جتي سرڪاري گاڏيون، سرڪاري تيل، سرڪاري پروٽوڪول، سرڪاري نوڪر، کاڌي پيتي جو بل سرڪاري، ساڳيو حال صدر صاحب، صوبن جي وڏن وزيرن، گورنر صاحبان، جج صاحبان، جنرل صاحبان، وڏن سول بيورو ڪريٽن، وفاقي صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، سينيٽرن، ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز صاحبان جو آهي. انهن کي اها به خبر نه هوندي آهي ته اٽي جو اگھه ڪيترو آهي، کنڊ گهڻي ڪلو آهي، پيٽرول جو ليٽر ڪيتري جو آهي، علاج ۾ ڪتب ايندڙ دوائن جي قيمت ڪيتري آهي، گهرن جو فرنيچر، رنگ روغن، پردا، ٻيو سامان نوڪر چاڪر سڀ سرڪار جا پگهاردار هوندا آهن. ايڏيون عياشيون ڪندڙ اهي صاحبان ميڊيا آڏو ويهي چوندا آهن ته ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ وارو آهي. غريب اٽي لاءِ پريشان آهن وغيره وغيره، ڳالهين مان ائين پيو محسوس ٿيندو آهي ته غريبن لاءِ انهن جو جيءُ جهري پيو پر اندران هو غريبن جو رت چوسيندڙ جيوڙا هوندا آهن.
موجوده حڪومت جو مثال وٺون ٿا. پي ڊي ايم، پ پ پ توڙي ٻيون جماعتون جڏهن مخالف ڌر ۾ هونديون هيون ته پي ٽي آءِ حڪومت تي مهانگائي ۽ عوام دشمنيءَ جا الزام هڻنديون هيون. بلاول ڀٽو ته مهانگائي خلاف پهرين سنڌ ۾ ٽريڪٽر مارچ ڪيو ان کان پوءِ ڪراچي کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ ڪيو. جڏهن عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ آڻي کيس اقتدار کان محروم ڪري پي ڊي ايم ۽ پ پ پ اقتدار ۾ آيون ته قوم سوچيو پئي ته هاڻي ڪجھه رليف ملندو پر انهن ته عمران خان جا اڳيان پويان رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. اڳ عوام مهانگائي خلاف رڙيون ڪندو هو. انهن ته قوم جي رڙ ئي بند ڪري ڇڏي آهي ڇو ته قوم سڪتي ۾ اچي ويئي آهي.
جي ڊي اي جي ايم اين اي سائرا وساڻ جو ذڪر ضروري آهي جنهن پاڻ کي ملندڙ سموريون سرڪاري سهولتون سرڪار کي واپس ڪري ڇڏيون آهن ۽ تمام سياستدانن کي صلاح ڏني آهي ته ملڪ جي ڀلي ۽ ملڪ کي مالي بحران مان ڪڍڻ لاءِ سرڪاري مراعتون واپس ڪريو. آئون ادي سائرا بانو وساڻ کي سلام ٿو پيش ڪريان جنهن ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي لاءِ پنهنجي حصي جي قرباني ڏني آهي. خدا ٻين سياستدانن کي به توفيق ڏئي جيئن محترمه سائرا بانو وساڻ پاران سرڪاري سهولتون واپس ڪيون آهن، ائين ٻين کي به وک وڌائڻ گهرجي. حڪمرانن جي عياشين لاءِ ساليانو ساڍا پنج سئو ارب روپين کان وڌيڪ رقم رکي ويئي آهي. بقول سائرا بانو وساڻ جي ته سرڪاري ڌر جا وزير مشير، اسٽينڊنگ ڪميٽين جا چيئرمين سرڪاري سهولتون نه وٺن، پنهنجي ذاتي خرچ تي خدمتون سرانجام ڏين. انهن ساڍا پنج سئو اربن کان سواءِ وزيراعظم، صدر، سينيٽ چيئرمين، اسپيڪر جا خرچ الڳ آهن، جيڪي لڳ ڀڳ ست سئو ارب روپين کان وڌيڪ ٿين ٿا.
حساب لڳايو قوم ٻه ويلا ماني لاءِ پريشان آهي، ان قوم جي حڪمرانن جي عياشين لاءِ کربين روپيا خرچ ٿيندا ته پوءِ ملڪ بحران مان ڪٿان نڪرندو. اسان کي سريلنڪا مان سبق پرائڻ گهرجي. سريلنڪا جي معيشت اسان کان بهتر هئي، اڄ سريلنڪا جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي، پر اسان وٽ حڪمرانن بيوروڪريسي اڃا اکيون نه پيئي کولي. منهنجي تجويز آهي ته هن ڏکئي وقت ۾ ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ حڪمرانن کي معاوضو وٺي ڪم ڪرڻ بدران فلاحي طور ڪم ڪن پنهنجين خدمتن جو معاوضو نه وٺن. خدا انهن کي گهڻو ڪجھ ڏنو آهي. اهي سياستدان جڏهن مخالف ڌر ۾ هئا ته ان وقت به هو پنهنجي خرچ تي سياست ڪري رهيا هئا. جيڪڏهن ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي لاءِ هڪ سال بنا معاوضي ڪم ڪندا ته ملڪ ضرور بحرانن مان نڪري سگهي ٿو.
بيورو ڪريسيءَ به ڪجهھ وڏي دل جو مظاهرو ڪري وڏا بيورو ڪريٽ پگهارن ۽ ٻين سهولتن تحت لکين روپيا ماهوار وٺندا آهن. ڪنهن به آفيسر کي ٽي اي ڊي اي، ميڊيڪل، هائوس رينٽ، پيٽرول بند ڪيو وڃي ۽ بيورو ڪريسيءَ کي به فراخدليءَ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن حڪومت محترمه سائرا بانو وساڻ جي نقش قدم تي هلي ته ملڪ کي ساليانو کربين روپين جي بچت ٿيندي. ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ اها قرباني ڪا ايڏي وڏي نه آهي. ٻي صلاح انهن حڪمرانن، ٽائيڪون سرمائيدارن ۽ بيورو ڪريٽس لاءِ آهي ته انهن جون ملڪيتون ٻاهرين دنيا ۾ آهن ته اهي واپس ملڪ ۾ آڻين جيئن روپئي جو قدر مضبوط ٿئي. انهن جيڪو به مال ٺاهيو آهي هن ملڪ مان ٺاهيو آهي، انهن کي جيڪا عزت ملي ٿي هن ملڪ ۾ ملي ٿي. ملڪ آهي ته سندن سياست به هلندي رهندي ان ڪري اسان جي ملڪ جي سياسي پارٽين کي گهرجي ته ملڪ کي خساري مان ڪڍڻ لاءِ ڪجھ وقت مراعتون وٺڻ اجايا شاهي خرچ ڪرڻ بدران فلاحي طور ڪم ڪن ته يقينن ملڪ وري پنهنجي ماضي جيان خوشحال ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن سياستدان ۽ رو ڪريٽ ائين نه ڪيو ته پوءِ ملڪ کي جيڪو به نقصان ٿيندو ان جا ذميوار اهي ئي هوندا. ڇو ته ملڪ کي هن منزل تائين پهچائڻ جا ذميوار اهي ئي آهن.