ناول کي پڙهڻ دوران هم جنسيت جي حمايت ۾ ڏنل دليلن ۽ لفظن مان ٻه اهم ڳالهيون سامهون اچن ٿيون، هڪ ته سڀ خيال هڪ طرفا آهن ۽ ٻيو اهو ته سموري ناول ۾ جڏهن به ڪنهن هم جنس لاڙو رکندڙ ڪردار مخالف کي ڪو دليل ڏنو آهي ته ان تي مخالف کي ماٺ ٿيندي ۽ هارائيندي ڏيکاريو ويو آهي. ان تي اهو چئبو ته ليکڪ غيرجانبداريءَ کان ڪم ناهي ورتو ۽ نه ئي خارجي ۽ داخلي احساسن ۽ خيالن ۾ فرق محسوس ڪندي انهن تي ضابطو آڻي درست نموني استعمال ڪري سگهيو آهي.
هتي ليکڪ اڳواٽ طئي ٿيل ڳالهين تي هلندي نظر اچي ٿو ته هم جنس ڪردارن کي سلجهيل، باذوق، مهذب ۽ دليلن ۾ نه هارائيندڙ ڪري پيش ڪرڻو آهي. جنهن سبب سندن مخالفن کان کين دليلن جي بدلي سگهارا دليل ناهن ادا ڪرايا ويا. ان ڏس ۾ آسڪر وائلد جو ناول Picture Of Dorian Gray ۾ هم جنس حمايتين ۽ مخالفن جا دليل پڙهڻ وٽان آهن جن کي پڙهي ڪٿي به ليکڪ جو ڪنهن جي ڌر بڻجندي يا داخلي احساسن کي پاڻ تي حاوي ڪندي محسوس نه ٿو ٿئي. جڏهن ته آسڪر وائلڊ پاڻ به هم جنسيت لاڙو رکندڙ هو ۽ ان سلسلي ۾ سزا پڻ ماڻي چڪو هو، پر پنهنجي لکڻيءَ ۾ هو ٻنهي ڌرين کان سگهارا دليل ادا ڪرائي ٿو.
تمهيد ۾ ٽڪراءُ:
ناول جي چوٿين باب جي شروعاتي صفحي (ص 31) تي ليکڪ پنهنجي تمهيد ۾ سنڌو سڀيتا، يونان ۽ سنڌ جي ماڻهن کي هم جنس محبت جا لاڙا رکندڙ بيان ڪيو آهي. هو ان صفحي تي هڪ هنڌ لکي ٿو ته “خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙين سان تعلق رکندڙ پياسي هم جنس پرست پرين سان سر عام محبت ڪندا آهن…..”
ناول نگار موجب سنڌ ۾ ۽ خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙين ۾ هم جنس محبت کليل نموني ٿيندي آهي. ڏسجي ته اها حقيقت به آهي، هي سماجي حقيقت نگاريءَ جو بيان آهي. اڄ به اسان جي چوڌاري اهڙا کوڙ هم جنس جوڙا موجود آهن. پر جيڪا اهم ڳالھه آهي، اها هيءَ ته ناول نگار پنهنجي ان بيان تان اڳتي هلي پاڻ ئي ڦري ويو آهي ۽ ائين پنهنجي ان بيان کي متضاد بڻائي وڌو اٿائين. هو صفحي 79 تي لکي ٿو ته “هونئن به ننڍي کنڊ ۾ مڊل ڪلاس سان تعلق رکندڙ هم جنس پرستن جي زندگي هڪڙي ڪمري تائين محدود هوندي آهي….”
هيءَ ٻئي بيان ڪنهن ڪردار کان ادا ڪيل ناهن. هي جملا ناول نگار مختلف جاين تي تمهيد ڪندي لکيا آهن. جيڪڏهن هيءَ بيان ٻن مختلف ڪردارن کان ادا ٿيل هجن ها ته اهو مڃجي ها ته ليکڪ ٻن الڳ سوچن کي بيان ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي. ان ڪري هڪ ڪردار کي حالتن موجب هم جنسيت کي کليل نموني ۽ ٻئي ڪردار کي ان جي حالتن موجب لڪي يعني هڪ ڪمري تائين محدود ٿي وڃڻ وارين سماجي مجبورين جو ذڪر ڪيو آهي. پر ڪردارن بدران تمهيد ۾ ليکڪ پاران سماج جي پيش ڪيل حالتن کي بيان ڪرڻ ۾ ائين اختلاف هئڻ سندس بيان ۾ تضاد کي پيش ڪري ٿو.
پروپئگينڊا وارو عنصر:
ليکڪ جي بيان ۾ ٻي اهم ڪوتاهي يا خامي اها به نظر اچي ٿي ته هو هم جنسيت لاڙو رکندڙن لاءِ “باذوق، مهذب، نفيس احساسن جا مالڪ” جهڙا تعريفي لفظ استعمال ڪيا آهن ۽ ٻئي پاسي هم جنس مخالفن کي ذوق، تهذيب ۽ ماڻهپي کان وانجهيل قرار ڏيندو رهيو آهي. ان جو مکيه سبب ڪهاڻيءَ جي بيان ۾ هم جنسيت لاءِ هاڪاري سوچ وارو ماحول پيدا ڪرڻ ۽ کين سماج ۾ نفرت بدران عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃڻ وارو پيغام ڏيڻ آهي. ان ريت هيءَ ناول پروپئگينڊا پکيڙيندڙ ناول propagandist novel قرار ڏبو. ان مان مراد ته هيءَ ناول هم جنسيت واري سوچ، خيال، ۽ لاڙي لاءِ هاڪاري ماحول پيدا ڪرڻ واري ڪوشش آهي. ان ڪوشش ۾ ناول نگار زوردار احساسن، جذبن ۽ هيجاني ڪيفيتن جو استعمال ڪري پڙهندڙ جي سوچن تي اثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ناول ۾ مختلف جاين تي اردو ۽ انگريزي ٻولين جا لفظ ۽ اصطلاح پڻ استعمال ٿيل آهن. انگريزي اصطلاحن مان ڪن جي ناول اندر ئي وصف بيان ڪيل آهي. انگريزي اصطلاحن جو استعمال ضرورت آهر درست نظر اچي ٿو. جيڪڏهن انهن جي سنڌي معنيٰ وارا لفظ استعمال ڪيا وڃن ها ته شايد انهن جو مڪمل مقصد نه ملي سگهي ها. ٻئي پاسي ناول اندر ڪتب آندل اردو لفظن ۽ اصطلاحن جو استعمال غيرضروري نظر اچي ٿو. انهن اردو لفظن ۾ “پاش پاش، اوٽ پٽانگ، طمطراق، فاتحانه، البته، ضمير و خمير، موضوعِ بحث، سنسني خيزي، هلڙبازي، من گهڙت، ماهرِ فريش واٽر، موسٽ ڪريئيٽو محبوب، فنِ عريان نگاري، سناٽو، براءِ نام، دوشيزه وغيره” شامل آهن. هتي ڪن لفظن ۾ اردو ۽ سنڌي لفظن سان گڏ انگريزي لفظن کي گڏائي اصطلاح بڻائڻ وارو استعمال نظر اچي ٿو.
سنڌي ٻولي کوڙ وسيع آهي جنهن مان ضرورت آهر لفظ کڻي پنهنجن احساسن ۽ جذبن، سوچن ۽ خيالن کي سگهاري نموني بيان ڪري سگهجي ٿو. ڌارين ٻولين مان لفظ ان وقت اڌارا ورتا ويندا آهن، جڏهن احساسن ۽ سوچن کي بيان ڪرڻ لاءِ پنهنجي ٻوليءَ ۾ لفظ موجود نه هجن. سائنسي اصطلاحن ۽ نفسياتي اصطلاحن وقت ڌارين ٻولين جا لفظ استعمال ڪرڻ واري ڳالھ سمجھه ۾ اچي ٿي ڇاڪاڻ ته اسان اهڙن سمورن اصطلاحن لاءِ سگهاري ۽ ٺهڪندڙ مقصد وارا لفظ جوڙي ناهيون سگهيا، جنهن ڪري کوڙ انگريزي لفظ ۽ اصطلاح سنڌيءَ ۾ سلهاڙجي عام بڻجي ويا آهن. پر سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳالهھ ٻولھه ۽ بيان لاءِ ڪتب ايندڙ لفظن جي کوٽ ناهي جنهن ڪري ان جاءِ تي ڌارين ٻولين جا لفظ اڻ ٺهڪندڙ ۽ غيرضروري محسوس ٿين ٿا.
منهنجي ڄاڻ موجب هم جنسيت جهڙي حساس موضوع تي سنڌيءَ ۾ هيءَ پهريون ناول آهي. سليم جماليءَ ان ڏس ۾ انتهائي دليراڻو قدم کڻندي سنڌي ناول اندر هڪ نئين ۽ حساس موضوع کي شامل ڪيو آهي. پر ٻئي طرف هن ناول ۾ سنڌي ناول وارو روايتي ڪئمپس ڪهاڻي وارو ساڳيو اثر قائم رهجي ويو آهي. پر تنهن هوندي به سليم جمالي سٺي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ناول اندر نئون خيالن آندو آهي.
سنڌي ناول کي نون موضوعن ۽ سگهاري اڻت سان سرجڻ جي کوڙ ضرورت آهي. سنڌي ناول گذريل ڪجهھ سالن کان ججهائيءَ ۾ ته لکجڻ شروع ٿيو آهي پر عالمي ناول سان مقابلي لاءِ شاهڪار ناولن جي اڃا به کوٽ محسوس ٿئي ٿي. پر جهڙي ريت سنڌي ناول تيزيءَ سان سرجي رهيو آهي ان مان اها اميد قائم ٿي آهي ته ايندڙ ڪجھه سالن اندر سنڌي ناول ۾ موضوعن جي ڪثرت به اچي ويندي ته دنيا آڏو رکڻ جهڙا شاندار ناول به ججهائيءَ سان اچي ويندا.
(پورو ٿيو)