ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پوليو رضاڪارن تي حملا

Editorial

پاڪستان ۾ جڏهن به پوليو واري مهم شروع ٿيندي آهي ته اهي امڪان گهڻا وڌي ويندا آهن ته ڪٿي نه ڪٿي پوليو رضاڪارن جي زندگين کي خطرو ٿيندو. ڇاڪاڻ ته پوليو مهم شروع ٿيندي ئي هڪ پاسي ڪن علائقن ۾ ماڻهو ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندا آهن ته ٻئي پاسي پوليو رضاڪارن تي فائرنگ ڪري انهن کي قتل ڪيو ويندو آهي. هر مهم دوران پوليو رضاڪار قتل ٿيندا رهندا آهن. جنهن مان لڳي ٿو ته اهي ان مهم ۾ ڪنهن به ريت محفوظ نه آهن ۽ نه ئي انهن جي تحفظ لاءِ ڪو جوڳو بندوبست ڪيو ويندو آهي. پر تنهن هوندي به پوليو جا ڦڙا پياريندڙ رضاڪار پنهنجو فرض نڀائيندا رهندا آهن. جڏهن ته ملڪ اڃا تائين پوليو فري ڪونه ٿي سگهيو آهي.
اتر وزيرستان جي تعلقي دتاخيل ۾ پوليو ٽيم تي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ٻه پوليس اهلڪار ۽ هڪ پوليو ورڪر شهيد ٿي ويا ۽ هڪ ٻار زخمي ٿي پيو. ڊپٽي ڪمشنر اتر وزيرستان شاهد علي خان موجب دتاخيل تعلقي جي علائقي تنگ ڪلي ۾ پوليو ٽيم ٻارڙن کي پوليو ويڪسين جا ڦڙا پيارڻ لاءِ ويل هئي. هن ٻڌايو ته اڱاري جي صبح جو پوليو ٽيم تي اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪئي جنهن ۾ ٻه پوليس اهلڪار سپاهي ڀيم شاهد، رضا الله ۽ هڪ پوليو ورڪر رشيدالله ٿڏي تي شهيد ٿي ويا. هن ٻڌايو ته فائرنگ ۾ هڪ ٻار زخمي ٿيو آهي، لاش ۽ زخمي ٻار کي تعلقي اسپتال دتاخيل منتقل ڪيو ويو آهي. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف ڇانئجي ويو، جوابدار فائرنگ ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿي ويا جن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي. سينيئر پوليس آفيسر اشفاق انور غير ملڪي نيوز ايجنسي اي ايف پي کي ٻڌايو ته هٿياربند موٽرسائيڪل تي آيا ۽ انهن پوليو ٽيم تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻار پڻ زخمي ٿيو. هن ٻڌايو ته فائرنگ جي نتيجي ۾ ٽنهي ڄڻن ٿڏي تي دم ڏنو. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي جوابدارن جي فوري گرفتاري جو حڪم ڏنو آهي. پختونخوا جي وڏي وزير محمود خان پڻ واقعي جي مذمت ڪندي شهيدن جي خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي، هن حملي ۾ ملوث جوابدارن جي فوري گرفتاري جي هدايت ڏيندي چيو ته پوليو ٽيمن تي حملو ڪندڙ اسان جي ٻارن جي آئيندي جا دشمن آهن، حملي ۾ ملوث جوابدارن کي انجام تي رسايو ويندو. وفاقي وزير صحت عبدالقادر پٽيل پڻ حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز پوليو ورڪرن جي حفاظت لاءِ پنهنجي زندگين جون قربانيون ڏنيون آهن، شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته فرنٽ لائن هيروز ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن هميشه ثابت قدمي ۽ بهادريءَ سان مشن کي جاري رکيو، اسان کي هر ٻار تائين ويڪسين پهچائڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي، للڪارن باوجود پاڪستان کي پوليو فري بڻائڻ وارو هدف ماڻي رهنداسين. ياد رهي ته پاڪستان ۾ هلندڙ سال پوليو جا 11 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن ۽ اهي سڀ ڪيس اتر وزيرستان ۾ سامهون آيا آهن.
دنيا جا تقريبن سڀئي ملڪ پوليو جهڙي خطرناڪ مرض مان ڪئين سال اڳ جان ڇڏائي چڪا آهن، پر پاڪستان ۾ هر سال پوليو جا ڪيس ظاهر ٿي رهيا آهن. پاڪستان ۽ افغانستان دنيا جا اهڙا ملڪ آهن، جتي پوليو جا ڪيس ظاهر پيا ٿين ۽ ٻار معذور ٿي رهيا آهن. اهي ڪيس ان ڪري به ظاهر ٿي رهيا آهن جو ٻارن تائين پوليو جي ويڪسين جي رسائي ايتري ته ڏکي ڪئي وئي آهي جو اهي ٻار ڦڙا پيئڻ کان رهجي ويندا آهن، جنهن جي ڪري انهن ۾ اهو وائرس رهجيو وڃي. اسين سمجهون ٿا ته پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيڻ ۽ ان کان سواءِ پوليو رضاڪارن تي حملا ٿيڻ ڳڻتي جوڳو عمل آهي، ان سان ملڪي ساک تي سوال اٿي رهيا آهن ۽ دنيا ۾ اهو تاثر وڃي رهيو آهي ته پاڪستان پوليو جي خاتمي لاءِ سنجيده ناهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جن ماڻهن به پوليو رضاڪارن ۽ پوليس وارن کي ماريو آهي، انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button