هيگل جي لکڻي “منطق جي سائنس” جو جائزو وٺندي لينن لکيو: “علامتن خلاف عام طور ڪا ڳالهه نٿي ڪري سگهجي.” ڳالهه اها آهي ته ڪجهه خيالن يا ڪائناتي تصورن جي تبديليءَ جي حيثيت سان علامتون هاڪاري فرض نڀائين ٿيون ۽ سچائي ثابت ڪرڻ جو امدادي وسيلو هونديون آهن. مثال طور، سائنس جي شاخن ۾ انهن جو استعمال نه رڳو اهو ته ممڪن آهي پر ضروري به آهي. اها بنهه فطري ڳالهه آهي ته فني اظهار جي هڪ وسيلي جي حيثيت سان فن علامت جو سهارو وٺندو آهي. پر فن کي رڳو علامتن جي هڪ نظام جي حيثيت سان سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ان جي فطرت خلاف ٿي وڃي ٿو.
فن عام طور ۽ حقيقت نگاري خاص طور فعال طريقي سان حقيقت کي سمجهندي آهي ۽ رڳو عقل کي نه پر جذبن کي به اپيل ڪندي آهي. اڃا به اهو چوڻ وڌيڪ درست ٿيندو ته ٻنهي کي اپيل ڪندي آهي. ڪنهن به فن پاري لاءِ ضروري آهي ته اهو تخيل کي آڀاري. جڏهن پڙهندڙ، ڏسندڙ يا ٻڌندڙ جو تخيل آڀارجندو آهي جڏهن فن پاري جي ڪري ان ۾ ذهني يا جذباتي ردعمل پيدا ٿيندو آهي تڏهن اهو چئي سگهجي ٿو ته فنڪار اهو نتيجو حاصل ڪري ورتو جنهن مان مراد هئي. پر ان لاءِ ضروري آهي ته فنڪار نه رڳو انسان جي ذهن کي پر ان جي پنجن ئي حواسن کي اپيل ڪري. انهيءَ ڪري فن پاري ۾ حسياتي عنصر جو موجود هئڻ ان جي اثرانداز ٿيڻ لاءِ ضروري آهي.
علامت جنهن شئي جي نشاندهي ڪري ٿي ان کي هيئت به ناهي بخشي سگهندي، اهو اهڙو نئين ڪرڻ جو عمل آهي جنهن ۾ ترسيل جون خاص وصفون رڳو ان جي وجود جي خاص حالتن جي ڪري پيدا ٿين ٿيون، جيئن ئي رواج ختم ٿي وڃي ٿو تيئن ئي اها علامت به بي جان بي معنيٰ ٿي وڃي ٿي.
اڄڪلهه مجسمي سازيءَ جي نالي ۾ ڪنڪريٽ، ڌات، پائپ، رنگ برنگ تختن ۽ پلاسٽڪ جي ڦوڪيل ٿيلهن جا جيڪي نمونا نظر اچن ٿا انهن کي ڪڏهن ڪڏهن تمام پيچيده تجريدي خيالن جي علامت ٻڌايو وڃي ٿو. دراصل انهن ۾ رڳو اهو هوندو آهي جو اهڙين شين کي گڏ ڪيو ويندو آهي، جيڪي خاص مڪاني رشتي تحت رکيل هونديون آهن. انهن مان ٻيو ڪجهه حاصل نٿو ٿي سگهي. ان ڪري جو ڪجهه “اظهاري سريئلسٽن” جي تصويرن جيان “خالص هيئت” هوندا آهن جيڪي اهڙي پاڪيٽ جيان هوندا آهن جنهن جو اندر جي مال سان ڪو به تعلق ڪونهي.
علامتي طريقي جا مبلغ اها دعويٰ ڪن ٿا ته فني ترجمان جي وسيلي جي حيثيت سان علامتن جو نظام ذهن ۾ لاڳاپيل شين جي هڪ علم ۽ هنر کي جنم ڏيندو آهي ۽ ان ڪري هڪ جمالياتي اثر پيدا ڪندو آهي. پر فن پارو ڪڏهن به ان شئي کان بي پرواهه ناهي هوندو ته هو ڪهڙي قسم جي لاڳاپيل شين جي يادي ڏياري ٿو. فن عام طور ۽ حقيقيت نگاري خاص طور ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿي ته رڳو اهڙين لاڳاپيل شين جي ياد ڏياري جيڪي بنيادي فطرت واريون هجن ۽ فن پاري جي جوهر ۽ ان جي جمالياتي قدرن کي سمجهڻ ۾ مدد ڏين. بيشڪ اهو ٿي سگهي ٿو ته ڪو سچو فن پارو ڪجهه اهڙين لاڳاپيل شين جي به ياد ڏياري جيڪي اتفاقي هجن.
علامتي ادبي طريقو اڃا به لاڳو نٿي سگهڻ جوڳو هوندو آهي. لفظ کي علامت جي حيثيت سان ڪتب آڻڻ ۾ خطرو هيءُ هوندو آهي ته لفظ ۽ معنيٰ ۾ ڪو تعلق ئي نه رهي ۽ جذبا بلڪل ئي لفظ کان اوپرا نٿي وڃن ان ڪري لفظ رڳو خيالن جي علامت نه هوندا آهن پر اهي خيالن جي حقيقت کي معنيٰ جي انهن سمورن تهن ۽ ڳوڙهاين سان ظاهر ڪندا آهن جيڪي لفظ جي گوناگون بناوتن ۾ لڪل هوندا آهن. جيئن اسان کي خبر آهي ته ادبي تخليق جو خام مواد به معنيٰ سان ڀريل هوندو آهي. ان معنيٰ کي ختم ڪرڻ ان وقت ناممڪن آهي جڏهن تخليق کي بلڪل ئي داخلي بڻايو وڃي ۽ ان کي آفاقي قدر کان صفا خالي ڪري ڇڏجي. ڄاڻ جي نظرئي )Theory of Knowledge) ۾ لينن “هيرو گيلفي ازم” جي جيڪا تنقيد ڪئي هئي اها فن جي علامتي ڪائناتي تصورن تي پوري لهي ٿي. (هيلمولتز جو خيال هو ته احساس ڪو تمثيلي نه پر ان شئي جي علامت هوندو آهي جنهن احساس پيدا ڪيو آهي.) علامتن جي ان نظرئي سان اختلاف ڪندي لينن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تمثيل مان اڻٽر طور لازمي طور اها معروضي حقيقت مراد هوندي آهي جنهن جي اها تمثيل پيش ڪندي آهي. اهڙيءَ ريت فن ڪنهن تمثيل جي جاءِ تي ڪنهن علامت کي استعمال نٿو ڪري سگهي. ان ڪري جو اهڙي نموني اهو معنيٰ کان وانجهجي رڳو هٿرادو ٿي ويندو.
حقيقت هيءَ آهي ته حقيقت نگاريءَ جي فن 20هين صديءَ جي اهم سماجي ۽ ذهني عملن ۽ زبردست تبديلين کي سرمائيداريءَ کان سوشلزم ڏانهن عبور جي تاريخي دور جي مخصوص خاصيتن کي پاڻ ۾ سموهي ورتو آهي. جڏهن لينن نئين سوشلسٽ فن جو پهريون منشور “پارٽي تنظيم ۽ پارٽي ادب” لکي رهيو هو ته سوشلزم جو نظريو حقيقت پسند فنڪارن لاءِ زبردست چقمقي قوت بڻجي چڪو هو.
ان دور، جنهن جي ذهني وايومنڊل ۾ ايندڙ انقلاب جا اهڃاڻ موجود هئا، جنهن لاءِ لينن زنده رهيو ۽ هن سخت محنت سان ڪم ڪيو، سوشلسٽ حقيقت نگاريءَ کي جنم ڏنو. سوشلسٽ حقيقت نگاري فن ۾ ان جمالياتي انقلاب کي مڪمل ڪيو جنهن کي ميڪسم گورڪي شروع ڪيو هو.
پهرين عالمي جنگ ۽ شائونسٽ جذبن جي عروج شروعات ۾ ڪيترن ئي حقيقت پسند فنڪارن کي لوڏي ۽ ٿيڙي ڇڏيو. پوءِ به ٻين فني رجحانن جي ڀيٽ ۾ حقيقت نگاري ئي ان ناسازگار تاريخي ماحول ۾ سوڀاري ٿي.
حقيقت پسند فنڪارن ان نئين تاريخي حقيقت جو ادراڪ ڪرڻ ۾ زبردست معروضي ڏکيائين تي ڪنٽرول ڪيو، جيڪي پهرين عالمي جنگ ۽ آڪٽوبر انقلاب کان پوءِ ظاهر ٿي رهيون هيون. پنهنجين تخليقن ذريعي هنن انهن نتيجن کي درست ثابت ڪري ڇڏيو جيڪي لينن تاريخي ارتقا جو تجزيو ڪري ڪڍيا هئا.
حقيقت پسند فنڪارن ان سرمائيداراڻي هٿرادو پڻي تي وڏو حملو ڪيو ته ذاتي ملڪيت تي ٻڌل سماج ۾ سموري عوام لاءِ هڪ جيترا موقعا حاصل ٿين ٿا. ڊرائزر ۽ سنڪلير لوئس جهڙن ناول نگارن ڏيکاريو ته بورجوا سماجي نظام ۾ انسان سچي آزادي حاصل ڪري ئي نٿي سگهجي ڇاڪاڻ ته اهو نظام خود غرض آهي ۽ انسانن کي هڪ سطح تي پهچائي ڪيرائي ڇڏي ٿو. ري مارڪ، ايلڊنگٽن ۽ هيمنگوي، جيڪي نالي ماتر گمنام نسل جا نمائنده چيا وڃن ٿا، سامراجي جنگ جي تنقيد ڪرڻ ۾ ڏاڍي چٽائي ۽ تکائپ کان ڪم ورتو.
معاشي بحران ۽ عام بيروزگاريءَ جي ڪري جيڪا وڏي افراتفري پيدا ٿي ۽ جنهن پورهيتن جي اهنجن ۾ واڌارو ڪيو ان جي عڪاسي به حقيقت پسند اديبن ڪئي. حقيقت پسند فنڪارن ئي سڀ کان پهرين فاشزم جي خطري کي محسوس ڪيو. ٽامس مان، ليون، فيوخت وانگر ۽ اهڙن انقلابي اديبن جي جهڳٽي جيئن ميروسلاف ڪريليزي، آناسيگرز، ويلي برڊيل وغيره فاشسٽ نظرئي جي عروج جي سخت تنقيد ڪئي ۽ ان جي اقتدار ۾ اچڻ ۽ ان جي دهشتگرد پاليسيءَ جي مذمت ڪئي.
سوويت يونين ۾ سوشلسٽ اڏاوت جي تجربي جيڪو لينني خيالن جي عملي تڪميل جو نمونو هو، حقيقت پسند فنڪارن جي ذهني ارتقا ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. سوشلسٽ اڏاوت کي جن ڏکيائين ۽ مونجهارن کي منهن ڏيڻو پيو ان باوجود ان جي تجربي مستقبل تي اعتماد ڪيو ۽ حقيقت پسند فنڪارن کي ان لائق بڻايو ته هو بورجوا نظرئي جي اثر جو مقابلو ڪن.
)هلندڙ)