ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مڪاني چونڊون ۽ چونڊ نتيجن تي تڪرار

Editorial-Article- Ali Memon

سنڌ جي 14 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جا آيل نتيجا قوم جي اجتماعي سوچ ۽ فڪر ۽ فيصلن جي اظهار طور سامهون آيا آهن، هنن چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. جڏهن ته مقابلن ۾ شامل ٻين جماعتن گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) پاڪستان تحريڪ انصاف، جميعت علما اسلام ۽ ايم ڪيو ايم جي اميدوارن کي سندن توقع کان گهٽ ڪاميابي يا شڪست جو منهن ڏسڻو پيو آهي. هنن چونڊن ۾ ڪافي غير متوقع نتيجا پڻ سامهون آيا آهن، جنهن موجب ڪجهه انگ ۾ آزاد حيثيت ۾ مرد ۽ عورت اميدوارن پڻ تمام سٺيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. اڌ سنڌ ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي)، جمعيت علماءِ اسلام جي سنڌ ۾ جماعت ۽ مختلف قوم پرست ۽ ترقي پسند ڌرين پڻ مڪاني چونڊن ۾ سرگرمي سان حصو ورتو پر چونڊن ۾ پنهنجي دل گهري ڪاميابي حاصل نه ٿيڻ تي کٽيندڙ حڪومتي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي تي تمام گهڻو مڇريل آهن ۽ مڪاني چونڊن جي اڻوڻندڙ نتيجن کي قبولڻ بدران انهن کي رد ڪري رهيا آهن. جميعت علما اسلام جي صوبائي اڳواڻن طرفان مخالف ڌر سان گڏجي سنڌ حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
صوبي جي باقي رهيل 16 ضلعن ۾ ٻئي مرحلي ۾ مڪاني چونڊون پڻ جلد ئي ٿيڻيون آهن. جنهن سان مرحليوار صوبي جي 30 ضلعن جي سمورن ضلعن، ننڍن ۽ وڏن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾مڪاني چونڊن وارو ڪائونسلن جو سرشتو ڪم ڪرڻ لڳندو ۽ فعال ٿي ويندو، جنهن سان سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ يونين ڪائونسلز جي سطح تائين عوام جون اسيمبليون ۽ مڪاني حڪومتون قائم ٿيڻيون جيڪي سماج جي طاقت بنجڻيون آهن ۽ انهن جو علائقن ۾ ڪردار تمام گهڻي اهميت وارو آهي. ان کان پو ايندڙ سال آگسٽ 2023ع ۾ملڪ جي وفاقي پارليماني ادارن، قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون ٿيڻيون آهن. جنهن ۾يقينن نون چونڊجندڙ مڪاني ادارن ۽ مڪاني حڪومتن جو اثر ۽ عمل دخل يقيني ۽ قدرتي ڳالهه آهي. ائين چئجي ته ملڪ ۾ ايندڙ سال ٿيندڙ چونڊن جا نتيجا پڻ هاڻوڪين مڪاني چونڊن جي نتيجن جو سبب ۽ عڪس هوندا ته وڌا نه ٿيندو. چونڊن ۾ڪنهن به ڌر جي سوڀ کي مانائتي نموني ملهائڻ ۽ سنڀالڻ ۽ هارائيندڙن لا عوامي سطح تي ناڪامي ۽ صدمي کي سهڻ ڪنهن عام دل گڙدي واري ماڻهن جو ڪم نه آهي. سنڌ جي خاص قسم جي قبائلي، جاگيرداراڻي ۽ وڏيرڪي سوچ رکندڙ ماڻهو ڀلي پاڻ کي ڪيترا به جمهوريت پسند چورائيندا هجن پر مخالف کان هارائڻ واري سٽ سهڻ وارو حوصلو هنن ۾ به گهڻي ڀاڱي نه هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته اسان وٽ عام چونڊون عوام جي فيصلن بدران پنهنجي طاقت، اثررسوخ ۽ ڏاڍ ڏهڪا ۽ خزاني جي زور تي کٽڻ مڙسي ۽ پنهنجو حق سمجهيو ويندو آهي، جنهنڪري پولنگ اسٽيشنن ۽ چونڊ مهمن ۾ جوش ۽ جذبي وارا جذباتي ۽ وڳوڙ وارا منظر پڻ عام طور تي نظر ايندا رهن ٿا ۽ اهي اڳتي هلي عزت ۽ بي عزتي وارا معاملا ۽ ذاتي جهيڙن ۽ دشمنين جو سبب پڻ بنجي ويندا آهن.

مڪاني چونڊون اصل ۾ بنيادي عوامي ادارن جي جوڙجڪ وارا ڪم آهن، هاڻوڪين مقامي چونڊن ۾ هڪ پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي جهڙي پراڻي ۽ صوبي تي ڊگهي عرصي کان حڪمران جماعت پنهنجي حڪومتي زور ۽ جاهه ۽ جلال سان ميدان ۾ ڇانيل هئي ته، ٻئي پاسي، مخالف ڌر پي ٽي آ، ايم ڪيو ايم، جي ڊي اي ۽ قوم پرست ڌرين جون جذباتي جماعتون پنهنجي شعلا بيانين ۽ مخالفن تي الزامن جي واچوڙن ۽ طوفانن سان ميدان ۾ لٿل هيون. اهڙي قسم جي صورتحال ۾ مقابلي ۽ ملاکڙي جي وڏي ميدان ۾ڪجهه ترقي پسند جماعتون يا گروپ ۽ ڪجهه تعداد ۾آزاد اميدوارن جو پڻ ميدان ۾ لهڻ ۽ مقابلڻ ۾ موجود هئڻ به ڪنهن نعمت ۽ غنيمت کان گهٽ نه هو. جيڪي عام قسم جا غريب، پورهيت، سماجي ڪارڪن پنهنجي اندر جي طاقت، خدمت، محنت ۽ عوام جي محبتن جي آسري ميدان ۾ لٿل هئا. دلچسپ ڳالهه آهي ته انهن مان مختلف تڪن تان آزاد اميدوارن جو هڪ انگ پڻ ڪامياب ٿيو آهي. چونڊن ۾ڪروڙ پتين ۽ حڪمران جماعتن جي مقابلي ۾ اهڙن ڪارڪنن جو ڪامياب ٿيڻ ڪا معمولي ڳالهه نه پر يقينن غير معمولي معاملو آهي. اهي پنهنجي محنتن ۽ ڪردار جي ڪري مقبوليت ۽ ڪاميابيون حاصل ڪري آيا آهن.. هن مڪاني چونڊن جا اصل هيروز ۽ حقيقي فاتح پڻ اهي قرار ڏئي سگهجن ٿا جن محنت ڪئي، خدمت ڪئي ۽ عوام ۾ ويساهه رکي پاڻ کي سندن نمائندگي لا پيش ڪيو ۽ ڪاميابيون حاصل ڪيون. اهي عام قسم جا سماجي ڪارڪن ڪيئن ڪامياب ٿيا ۽ عوام جو اعتماد ۽ نمائندگي ڪرڻ لا هنن ڪهڙي قسم جي محنت ۽ خدمت ڪئي ۽ پنهنجي ڪردار کي متاثر ڪندڙ بڻايو. اهي هيروز يقينن سمورين سياسي ۽ سماجي جماعتن لا رول ماڊل آهن، جن کان عوامي سياست ۽ خدمت بابت ضرور سکڻ گهرجي. خاص طور تي سنڌ جون اهي ترقي پسند ۽ انقلابي ڌريون جيڪي، دنيا جي سوشلسٽ انقلابن جي پٺتي ڌڪجي وڃڻ يا ختم ٿي وڃڻ کان پو مايوسي ۽ گمنامي ۽ صدمن جو شڪار آهن انهن کي پنهنجو نئون سماجي ۽ سياسي رستو اهڙي ريت اختيار ڪرڻ ۽ عوام سان پنهنجا سڌا رابطا ۽ تعلق پيدا ڪرڻ ۽ ڪامياب ٿيڻ واري رهنمائي ۽ گر سکڻ وارا بهترين موقعا مليا آهن، انهن کي هنن سماجي خدمتگارن کان پرائڻ گهرجي ۽ ايندڙ مڪاني چونڊن کان پو عام چونڊن لا عوام جي خدمت ذريعي پاڻ کي اهل ثابت ڪرڻ گهرجي.

ملڪ ۾ چونڊن جي تڪراري ٿي وڃڻ ۽ صاف ۽ شفاف چونڊون نه ٿي سگهڻ يقينن، اڃا تائين ڳڻتي وارو معاملو بڻيل آهي. خاص طور گذريل عام چونڊن ۾ جهڙي ريت، انٽرنيٽ جي آر ٽي ايس سسٽم کي هيڪ ڪري چونڊ نتيجا چوري ڪري بدلايا ويا ۽ زور زبردستي اکين ڏٺي ڌانڌليون ڪيون ويون. عوام جي فيصلن جا نتيجا چورائي ۽ چونڊن کٽيندڙ ڌرين کي هارائي ۽ هارايل ڌر کي زوري ڪامياب ڪرائي ملڪ جو حاڪم ۽ مالڪ بنايو ويو. يقينن انهي واردات جا نتيجا ملڪ ۽ قوم لا تمام گهڻو خوفناڪ ۽ خطرناڪ ثابت ٿيا ۽ اهو قومي سانحو سموري ملڪ کي وڏي تباهي جي حوالي ڪري ويو. اهڙي قسم جي هاڃيڪار نتيجن ۽ تجربن کان پو ملڪ ۾شفاف ۽ درست چونڊون ڪرائڻ ملڪ جي قسمت ۽ سلامتي لا بي حد ضروري ۽ لازمي معاملو بنجي ويو آهي. تنهن هوندي به اڃا تائين ملڪ ۾آزاد، خودمختيار ۽ بااختيار اليڪشن ڪميشن ۽ چونڊن وارو محفوظ نظام اڃا تائين قائم ٿي نه سگهيو آهي، جنهن ڪري چونڊن جا نتيجا تڪراري بنجيو وڃن ۽ انهن تي هر وقت اعتراض ٿين ۽ سيڪيورٽي ۽ امن امان وارا مسئلا پڻ پيدا ٿيندا رهن ٿا.

مڪاني ادارا، جمهوري سرشتي جون نرسريون ۽ ٻوٽا هوندا آهن جيڪي بنيادي جمهوري ادارن جي حقيقي عوامي قيادت جي تربيت گاهه هوندا آهن. انهن مڪاني ادارن ۽ سياست ۽ سماجي خدمت جي اسڪولن مان حاصل ڪيل سکيا ۽ تربيت صوبائي اسيمبلين ۽ ملڪ جي ايوانن قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ ٻين عوامي فلاح بهبود جي ادارن کي پڻ نمائندا مهيا ڪرڻ جو ذريعو هوندا آهن، ۽ ان عمل سان جمهوري ادارن جا بنياد تعمير ٿيڻا آهن. هر هڪ جماعت جو اهو آئيني ۽ جمهوري حق آهي ته اها پنهنجي قانوني ۽ جائز مقصد لا عوام ۽ واسطيدار ادارن وٽ احتجاج ڪن ۽ پنهنجو ڏک سور ضرور بيان ڪن پر انهي عمل سان گڏوگڏ پنهنجي ڪارڪردگي ۽ عوام جي فيصلن بابت پڻ حقيقت پسند ٿيڻ گهرجي ۽ چونڊن جي نتيجن کان پو ڌرين طرفان عوام جي فيصلن کي قبولڻ ۽ عزت ڏيڻ گهرجي ۽ اڳتي لا وڌيڪ محنت ڪرڻ ۽ پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button