ڪلاسيڪل يونان ۾ فلسفي جو موضوع ڪائنات ھو. ان دور جا ڏاھا ھن ڪائنات کي سمجھڻ ۾ تمام گھڻي دلچسپي رکندا ھئا، انھن ھن ڪائنات جي قانونن ۽ ان جي جوھر کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اھي ان ۾ گھڻي حد تائين ڪامياب به ويا. ان کان پوءِ فلسفي ۾ ھڪ ٻيو دور اچي ٿو جنھن ۾ سقراط فلسفي ۾ انسان ۽ ان جذبن تي بحث ڪري ٿو. ان فلسفي جو مقصد انسان کي سمجھڻ ھو، تنھنڪري سقراط چوندو ھو ته “پنھنجي پاڻ کي سڃاڻو” ائين سقراط کان پوءِ انسان ۽ ان جي وجود، نفسيات ۽ ان جي جذبن تي مختلف ناول نگارن ۽ ڪھاڻيڪارن پنھنجي تخليقن ۾ بحث ڪيو. خاص ڪري روس ۾ دوستووسڪيءَ جي ناولن جو موضوع انساني نفسيات ۽ جذبا ھئا، جنھن ۾ دوستووسڪي مختلف فردن جي نفسياتي مسئلن ۽ جذبن کي پنھنجي ناولن جو موضوع بڻايو. دوستووسڪيءَ جا ڪردار ڪنھن نه ڪنھن نفسياتي مسئلن ۾ ورتل ھئا پر انسان جي پنھنجي وجود، انسان سان لاڳاپيل مسئلن، ان جي جذبن جي کي سمجھڻ جي فلسفياڻي تحريڪ اوڻويھين صديءَ ۾ اُڀري سامھون آئي جنھن کي “وجوديت” چيو وڃي ٿو، جنھن جي شروعات ڊينمارڪ جي ھڪ ڏاھي سورين ڪرڪيگارد کان ٿئي ٿي جنھن جو ننڍپڻ ته تمام ڏکن ۾ گذريو پر ھن جي پيدائش به ھڪ وڏو گناهه سمجھيو وڃي ٿو ڇو ته ھيءَ پنھنجي ماءُ جو ناجائز اولاد ھو. ھن جي پيءُ ھن جي ماءُ سان زبردستي زنا ڪئي ھئي جيڪا ھن جي پيءُ جي گھر ۾ نوڪرياڻي ھئي ۽ ان گناهه جي پڇتاءُ مان ھن جو پيءُ سڄي ڄمار نه نڪري سگھيو، جنھن جو اثر سورين ڪرڪيگارڊ تي به ھو، جيڪو پنھنجي پاڻ کي سڄي ڄمار گنهگار سمجھندو رھيو. پنھنجي پاڻ کي سٺو عيسائي ثابت ڪرڻ لاءِ سڄي ڄمار رياضتون ڪندو رھيو ۽ ان پڇتاءُ، ڏک ۽ روڳ ھن کي انساني فڪري تاريخ جو ھڪ وڏو فلسفي بڻائي ڇڏيو. جنھن جي فڪر تي وجوديت جھڙي فلسفي جو بنياد پيو، جنھن سرمائيداري دور جي انساني مونجھاري ۽ فرد جي ويڳاڻپ کي سمجھڻ جي پوري ڪوشش ڪئي.
وجوديت جي فلسفي تي انگريزي توڙي اردو ۾ بھترين ڪتاب لکيا ويا آھن پر سنڌيءَ ۾ ان موضوع تي ڪتاب اڻ لڀ آھن. منھنجي نظر مان فقط ھڪ ڪتاب گذريو آھي، جيڪو ظفر اڄڻ جو لکيل آھي. ھاڻي انھي موضوع تي نويد سنديلي جو ڪتاب “وجوديت جو فلسفو” آيو آھي، جنھن ۾ وجوديت جي فلسفي ۽ فڪر تي تفصيلي بحث سان گڏوگڏ تيرھن اھم وجودي ڏاھن جي زندگي ۽ ان جي فڪر جو مختصر تعارف آھي، جيڪو اسان کي فلسفي جي ھن اھم تحريڪ کي سمجھڻ ۾ وڏي مدد ڏي ٿو.
ھي فلسفو يورپ جي صنعتي دور جي پيداور آھي جنھن ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي وڌي وڃڻ جي ڪري ھڪ فرد ان سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي رحم ڪرم تي ٿي ويو جنھن ڪري ھُو فطرت کان ڪٽجي ڌار ٿي ويو، تنھنڪري ھڪ فرد ۾ ويڳاڻپ، مايوسي جھڙي ڪيفيت پيدا ٿي پئي ۽ ان ويڳاڻپ جي ڪري فرد پنھنجي شخصيت کان اڻ ڄاڻ ٿي پنھنجي پاڻ کي ئي وساري ويٺو. وجوديت جي فلسفي فرد جي ان ويڳاڻپ کي سمجھڻ جي پوري ڪوشش ڪئي. جيئن ليکڪ ھن ڪتاب جي صفعي 14 تي لکي ٿو ته “ھي تحريڪ ان سماج خلاف اُڀري آئي جنھن ۾ فرد پنھنجي شخصيت وڃائي ڇڏي ھئي، ھو انبوهه جي ھڪ جز جي حيثيت سان زندگي گذاري رھيو ھو. ھن ان ڳالھه کي وساري ڇڏيو ھو. فرد جي معنيٰ ڇا ھوندي آھي. موت اھنج، فيصلو، محبت ۽ نفرت ڪھڙيون شيون آھن .”
ھيءَ ڪتاب ڪل سورھن بابن تي مشتمل آھي جنھن ۾ پھرئين باب ۾ وجوديت جي فلسفي جو تعارف ۽ ان جي موضوع تي بحث ڪيو ويو آھي جنھن ۾ مجموعي طور ھيٺيون نتيجو ڪڍيو آھي.
ھلندڙ دور جي سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي ترقي جتي انساني زندگيءَ کي وڌيڪ سُکي ۽ آسان بنائي ڇڏيو آھي، اُتي ان ٻيا مونجھارا به پيدا ڪيا آھن. خاص طور تي غير يقينيءَ جي صورتحال، ڳڻتي،نراسائي، ننڌڪائي ۽ ويڳاڻپ جھڙا نفسياتي مونجھارا جن جي ڄار ۾ جديد دور جو انسان ڦاٿل آھي، انھن مان جند آجي ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل نظر اچي ٿو. انھيءَ حوالي سان وجوديت واد ماڻھوءَ جي مونجھارن جا حل ڳولھڻ ۾ ڪافي حد تائين سڦل وئي آھي.”
وجوديت فلسفي جي دنيا جو ھڪ اھڙو نظريو آھي جنھن مطابق ھيءَ بي معنيٰ دنيا ۾ انسان آزاد ۽ پنھنجن عملن جو پاڻ جوابدار آھي.
وجوديت روايتي فلسفي ۽ جديد سماجي نظام جي خلاف ڀرپور بغاوت آھي.
وجوديت ڪُلي طور انسان کي ان ڳالهھ تي زور ڏياري ٿو ته ھُو پنھنجي وجود کي سمجھي ۽ بيان ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري.
وجودي انسان جي ڳڻتي، نراسائي، خوف، غلطيءَ جي احساس، پڇتاءُ،اڪيلائيءَ جي احساس ۽ انسان جي محدود ڪري “مون” جھڙن مسئلن سان ڳنڍي ڇڏيندو آهي.
وجوديت بنيادي طور انساني وجود کي سمجھڻ جي ڪوشش آھي ھنن جو چوڻ آھي ته وجود جوھر کان پھرئين آھي. وجودي فلسفين مطابق پيڙا يا ڳڻتي انساني وجود جي سڀ وڌيڪ بنيادي ۽ ڪائنات گير حالت آھي.
وجودي سمجھن ٿا ھيءَ وجود بي مقصد وجود آھي، تنھنڪري اھي پنھنجن ناولن ناٽڪن ۾ به پنھنجي ڪردارن کي بي مقصد زندگي گذاريندي ڏيکارين ٿا، جيئن البرث ڪاميو جي ناول “ڌاريو” ۾ ڏيکاريل آھي. انسان جو وجود نيستي يا فنا آھي.
وجودي فلسفي موت کي اھم موضوغ سمجھن ٿا. ان تي بحث ڪن ٿا. جيئن موت ڇا آھي؟ تي صفحي 52 تي ليکڪ سارتر جو خيال ڏنو آھي ته “موت منھنجو مڪمل عدم وجود آھي. موت به اھڙو واهيات آھي جھڙو ڄم، اھو منھنجي حياتيءَ جي ڪائيِ قطعي ۽ حقيقي گھڙي نه آھي. اھو منھنجي شعوري ھستيءَ جي وجود کي ميسارڻ کانسواءِ ٻيو ڪجھه به ناھي. موت وجود بيھودگيءَ لاءِ ٻيو شاھد آھي.”
وجودي فلسفي انسان جي ويڳاڻپ تي پڻ بحث ڪن ٿا. وجودين جي خيال موجب اسان شين جي دنيا ۾ گھيريل آھيون، جيڪي اسان کي مبھم ۽ ڌنڌليون نظر اچن ٿيون ۽ جن کي اسان سمجھي نٿا سگھون. سائنس اسان کي فطرت کان ويڳاڻو ڪري ڇڏيو آھي.
ائين ليکڪ پھرئين باب ۾ وجوديت جي موضوع ۽ ان جي وصف تي بحث ڪرڻ کانپوءِ تيرھن وجودي ڏاھن جي زندگيءَ ۽ ان جي فڪر ۽ فلسفي تي بحث ڪري ٿو، جنھن جو اچو ته مختصر جائزو وٺون.
جيئن ته وجوديت جي فلسفي جي شروعات سورين ڪرڪيگارڊ کان ٿئي ٿي تنھن ڪري ليکڪ به سڀ کان پھرئين سورين ڪرڪيگارڊ جي زندگي ۽ ان جي فلسفي جو جائزو ورتو آھي، جنھن ۾ ليکڪ جو خيال آھي ته ھي فلسفي اصل ڳڻتي جو ڳاريل ھو. ھيءَ سڄي ڄمار پنھنجي پيءُ جي ڪيل ۾ سڙندو ۽ پڃرندو رھيو. ڪرڪيگارڊ جو خيال ھو ته سچ ھر ماڻھوءَ جي داخليت ۾ آھي، ھر ماڻھو جيڪو سوچي ۽ صحيح سمجھي ٿو اھو ئي اھو سچ آھي، تنھنڪري ھر ماڻھوءَ لاءِ زندگيءَ ۾ ذھن جي آبياري ڪري ڪندو رھي. ڪرڪيگارڊ انساني شخصيت يا ذات جي اوسر جون ٽي منزلون جمالياتي، اخلاقي ۽ مذھبي ٻڌايون آھن جنھن ۾ جمالياتي منزل ۾ ماڻھوءَ تي جذبا ۽ نفسياتي خواھشون ڇانيل رھنديون آھن.
ٻي منزل، اخلاقي منزل ۾ ھڪ فرد سماجي ۽ اخلاقي ذميوارين کي سمجھي ٿو ۽ انھن کي نڀائي ٿو. ڪرڪگارڊ موجب ھن منزل ۾ فرد جمالياتي حُسن پسي ٿو ۽ عالمي انسان جي درجي تي پھچي ٿو.
ان کانپوءِ ٽين منزل کي سورين ڪرڪيگارڊ مٿانھين منزل سمجھي ٿو. ھن منزل ۾ ڪرڪيگارڊ پنھنجي پاڻ کي خدا جي سامھون بيٺل ڏسي ٿو.
روسي وجودي بردوف ڏاھو انسان ڇا آھي؟ جي سوال تي سوچ ويچار ڪيو ۽ ھن آزاديءَ جو نظريو پيش ڪيو جنھن ۾ ھن جبر جو تصور ڏنو جنھن ۾ ھن جو خيال ھو ته ھن انسان جي روزاني زندگيءَ جي ڪاروھنوار ۾ انسان تي فطرت، سماج، تھذيب ۽ تاريخ جو جبر اثرانداز ٿئي ٿو. ھڪ فرد جي شخصيت جي اوسر اھي جبر ۾ ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ اھي جبر انسان جي آزاديءَ ۾ رڪاوٽ وجھن ٿا.
فريڊرڪ نٽشي مثالي انسان جو نظريو ڏنو.
ھائيدگر چيو ته انسان آزاد آھي ۽ ھن وٽ پنھنجو فيصلو ڪرڻ جي سگھه آھي. ھن چيو ته انسان سچائي سرجيندڙ آھي.
سارتر چيو ته انسان ھڪ بي معنيٰ ڪائنات ۾ اچي ٿو ۽ پنھنجي پراسرار شعور سان ھن ڪائنات کي رھڻ لائق بڻائي ٿو. ھن جو خيال ھو ته ظلم ۽ ڏاڊ خلاف وڙھڻ به نيڪيءَ جو ڪم آھي.
البرٽ ڪاميو چوندو ھو ته انسان جي زندگي کل جھڙي ۽ واھيات آھي. ھڪ انسان ھن دنيا ۾ اچي ٿو ۽ پنھنجي زندگي روزمره جي فضول ڪمن ۾ گذاري ٿو ڇڏي.
ائين ھن ڪتاب ۾ مختلف ڏاھن جي زندگي ۽ نظرين تي بحث ڪرڻ کانپوءِ ليکڪ ادب ۾ وجوديت پسنديءَ جي ڪردار تي بحٽ ڪري ھن ڪتاب جي پڃاڻي ڪري ٿو. ھي ڪتاب بنيادي طور وجوديت تي سٺو بحث آھي، جنھن کي پڙھڻ کان پوءِ پڙھندڙ وجوديت کان واقف ٿئي ٿو ۽ ان کي سمجھڻ جي پوري ڪوشش ڪري ٿو. تنھنڪري فلسفي جي شاگردن کي ھيءَ ڪتاب ضرور پڙھڻ گھرجي، پر ھن ۾ تنقيد جي کوٽ نظر اچي ٿي ڇو ته ھن فلسفي تي مارڪسي خيالن جيان ماڻھن جا سخت اختلاف آھن. ھن جو گھڻو زور فرد تي ھو. ھن فلسفي اجتماعيت کي رد ڪيو ۽ وجودي فلسفي مايوسيءَ کي تمام گھڻو پکيڙيو ۽ گھڻن ڏاھن جو خيال آھي ته وجوديت يورپ ۾ صوفي ازم جو ناڪام تجربو ھو، تنھنڪري ھن جو تنقيدي جائزو وٺڻ ضروري آھي. اُميد ته ٻئي ڇاپي ۾ ليکڪ ان جو تنقيدي جائزو ضرور وٺندو.