جيئن جيئن وقت گذرندو ٿو وڃي، تيئن تيئن ڳُجھه ڳُجهاندر ڳالهڙي جي وِرهه واٽن مٿي گهاريل رمز واري هڪ رات جا پاڇا، سندس گيان گهر ۾ گهري کان گهرا ٿيندا پيا وڃن ۽ هو محسوس ڪري رهيو آهي اوسيئڙي جي انهي کيت جو هڳاءُ، جنهن جي خيال جي پوکي کان هڪ هُو پاڻ واقف آهي ۽ ٻي اها ڪَڙي ۽ مِٺي پاڻي جي ميلاپ واري ڍنڍ، جنهن جي ڪنڌي جا ڪوڏ هن کي سدائين پنهنجي گذريل جنم جا نقش و نگار سمجهائيندا رهن ٿا. هن بي مقصد ڀڄ ڀڄان ۽ اجائي مڃوتي لاءِ بيقرار ڀٽڪندڙ نرڄي ۽ احسان فراموشي واري دؤر ۾، مٿس جڏهن جڏهن به الزامن جي سنگسار گهڙي آئي آهي ته هِن اهي ڪوڏ ئي ياد ڪيا آهن، جن کيس ڪڏهن به اها ميار نه ڏني ته هُو ايتري دير آخر ڪٿي هو؟ اهي ڪوڏ جيڪي جنمن کان سندس منتظر رهيا، کيس مليا، بنا ميار ۽ الزام مڙهڻ جي جدا ٿيا، وري ڪنهن وسڪاري ۾ سامهون ٿيا ۽ وري اکين کان اوجهل ٿي ويا. پر ان سڄي سفر ۾ ڪٿي ڪنهن گهڙي ۾ به اجائي هوڏ ۽ هَٺ جو هڪ پل به ڪونه هو. بس پنهنجي پنهنجي حصي جا ُپُور ۽ ُسور هئا، جيڪي سَليا ويا ۽ سَلبا ويا، تمام گهڻي دير تائين.!!
اڄ هُو انهن ڪوڏن مان هڪ رهجي ويل ڪوڏ کي ڌيان جي ڌُوپ سان ڌوئي رهيو هو، جنهن ڪوڏ جي نسن ۾ ان شاعر جي ديس جي واري سمايل هئي، جنهن شاعر رهزني واري رات جي قهر جي ڪُٺلن کي سدائين آجپي جو يقين ڏياريندي، صبح جي اميد سان هيئن سلهاڙي رکيو آهي ته.
اي غريبئو!!
قهرِ رات جا ڪُسندڙئو
ٿورو پردو هٽائي
ڏسو ڏسندڙئو
وقت مٽجي پيو
وقت مٽجي پيو…!!
۽ ڪوڏ ڌوئيندي هُو ياد ڪري رهيو هو پنهنجي وجود ۾ ٻرندڙ ان مَچ جو سيڪ، جنهن مَچ جي سُهائي مان ليئا پائيندي پوهه جي هڪ رات ۾ ڪنهن کانئس پڇيو هو:
“هي ڳلي جو هار
سامي سينگار
ڪنهن جي لاءِ کنيو ٿئي؟
ڪير آ تنهنجي خيال ۾ قائم
جنهن لاءِ زاروزار
پنهنجو پاڻ ڪيو ٿئي!؟
تنهنجي هن تحقيق جو نقطو
هر لاحد کان اڳتي رستو
ڪهڙو آهي!؟
هي ته اڱڻ آ ان جو جنهن لاءِ
نام بِنا سُپرين جو مارڳ
ديسان ديس مشهور رهيو آ
آ توکي ڪهڙي ديس جي ڳولا!؟
ويراڳي ڪنهن ويس جي ڳولا!؟
هي جو تنهنجو ساز آديسي
تَنهن جو هي آواز اويسي
ڪهڙو نام پُڪاري ويٺو
ٻروچاڻي ٻولي ۾ ٻيهر
ڪهڙو وچن پاري ويٺو!؟”
۽ اهڙو سوال ٻُڌي هي حيران ٿي ويو هو ته لِڪڻ جي باوجود به هُو تَنهن رات لڪي ڇو نه سگهيو ۽ سندس باطن جي سموري ڪٿا، ان چاپَهين سونهاري واري مَچ سوريندڙ سامي ڪيئن پروڙي ورتي هئي؟ بس اها رات ۽ اڄوڪو ڏينهن، هي ان مام جي ويساهه جي آگهي وارن سان گهارڻ کي وڏي وٿ سمهجي ٿو، جن کي زبان سان ڪجھه ٻڌائڻ جي ڪابه ضرورت ناهي هوندي. هو ته بس هڪ نهار ۾ سڀئي پار سڃاڻي وٺندا آهن ۽ ڄاڻي وٺندا آهن اها ڳُجهھ ڳُجهاندر ڳالهڙي، جنهن جي ڪابه ٻولي نه هوندي آهي. ڇو ته سڀئي ٻوليون تنهن ڳُجهھ مان ئي ڦٽي نڪتل آهن. پر هي دنيا پوءِ به ڪيترو نه ڳالهائي ٿي؟ ڪو اهڙو لفظ نه بچيو آهي، جنهن کي دنيا ڪا گهڙي ساهه کڻڻ ڏنو هجي.
هيستائين انسان سڀني ٻولين ۾ جيڪي به لفظ تخليق ڪري سگهيو آهي، سي سڀ جا سڀ مسلسل ڳالهائجي رهيا آهن پر پوءِ به دنيا کي ڪجھه سمجهھ ۾ نٿو اچي. اويساهي آهي سا ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي ڇو؟ آخر اهو ڪهڙو لفظ آهي، جيڪو اڃا تخيلق جي ِسپ جي پيٽ ۾ پلجي رهيو آهي، جنهن جي آمد کانپوءِ زماني کي اهو ويساهه اچي سگهي ته اعتبار لاءِ هڪ لمحو به ڪافي هوندو آهي، جي نه ته هڪ ته ڇا پر هزار جنمن سان به يقين جي منزل نٿي ماڻي سگهجي. ۽ جيڪي يقين جي منزل کان رهجي وڃن ٿا، تن لاءِ هي زندگي ڪنهن به سجائي سروڪار جي نٿي رهي.
۽ پوءِ کيس ياد آئي مرشد جي اها هدايت ته:
“جيڪي هڪڙي اکر ۾ ڳالهه کي نٿا سمجهي سگهن، تن اڳيان سڄي ڪٿا کولي رکڻ جي آخر ڪهڙي ضرورت آهي؟”
۽ بس پوءِ هو ماٺ ٿي ويو ۽ اڳتي لاءِ ڪابه وضاحت ضروري نه سمجهيائين. جيتوڻيڪ هو رهيو ته اڳ به انهن سان ئي آهي، جن ڪڏهن به تاريخ ۾ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪو قسم نه کنيو ۽ اڻ ڪيل گناهن جي سزائن جا صليب پاڻ پنهنجن ڪلهن تي کڻي ڏوريندا رهيا پر پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن زندگي ۾ ماڻهو کي ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي ڪنهن اهڙي وجود اڳيان وضاحت ڪرڻي ئي پئجي ويندي آهي، جيڪو وجود ان احساس ۾ پاڻ پسائيندو هجي ته کيس سچ جي ڳولها آهي. البت اهڙي وضاحت ۾ جيڪڏهن لڳاتار ڊيگھه رهندي اچي ته پوءِ ان اسرار جي خوبصورتي مڌم ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي، جيڪو سچ ڳوليندڙ جي اڳيان سلڻ، انهن ڳولائون جي فرض ۾ شمار ٿئي ٿو جيڪي پاڻ به ڪڏهن ڳولها ۾ رهيا آهن ۽ جن کي به ڪڏهن ڪنهن سڏي، گوڏي گڏ ويهاري اهو سمجهايو هو ته:
“ڳُجها وڃي ڪيا آهن ويراڳين واهيرا
اڃا به هَنجن جا آهن آکيرا”
۽ پوءِ انهن ڳوليندڙن، ٻڌائڻ وارن کان جيئن ڪجهه ٻُڌو ته وري نه پڇيائون ۽ ساعت وڃائڻ کان سواءِ پيرا کنيائون انهن ويراڳين جي واهيرن جا، جيڪي ڳجها رهن ٿا ۽ ڳُجھه ڳالهائين ٿا. پر جيڪي وري وري پڇن ٿا ۽ پنڌ نٿا ڪن، تن کي بس رڳو پُڇا ئي ڦٻي ٿي ۽ اهي ماڳ آخر تائين کين هٿ نٿا اچن، جن ۾ موجود هنجن سان جن هڪ گهڙي گهاري ڏٺي ته وري ڪڏهن به ٻَگهن سان گڏجي ڪونه ُچڳيا. پوءِ ڀل جو کڻي سَر سُڪي ٺوٺ ٿي وڃي ۽ سندن پيٽ پُٺين سان وڃي لڳن. پر هي جيڪي ٻگهن سان به گڏجي ُچڳن ٿا ۽ هنجن سان ياري جي به سَڌ رکن ٿا، تن کي اهو ڪير سمجهائي ته:
“ٻن تراڙن جا، ڪانهي هڪ مياڻ ۾…!!”
سو بس انهن خيالن ۾ ئي هو ياد ڪري رهيو هو ڳُجهھ ڳُجهاندر رات جي پهر جا اهي پُور، جنهن رات ۾ سندس رهاڻ ان ُسنگ سان ٿي هئي، جنهن سنگ جي راهنما جي چانئٺ تي اهو نياپو درج آهي ته:
“اي حسنِ جهان جا بيمثال روپ!! جيترو به ٿي سگهئي اوترو ڪنهن دردمند جي ڪم اچ ۽ ڪنهن ٻڏندڙ جو سهارو بڻجي وڃ. هي جيڪا تنهنجي مست نگاھه آهي، تنهن جي مستي جيڪڏهن ڪنهن ڳولائو مٿان ٿوري نڇاور ڪري به وجھنديون، ته تنهنجو آخر ڇا ته ويندو؟”
ها اهو ُسنگ، جنهن سان هي سڄي رات، هڪ سچ لڪائڻ جي ڪوشش ۾ اهو ڪُوڙ ڳالهائيندو رهيو هو جيڪو ڪوڙ اڪثر تمثيلي فن جي خوبصورتي لاءِ ازل کان فنڪار استعمال ڪندا رهيا آهن. پر هُو پوءِ به لڪي ته نه سگهيو. جو سندس اکين ۾ ان پيار جي پِپِر جا پَن مسلسل وَڏ ڦُڙي جي آواز سان گڏ وڄي رهيا هئا، جنهن پپر جي ڇهاءَ کي اڄ ڏينهن تائين ڪوبه ڪوسو واءُ ڪومائي نه سگهيو آهي. ڪيترا نه سانوڻ گذري چڪا آهن ان وچ ۾!! پر پوءِ به اهو پپر پياسو آهي. ڇو ته ان جي پن پن ۾ سندس جنم در جنم جو ُپور پويل آهي. ڪالهه به هُو ان ئي ُپور ۾ هو جنهن ُپور جا بنياد ڪنهن سندس روح ۾ اهو چئي قائم ڪيا هئا ته:
” ماڻهو ٿي”
۽ ان لمحي کان اڄ تائين ڳُجهھ ڳُجهاندر ڳالهڙي ۾ هو بس هڪ ماڻهو ئي ڳولي رهيو آهي.