سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي، موچي جو گهڙيو موچيءَ جي منهن ۾، سو هن ملڪ ۾ اسٽيبلشمينٽ جو گهڙيو اسٽيبلشمينٽ جي منهن ۾، جڏهن جنرل ايوب خان ملڪي اقتدار تي قبضو ڪيو ۽ ان کي جمهوريت جو نالو ڏنو هو ته ان وقت کان وٺي اسٽيبلشمينٽ جي گرفت ملڪي ادارن ۽ اقتدار تي ايتري ته مضبوط آهي، جو ان مان جان ڇڏائڻ اڃا تائين ممڪن نظر نه اچي رهيو آهي. سياستدانن لاءِ ڪرپشن جون ڪوڙڪيون تيار ڪري، انهن کان پنهنجي پسند جا فيصلا ڪرائڻ اسٽيبلشمينٽ لاءِ کاٻي هٿ جو کيل آهي. ڪهڙي نئين پارٽيءَ جو جنم ٿيندو، ڪهڙا سياستدان ان پارٽيءَ ۾ شامل ٿيندا ۽ ڪير ملڪ جو وزيراعظم ٿيندو اهو سڀڪجهه “ڪمپني بهادر” طئي ڪندي آهي، جنهن کان پوءِ پرڏيهي پاليسي هجي، دفاع جا معاملا هجن يا ايستائين جو انتظامي معاملا هجن، اهي سڀ اسٽيبلشمينٽ جي هٿ وس رهيا آهن، هاڻ ته ڪو ڪامورو آءِ ايس آءِ جي مرضيءَ کان سواءِ ڪٿي به مقرر نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته ان کي جيستائين آءِ ايس آءِ منظوري نه ڏيندي، تيستائين اهو ڪٿي به مقرر نه ٿي سگهندو، جنهن جو مطلب آهي ته انتظامي طور حڪومت پنهنجا هٿ وڍرائي ڇڏيا آهن.
تازو ئي پي ٽي آءِ جي هڪ پروگرام ۾ ملڪ جي ناليواري ليکڪ ۽ صحافي اياز امير عمران خان نيازيءَ تي وڏا ڇوهه ڇنڊيا پر هو به ان غلط فهميءَ جو شڪار آهي ته عمران خان نيازيءَ ئي هن ملڪ کي ڇوٽڪارو ڏياري سگهي ٿو. هن وقت واقعي به عمران خان نيازي ميانواليءَ جو چي گويرا بڻيل آهي پر جيڪي ڪجهه هن پنهنجي اقتدار ۾ ڪيو هو، ان جو ڪيتو هن وقت تائين عوام کان وٺي ملڪ لوڙي رهيو آهي. پنهنجو پاڻ کي اڇي ڪاري جو مالڪ سمجهندڙ عمران خان نيازي “ڪمپني بهادر” جو سهولتڪار رهيو. هن نه رڳو انهن جا جائز ناجائز ڪم ڪيا پر پراپرٽي ڊيلرن لاءِ جيڪي هن سهولتون پيدا ڪيون سي ان کان اڳ ڪنهن نه ڪيون. ان کان سواءِ جهڙِي ريت هن پنهنجي فاشسٽ سوچ وسيلي سياستدانن خلاف ڪارروايون ڪيون. نيب کي انهن جي پويان لڳائي سزائون ڏياريون، اهي هن جا اهڙا اپاءَ هئا، جن وسيلي هن پنهنجو پاڻ کي آمر طور متعارف پئي ڪرايو. هاڻ جيڪڏهن اهڙي ماڻهوءَ لاءِ اياز امير جهڙو ماڻهو چوي ته هو آخري اميد آهي ته پوءِ اياز امير جي ساڃاهه تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. پر جيڪي ڪجهه اياز امير ڳالهايو، ان جو ردعمل ٻئي ڏينهن تي اچي ويو هو، جڏهن هن تي لاهور ۾ حملو ڪيو ويو. ان مان ظاهر آهي ته هتي ماڻهو سچ ته ٺهيو پر ڳالهائي به نٿو سگهي.
عمران خان نيازي هن وقت اهو تاثر ڏئي رهيو آهي ته هو ملڪ جي بقا جي جنگ وڙهي رهيو آهي، پر هن وقت تائين ڪنهن به سياستدان کي ملڪ جي بقا جي جنگ وڙهڻ جو موقعو نه ڏنو ويو آهي، جڏهن به هن اهو سوچيو آهي ته سياستدان کي پنهنجي بقا جي جنگ وڙهڻي پئجي ويندي آهي. عمران خان نيازي پهرين ڏينهن کان وٺي پنهنجو پاڻ کي بچائڻ جا جتن ڪري رهيو آهي. پر عوام کي گمراهه ڪرڻ لاءِ هو اهڙا بيان ڏيندو رهندو آهي، ڄڻ سڄي ملڪ جي مسئلن جو بار هن جي ڪلهن تي اچي پيو آهي. سندس چوڻ آهي ته: منهنجو هڪ ئي مقصد امپورٽڊ حڪومت کي قبول نه ڪرڻ آهي. ملڪ جي ادارن خلاف جنگ نه پيو وڙهان. ادارن کي نياپو ٿو ڏيان ته ملڪ کي چورن کان بچايو، ڪٿي ائين نه ٿئي جو گيم هٿ مان نڪري وڃي. اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪمرانو! ٻڌي ڇڏيو اسان جو جيئڻ مرڻ پاڪستان ۾ آهي. ڪڏهن منهنجي ذهن ۾ ناهي آيو ته مان ته پاڪستان کان سواءِ ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وڃي رهان. نواز شريف جا پٽ چون ٿا اسان پاڪستاني شهري ناهيون، آصف زرداري صدر هوندي آمريڪا کي چيو مون کي بچايو. هن چيو ته جيڪڏهن 25 مئي تي ظلم نه ڪن ها ته پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال نه ڪري ها ۽ روڊ بلاڪ ڪري ها ته عوام جو سمنڊ اسلام آباد نه اچي ها ۽ اهڙو ئي نعرو نه هنيو وڃي ها. هن چيو ته پاڪستان جي مير جعفر ۽ مير صادق سازش ڪري چونڊيل حڪومت کي هٽايو، شريف خاندان جو سڄو پئسو ٻاهر پيو آهي، جيئن ئي انهن جي حڪومت ختم ٿيندي آهي ته نواز شريف ٻاهر هليو ويندو آهي. آصف زرداري به گهڻو عرصو ٻاهر رهيو آهي، انهن جون ملڪيتون به ٻاهر آهن. ملڪ هيٺ وڃڻ سان انهن کي ڪو فرق ناهي پوندو، نواز شريف جڏهن ڀارت ويو ته هن ڪشمير مسئلي تي نه ڳالهايو متان مودي ڪاوڙجي وڃي. سندس چوڻ هو ته مان جيڪڏهن ان ڏينهن ڌرڻو هڻان ها ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ٿئي ها، جنهن جو فائدو انهن کي ٿئي ها. پوليس ڇاپا نه هڻي ها، شيلنگ نه ڪري ها ته عوام جو سمنڊ هيئن ئي اچڻو هو، قوم جو ادارن کي پيغام آهي، اڃا به وقت آهي انهن چورن کان ملڪ کي بچايو. عمران خان چيو ته اڄ اسان جا ليڊر چون ٿا ته پينو آهيون، تنهنڪري آمريڪا جي غلامي ڪري رهيا آهيون، اسان وينٽي ليٽر تي آهيون، تڏهن آمريڪا جي غلامي ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۾ پينو انهن ٻن خاندانن بڻايو، جن 30 سال حڪومت ڪئي. وزيراعظم ٻين جي اڳيان هٿ ٽنگيندو آهي ته سڄي قوم کي ذليل ڪندو آهي، آئون چاهيان ٿو ته منهنجي قوم پنهنجي پيرن تي بيهي ۽ ڪنهن ملڪ اڳيان هٿ نه ٽنگي.
سندس تقرير ۾ ڪا نئين ڳالهه ڪانهي. هو نه رڳو ساڳيون ڳالهيون ڪندو رهيو آهي پر هو پنهنجن تقريرن وسيلي پاڻ کي به تڪراري بڻائيندو رهيو. هو جڏهن نواز شريف يا شهباز شريف کي چور چوي ٿو ته کيس پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ گهرجي. عمران خان نيازي توشه خانه جا جيڪي تحفا ڪروڙن ۾ وڪيا آهن، انهن لاءِ هن وٽ اهو جواز آهي ته اهي هن جا تحفا هئا، جن کي هو وڪڻي يا ڪنهن کي ڏئي ڇڏي، سندس مرضي آهي، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ اهو ڪم نواز شريف يا آصف زرداري ڪيو ته پوءِ اهي به صحيح آهن. ملڪ ۾ هن وقت جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان ۾ پهريون ڀيرو “ڪمپني بهادر” تي سڀ کان وڌيڪ وار ٿيا آهن. هي اها ئي “ڪمپني بهادر” آهي، جنهن کي ڪالهه آصف زرداري، نواز شريف ۽ شهباز شريف قبول ڪونه هئا، پر هاڻ اهي ان کي قبول به آهن ۽ اهي ان جا سهولتڪار به بڻيل آهن. ملڪ ۾ جمهوري سرشتو اسٽيبلشمينٽ جي مرضيءَ کان سواءِ ڪم ڪري ئي نٿو سگهي. جتي سڀ ڪجهه اسٽيبلشمينٽ طئي ڪندي هجي، اتي عمران خان نيازي اهي رڙيون ڪري رهيو آهي ته کيس هٽائڻ لاءِ پرڏيهي سازش ٿي آهي.
کيس اها خبر ناهي ڇا هن کي هٽائڻ لاءِ جيڪو پلان تيار هو، اهو هتي ئي ٿيو آهي. جيڪڏهن هو اهو چوڻ جي همت رکي ٿو ته کيس اسٽيبلشمينٽ هٽايو آهي ته پوءِ هن کي وڏي واڪي اهو چوڻ گهرجي، پر هو هڪ اهڙي خيالي سازش جو ذڪر ڪري رهيو آهي، جيڪا ٿي ئي ناهي.
ايندڙ وقت ۾ به اهو اسٽيبلشمينٽ ئي طئي ڪندي ته اقتدار ڪنهن کي ڏيڻو آهي ۽ عمران خان نيازي جو مستقبل ڪهڙو هوندو. ڇاڪاڻ ته ڪابه پارٽي سوشل ميڊيا جي ٽيڪ ۽ ڪوڙِي پروپئگنڊا سان گهڻي وقت تائين تڳي نٿي سگهي. تنهنڪري سياسي ويڙهه سياستدانن کي پاڻ ۾ نه پر اسٽيبلشمينٽ خلاف وڙهڻي پوندي. ان کان پوءِ ئي سياسي آزادي ماڻي سگهجي ٿي.