شوبز

شهزادي ڊيانا جي دستاويزي فلم “دي پرنسز” رليز لا تيار

لنڊن: هالي ووڊ جي ناليواري ڊائريڪٽر ايڊ پرڪنز جي هدايتڪاري ۾ ليڊي ڊيانا جي زندگي تي ٺهندڙ دستاويزي فلم “دي پرنسز” رليز لا تيار آهي، فلمساز شهزادي ڊيانا جي زندگي کي ڪيترن ئي ڪلاڪن جي فوٽيج جي ذريعي انهن گهڙين کي فلمائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ ان جي جواني کان وٺي 31 آگسٽ 1997ع تي 36 سال جي عمر ۾ ان جي موت ۽ ان جي نتيجي ۾ سوڳ جا غير معمولي منظر شامل آهن. ان حوالي سان ڊائريڪٽر ٻڌايو ته دستاويزي فلم ۾ انٽرويو ۽ تجزين جي روايتي انداز کان بچندي ليڊي ڊيانا، ميڊيا ۽ عوام وچ ۾ لاڳاپن جي منجهندڙ سٽ کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button