ويهين صديءَ جي فن ۽ ادب جي وڏن نمائندن، جن کي لينن “جذبن ۽ احساسن جو سوشلسٽ” چيو هو، اهو محسوس ڪيو ته آڪٽوبر انقلاب رڳو “بالشيوڪ” تجربو ڪونهي پر تمام ڏور رس تاريخي تجربن جو نتيجو آهي ۽ ان انسان لاءِ سوشلسٽ ارتقا جا امڪان پيدا ڪري ڇڏيا آهن. انهن اديبن سوويتن جي ديش ۾ سوشلزم جي تعمير کي ڳوڙهي نظر سان ڏٺو ۽ بين الاقوامي رجعت پرستيءَ جي حملي جي جواب ۾ ان جو دفاع ڪيو. اهي ماڻهو ۽ عالمي فن جي ترقي پسند حلقن جا نمائندا لينن کي، جيئن رولان جائز طور چيو، فڪر ۽ عمل جو انسان سمجهندا هئا جيڪو سياسي مفڪر ۽ ويڙهاڪ هو ۽ جنهن سڄي زندگي عوام جي خدمت لاءِ وقف ڪئي هئي. لينن جي شخصيت ۽ سندس تاريخي ڪارنامن عوام جي ذهنن تي گهرو اثر وڌو ۽ عظيم ڪاميابين، مقصد جي بلندي ۽ فڪر ۽ عمل جي پوترتا جي ڪري ان کي پنهنجو حامي بڻائي ورتو.
ٻي عالمي جنگ دوران ۽ جنگ کان پوءِ وارن سالن ۾ تاريخي ميدان ۾ بيٺڪي ۽ نيم ٻيٺڪي قومون اڀريون جيڪي پهرين محڪوم ۽ شهري حقن کان محروم هيون ۽ سوويت يونين ۽ سڄي سوشلسٽ برادريءَ جي طاقت تمام گهڻي مضبوط ٿي. اهو دور طوفاني واقعن سان ڀريل هو، سرمائيداراڻي نظام جو وجود خطري ۾ پئجي چڪو هو ۽ خيالن جي اڻٿڪ ۽ مفاهمت نٿي سگهندڙ جوڳي جنگ ان دور جي خاصيت هئي. ان دور ۾ به حقيقت پسند فن ئي ان دور جي بنيادي خاصيتن جي عڪاسي ڪرڻ جي اهل ثابت ٿيو.
ڪجهه سالن دوران حقيقت پسند فنڪار انهن انساني مسئلن جي تجربي ۾ مصروف رهيا آهن جيڪي جديد سرمائيداراڻي سماج ۾ پيدا ٿيا آهن. اهي انهن عملن جو تجزيو ڪن ٿا جيڪي ان سماج ۾ انسان کي هڪ آٽوميٽڪ مشين بڻائي ڇڏين ٿا ۽ رڳو شين جو واهپيدار ۽ جنسن (ڪموڊٽيز) جو غلام بڻائي ڇڏين ٿا.
موجوده دور جا سماجي سوال اٿارڻ جو اعزاز حقيقت پسنديءَ کي ئي حاصل آهي. عام طور فنڪار سدائين روزمره جي زندگيءَ جي انهن ٽڪرائن جو مڪمل حل پيش نٿا ڪري سگهن جيڪي انهن کي لوڏي ڇڏين ٿا. پر اها شئي گهٽ اهميت واري ناهي ته اهي حقيقي زندگيءَ ۾ ٽڪرائن جي نشاندهي ڪري ڇڏين ٿا. ڪجهه سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ جا طريقا ٻڌائين ٿا ۽ انسان کي تاريخي امڪانن کان واقف ڪرائين ٿا. زندگيءَ بابت اهو رويو رکڻ ۾ فنڪار جي صلاحيت، ان جو سماجي جهڪاءُ ۽ قطعي طور ان جو عالمي نقطه نظر فيصلائتي حيثيت رکي ٿو. سوشلسٽ حقيقت نگاري فن جي مستقبل لاءِ انهن عنصرن جي اهميت بنهه چٽي ڪري ڇڏي آهي. ان قسم جي فن جي بهترين نمونن سماجي لاڳاپن جي ان نظام کي بدلائڻ جي، جيڪو ذاتي ملڪيت تي بيٺل آهي، ۽ ان جي جاءِ تي نئون سوشلسٽ سماج قائم ڪرڻ جي تاريخي ضرورت کي اجاڳر ڪيو آهي.
لينن جي تعليم سوشلسٽ حقيقت نگاريءَ جي فن لاءِ تاريخي امڪان روشن ڪري ٿي، ان ۾ اميد، مستقبل تي اعتماد ۽ عوام جي تخليقي طاقت تي يقين پيدا ڪري ٿي. ليننزم سوشلسٽ حقيقت نگاريءَ جي فن کي هڪ عظيم سماجي آدرش بخشي ٿي، هڪ اهڙُي منصفاڻي سماج جي اڏاوت جيڪو ڪميونسٽ اصولن تي ٻڌل هجي ۽ جنهن ۾ انسان جي ڀرپور شخصيت جي تعمير لاءِ معروضي حالتون سازگار هجن. ليننزم ئي سوشلسٽ حقيقت نگاريءَ جي فن لاءِ ممڪن بڻائي ٿو ته هو جديد دور جي جوهر کي ۽ سوشلسٽ اڏاوت جي ڪمن کي سمجهي جن جو تعلق حڪمت عمليءَ سان آهي. هو فني فڪر کي زندگيءَ جي گوناگون عملن جي دولت عطا ڪري ٿو ۽ تاريخي ارتقاءَ ۽ انساني لاڳاپن ۽ انسان جي نفسيات جي سمورين ابتدائي تشريحن ۽ ترجمانين کي مڪمل طور رد ڪري ٿو.
سوشلسٽ حقيقت نگاريءَ جو فن نئين سماج جي سچائيءَ جي پرچار ڪري ٿو. ان حقيقت ۽ سوشلسٽ حقيقت نگاريءَ جي فني دولت ان کي اسان جي دور جو انتهائي اسريل ۽ اهم فني لاڙو بڻائي ڇڏيو آهي. ٻين سوشلسٽ ملڪن ۾ جيتوڻيڪ “سوشلسٽ حقيقت نگاريءَ” جو اصطلاح عمومي طور قبول نٿو ڪيو وڃي پوءِ به سوشلسٽ حقيقت نگاري ئي اتي حاوي فني رجحان آهي. ان قسم جو فن سرمائيدار ملڪن ۾ پيدا ٿيو پر اتي ڪجهه ڏينهن کان انهن ملڪن ۾ ان جي ارتقا جي راهه ۾ رنڊڪون پيدا ٿي ويون آهن.
سوشلسٽ حقيقت نگاريءَ جي فن ۽ ان جي سالم نظرياتي بنياد ۾ ۽ پنڊپهڻ ٿيل مئل جماليات ۾ ڪا شئي هڪجهڙي ڪانهي. حقيقت پسند فنڪارن جي مختلف تخليقي انفراديتن کان سواءِ اهو فن مختلف فني رجحانن جي نمائندگي ڪري ٿو. ۽ انهن وچ ۾ ڪا به گهري ۽ حتمي ليڪ نڪتل ڪانهي. هڪ رجحان حقيقت جي اهڙي عڪاسي ڪري ٿو جيئن ان کي زندگيءَ جي معروضي صورتن ۾ ڏٺو آهي. ٻيو زندگيءَ جي عملن کي رواج مطابق استعارن جي ٻوليءَ ۾ بيان ڪري ٿو ۽ ٽيون رجحان، جنهن کي عام طور رومانوي چيو وڃي ٿو هڪ اهڙي ذهني ڪيفيت کي ظاهر ڪري ٿو جنهن جو رومانويءَ سان، جن معنائن ۾ عام طور اهو استعمال ٿئي ٿو، ڪو به واسطو ڪونهي. ان جي خصوصيت اها هوندي آهي جو موضوع بابت ان جو رويو غنائي ۽ شاعراڻو هوندو آهي.
زندگيءَ جي سچائيءَ جو اعلان انقلابي فن جي جماليات جي پيڙهه جو پٿر هوندو آهي. اها ڪا اتفاقي ڳالهه ڪانهي ته جديد ترميم پسند حقيقت نگاري ۽ “انتشار” جي سهيوڳي فن وچ ۾ موجود سنڌي کي ختم ڪري ڇڏين ٿا، سوشلسٽ حقيقت نگاريءَ جي جماليات کي نقصان پهچائڻ ۽ ان جي بنيادي اصولن کي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. تجربو ٻڌائي ٿو ته سوشلسٽ حقيقت نگاريءَ جي نظام کي برباد ڪرڻ جو مطلب اهو هوندو آهي ته بورجوا نظرئي، جيڪو سوشلزم جو دشمن آهي، سوشلسٽ فن تائين پهچ حاصل ڪري ورتي آهي. ان ڪري اهڙي نموني جي ڪوششن خلاف جدوجهد سوشلسٽ جماليات ۽ فن جو خاص ۽ فوري ڪم آهي.
سوشلسٽ حقيقت نگاريءَ جو فن لينن جي غيرفاني تعليم جي ٻل تي ان جدوجهد ۾ يقينن سوڀارو ٿيندو ان ڪري جو اهو زندگيءَ ۾ ظاهر ٿيندڙ انقلابي تبديلين کي هڪ ڪل جي حيثيت سان ۽ انهن سماجي ٽڪرائن جي روشنيءَ ۾ ڏسي ٿو جيڪي مجموعي طور انساني سماج جي زندگيءَ کي به طئي ڪن ٿا ۽ هڪ فرد جي زندگيءَ کي پڻ، جنهن جو مقدر سڌيءَ طرح انهن انقلابي تبديلين تي آڌاريل آهي جيڪي سرمائيداراڻن رشتن جي مڪمل خاتمي لاءِ واٽ سڌي ڪن ٿيون. لينن جو ورثو، سندس لافاني نظريو تاريخي اميد جو مجسمو آهي. ليننزم فن کي مستقبل تي اعتماد عطا ڪري ٿو ۽ ان کي انهن زبردست ڏکيائين تي ڪنٽرول ۾ مدد ڏيئي ٿو جيڪي سماجي ۽ ذهني ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن.
(پورو ٿيو)