ڪجهه ڏينهن اڳ نديم پراچا هڪ انگريزي اخبار ۾ مضمون لکيو، جنهن جو عنوان هو “ڊيٿ آف پوسٽ ماڊرنزم: ميٽا ماڊرنزم” ان مضمون ۾ هن ڄاڻايو آهي ته آمريڪي ۽ يورپي ڏاها هاڻي اهو چئي رهيا آهن ته جديديت پڄاڻان جو انت ٿي چڪو آهي ۽ ادب، آرٽ، آرڪيٽيڪچر وغيره ۾ ميٽاماڊرنزم ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. ميٽاماڊرنزم کي نيوماڊرنزم يا پوسٽ پوسٽ ماڊرنزم به چيو وڃي ٿو.
انٽرنيٽ تان گڏ ڪيل ڄاڻ موجب ادب ۾ هڪ نئين تحريڪ جي ڳالهه 1995ع ۾ ڪئناڊا جي لٽرري ٿيورسٽ لنڊا هئچ آن ڪئي، هن جو چوڻ هو:
“جديديت پڄاڻان کان پو جيڪو اچي رهيو آهي، ان کي نئون نالو ڏيڻ جي ضرورت آهي.”
پر نصابي حوالي سان ميٽاماڊرنزم تي سال 2010ع کان باقاعده ڪم شروع ڪيو ويو. ان حوالي سان آمريڪي فلمون ٺاهيندڙ Joss Whedon جي فلم Buffy the Vampire Slayer ۽ فلم The Cabin in Woods کي ميٽاماڊرنزم جي نموني طور پيش ڪيو ويو. ان حوالي سان سن 2021ع ۾ Jason Josephson Storm جو ڪتاب Metamodernism: The Future of Theory ڇپجي چڪو آهي. اهڙي ريت Luke Turner نالي هڪ ٿيورسٽ سن 2011ع ۾ هن کي باقاعده ادبي تحريڪ سڏيندي ان جو پڌرنامو به ڏنو، جنهن ۾ بنيادي اٺ نقطا ڏنل آهن.
Luke Turner برطانوي ليکڪ آهي جيڪو مانچسٽر ۾ سن 1982ع ۾ پيدا ٿيو، هن سال 2010ع ۾ رائيل ڪاليج آف آرٽس مان فائن آرٽ ۾ ايم اي ڪئي ۽ ان کان پو هن رائيل ڪاليج آف آرٽس سان گڏ ڪيترن ئي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ ادب جي حوالي سان ليڪچر ڏيڻ شروع ڪيا. هن پنهنجي ويب سائيٽ جوڙي جنهن تي هو ادب جي مختلف لاڙن ۽ تحريڪن تي مواد لکي رکڻ لڳو ۽ سن 2011ع ۾ هن ميٽاماڊرنزم جو پڌرنامو ڏنو.
هن تحريڪ جي مُک ڳالهه اها آهي ته دنيا جو قدرتي اصول oscillation آهي. هن مان مراد اها آهي ته جيئن اسپرنگ جي چرپر اڳيان ۽ پٺيان ٿيندي رهي ٿي ائين ئي انساني سوچ به back and forth جيان ڪم ڪري ٿي. هن تحريڪ جي حوالي سان اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته اها نه جديديت جي مخالفت ٿي ڪري نڪوئي وري جديديت پڄاڻان جي. ها پر اها جديديت پڄاڻان ۾ استعمال ٿيندڙ سينڪل ايپروچ cynical approach تي اعتراض ڪري ٿي.
هتي ان حوالي سان وڌيڪ بحث ڪرڻ بدران Luke Turner جي ڏنل پڌرنامي جي اٺن نقطن جو ترجمو ڏجي ٿو، جيئن سمجهي سگهجي ته هن ادبي تحريڪ جا اصل مقصد ڪهڙا آهن:
1- اسين oscillation کي هن دنيا جو قدرتي اصول سمجهون ٿا.
2- اسان کي جديديت ۽ ان جي مخالف ناجائز ٻار جي ڪري هڪ صدي دوران پيدا ٿيل نظرياتي اڻ ڄاڻائي ۽ خودپسنديءَ کان آزاد ٿيڻ گهرجي.
3- ان ڪري هن تحريڪ کي مختلف متضاد خيالن جي حوالي سان لچڪ ڏيکارڻي پوندي ۽ اهڙي نموني عمل ڪرڻو پوندو، جيئن ڪا اليڪٽرڪ مشين مختلف پرزن جي ملڻ سان ڪم ڪندي آهي، جيئن دنيا ۾ عملي طور اڳيان وڌي سگهجي.
4- اسين تحريڪ ۽ تجربي دوران حاصل ڪيل هر گهٽ وڌائي کي مڃو ٿا ۽ مقرر ڪيل حدن کي بيڪار سمجهون ٿا. نظام جي اهم اڻ پورائي هڪ لاڳاپو جوڙي ٿي، پر ٻڌايل نتيجي کي حاصل ڪرڻ لا نه يا نڪو وري انهي جو غلام ٿي وڃجي، پر ڪنهن اهڙي وچٿري شيءِ سان پرکجي جنهن مان انهي جي لڪل شڪل کي ڏسي سگهجي. ان سان وجود کي تقويت ملي ٿي، جيڪڏهن اسان پنهنجي ڪم جي حوالي سان ان نموني فيصلو ڪريون ته انهن حدن کي پار ڪري سگهجي ٿو، ڇو ته اهڙي عمل سان دنيا کُلي وڃي ٿي.
5- سڀئي شيون ان ڪڏهن نه بدلنجندڙ سلائيڊ ۾ ئي وڌ کان وڌ ڦاٿل آهن ۽ انهي جي اندر تحليل جي حالت ڏانهن پکڙجي وينديون آهن. فنڪاراڻي تخيلق ان ۾ فرق جي شروعات يا انڪشاف تي منحصر آهي. عروج تي اثر پاڻ ۾ فرق ڪرڻ جو غير ثالثي تجربو آهي. آرٽ جو اهو ڪردار هجڻ گهرجي ته اهو پنهنجي هجڻ ڏانهن حد کان اڳيان نڪري پنهنجا متضاد ارادا يا عزم ڳولي لهي.
6- هلندڙ وقت تڪڙ ۽ پنهنجي اهميت وڃائي ويهڻ جي علامت آهي. اڄ اسان جيترا مستقبل پسند آهيون، ايترا ئي ماضي ۾ ٻڏل (nostalgic) آهيون. جديد ٽيڪنالاجي ساڳئي وقت ۾ واقعن جي تجربن ۽ انهن جي گهڻ رخي پاسن تي عمل ڪرڻ جي قابل بڻائي ٿي. تاريخ جي موت کان وڌيڪ اهي وڌندڙ نيٽ ورڪ انهي جي جمهوري هجڻ جو احساس ڏيارين ٿا. انهي جي ڪنڊن واري رستن جي ڄاڻ ڏين ٿا، ان سان گڏ ان جا مها بيانيا هتي ۽ هاڻي راهه هموار ڪن ٿا.
7- جهڙي ريت سائنس شاعراڻي خوبصورتيءَ لا ڪوشش ڪندي آهي. اهڙي ريت آرٽسٽ به سچ کي ڳولڻ جي جستجو ڪري سگهن ٿا. هر قسم جي ڄاڻ علم جو بنياد آهي، پو ڀلي اها تجرباتي هجي يا تصوراتي. انهي جي سچائي واري قدر سان ڪوبه فرق نه ٿو پئي. اسان کي سائنس جي شاعراڻي ترڪيب ۽ جادوئي حقيقت نگاريءَ جي ظاهري بي عقلي کي پنهنجائڻ گهرجي. غلطي ئي ڏاهپ کي جنم ڏيندي آهي.
8- اسين نظرياتي روڪ ٽوڪ بنا هڪ عملي رومانويت جي تجويز ڏيون ٿا. ان ڪري ميٽا ماڊرنزم کي ٺٺول ۽ سچائيءَ جي، ڄاڻائي ۽ اڻ ڄاڻائي جي، سچ ۽ لاڳاپيل سچ جي، رجانيت ۽ شڪ جي وچ واري ۽ انهن کان مٿاهين mercurial حالت سمجهون ٿا. گهڻ رخي ۽ مختلف افقن جي ڳولا ۾ اسان کي اڳيان ۽ وري پٺيان وڃڻ گهرجي!
هيءَ اٺ نقطا Luke Turner جي ويب سائيٽ تان کنيا ويا آهن، پر اڃا به انهن تي ڪم هلي رهيو آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته نقاد هن تحريڪ کي ڪيئن ٿا ڏسن ۽ ان کي تنقيد ۾ ڪهڙي نموني استعمال ڪن ٿا. ان هوندي هڪ ڳالهه ضرور آهي ته انساني سماجن جي ترقي جو دارومدار انهي تي آهي ته نون خيالن تي سوچجي ۽ ڳالهائجي ۽ پو انهن کي عمل ۾ آڻجي.