سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو پهريون مرحلو پورو ٿي چڪو آهي، مڪاني چونڊون جيئن ته هيٺئين سطح جون چونڊون هونديون آهن، ان ڪري انهن جو چهچٽو ايترو ڪونه ڪيو ويندو آهي. پر ائين ناهي ته اهي چونڊون ڪي غير اهم آهن. اهي چونڊون عوام کي ٽائون، يوسي ۽ تعلقي سطح تي نئين قيادت فراهم ڪنديون آهن جنهن سان سماج ۾ سياسي پارٽين جا متبادل پيدا ٿي سگهندا آهن. جنهن سماج ۾ سياسي متبادل جيترا وڌيڪ هوندا، اوترو ووٽ ڏيندڙ وٽ چوائس به وڌيڪ هوندي ۽ هو پنهنجي بهتر چونڊ ڪري سگهي ٿو.
آچر واري ڏينهن سنڌ جي 14 ضلعن ۾ چونڊن جو پهريون مرحلو پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو. اهو مرحلو امن امان جي حوالي سان بنهه خراب رهيو، ڇاڪاڻ ته ٻن ماڻهن جي مارجڻ ۽ ڪيترن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن، ان کان سواءِ ڪئين هنڌن تي جهيڙا جهٽا پڻ ٿيا، جنهن ڪري پولنگ جو عمل پڻ متاثر ٿيو، پر تنهن هوندي به چونڊن جو اهو مرحلو پنهنجي انجام تي پهتو ۽ نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا. جن موجب پيپلز پارٽي سڀ کان وڌيڪ سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي، ان کان پوءِ ٻيون سياسي پارٽيون ۽ آزاد اميدوار آهن، جن پيپلز پارٽيءَ کي ڪٿي ڪٿي اپ سيٽ ڪيو آهي. پر هاڻوڪين بلدياتي چونڊن جي بهتر ڳالهه اها آهي ته اهي ٿي ويون ۽ ان ۾ نوجوان ڇوڪرين، عورتن ۽ ڇوڪرن پنهنجي قسمت آزمائي، جن مان ڪن کي سوڀ ملي ته ڪن کي وري تجربو ٿيو.
آچر واري ڏينهن سوشل ميڊيا جا واهپيدار ايترا جذباتي لڳا پيا هئا، جو انهن گهڻي ڀاڱي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بيٺل عورتن کي هر پولنگ کٽرائي ڇڏي هئي. مبارڪن جا نياپا اچڻ شروع ٿي ويا ۽ انهن کي پيپلز پارٽيءَ جي وڏي شڪست سمجهي متبادل سمجهيو ويو. جيڪڏهن ائين ٿي وڃي ته اها سٺي ڳالهه آهي، پيپلز پارٽيءَ جو متبادل سنڌي ماڻهن جي صورت ۾ اچي ٿو ته اها بهترين ڳالهه آهي پر سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون پهچائڻ سان نقصان ٿيو جو اهي عورت اميدوار سوڀاريون ڪونه ٿيون آهن، جن لاءِ چيو چيو پئي ويو ته انهن ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. ان عمل سان سوشل ميڊيا وسيلي ڪوڙيون خبرون پهچائڻ واري عمل کي هٿي ملي.
هن ڀيري جيڪي به عورت اميدوار پيپلز پارٽيءَ سان ميدان ۾ لٿيون هيون، سي سوڀاريون ته ڪونه ٿي سگهيون آهن پر اصل ڳالهه ميدان ۾ لهي مقابلو ڪرڻ آهي. انهن وڏي محنت ۽ دل سان مقابلو ڪيو. پنهنجو پاڻ کي عوام آڏو متبادل قيادت طور پيش ڪيو ۽ اهو تاثر ڏيڻ ۾ ڪامياب ويون ته جيڪڏهن سماج ۾ عورت سياست ڪرڻ چاهي ۽ پاڻ کي متبادل طور پيش ڪرڻ چاهي ٿي ته ان لاءِ ميدان حاضر آهي ۽ اها عوام کي اهو يقين ڏياري سگهي ٿي ته جيڪڏهن عوام سالن کان آزمايلن بدران نئين قيادت کي آزمائي ڏسي ته بهتر ٿيندو. پر جيئن ته اسان وٽ سياست اڃا تائين به ذاتين ۽ برادرين تائين محدود لڳي پئي آهي، تنهنڪري کٽيندڙ به گهڻا اهي هوندا آهن، جن کي برادريءَ جا ووٽ گهڻا ملن ٿا.
چونڊ عمل اصل ۾ جمهوريت جا بنياد مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. هاڻوڪين چونڊن ۾ جن عام ماڻهن پنهنجو پاڻ کي ان قابل سمجهيو ته اهي سماج ۾ سياسي طور متحرڪ ٿي ڪو ڪردار ادا ڪري سگهن. جڏهن چونڊ عمل بنا ڪنهن رنڊڪ جي هلندڙ هجي ۽ چونڊون پنهنجي مقرر وقت ٿي ٿينديون رهن ته ان سان نه رڳو متبادل قيادت جو جنم وٺڻ سولو ٿي ويندو آهي پر ڪنهن به سماج کي غير سياسي مان سياسي بڻائي سگهجي ٿو.
ملڪ ۾ عمران خان نيازي وارو تجربو اصل ۾ سماج کي سياست وسيلي غير سياسي بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو هو، ته جيئن عوام پنهنجن سياسي حقن تان هٿ کڻي وڃي، عوام سياست کان بيزاريءَ جو اظهار ڪري سياست گاريون ڏئي ۽ ان کي سماج لاءِ هڪ برائي سمجهي. اڄ به جيڪا سياست پي ٽي آءِ ڪري رهي آهي، ان نه رڳو سماج کي اخلاقي طور نقصان ڏنو آهي پر رياستي سطح تي ان سياسي طور به نقصان ڏنو آهي. اهڙي ريت اهو سلسلو هلندو رهيو ته سياست جي ميدان ۾ عمران خان نيازي ۽ ان جهڙا ماڻهو عوام تي راڄ ڪرڻ لاءِ اقتدار ۾ هوندا. جن جي ڪري سياست بنهه گهڻي بڇڙي ٿي پئي آهي.
هن ڀيري مڪاني چونڊن ۾ غريب ۽ وچين طبقي جي ماڻهن پنهنجو پاڻ کي سياسي متبادل طور پيش ڪيو آهي، جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ اهو تاثر ته ملي ٿو ته ماڻهو سياست کي تبديليءَ جو ذريعو سمجهن ٿا ۽ اهي سياست وسيلي سماج کي تبديل ڪندي، ان کي بهتر ڪرڻ چاهين ٿا. اهو هڪ سياسي رويو آهي. دنيا ۾ ڪٿي به ڪوبه فرد يا ڪو سماج غير سياسي نه هوندو آهي، اهو رڳو ان کان پاسيرو هوندو آهي. هاڻوڪين چونڊن ۾ جن کي سوڀ نه ملي سگهي آهي، انهن تي ڏکارو ٿيڻ بدران انهن جي حوصلي جو داد ڏيڻ گهرجي جو انهن اهڙين قوتن کي للڪاريو آهي، جن جي اڳيان ڪنڌ کڻي هلڻ به ڏوهه آهي.
ان ڪري هيءَ اڃا شروعات آهي، جيڪڏهن اسان جون سنڌ دوست پارٽيون سياسي ميدان کي خالي نه ڇڏينديون ۽ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ متبادل کي پيش پيون ڪنديون ته ايندڙ وقت ۾ عورتن جي قيادت سنڌ کي ليڊ ضرور ڪندي ۽ اهو خيال به دفن ٿي ويندو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جو ڪو متبادل ڪونهي.