ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

توانائي بحران

Editorial

ملڪ جي ٻين بحرانن ۾ توانائي بحران پڻ شامل آهي. هيءَ حڪومت ۽ اڳوڻي حڪومت ان بحران کي حل ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿيون آهن. پر عوام کي هر ڀيري ڪو نه ڪو دلاسو ضرور ڏنو ٿو وڃي ته بحران کي ترت حل ڪيو ويندو. ملڪ ۾ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ايتري ته وڌائي وئي آهي جو عوام لاءِ گهر جا ڪم ڪار ڪرڻ مسئلو ٿي ويو آهي ته ٻئي پاسي وري ڪاروباري صنعت پڻ سخت متاثر ٿي رهي آهي. هڪ ڀيرو وزير اعظم شهباز شريف بجلي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون آهن ته مٿان وري ڪي اليڪٽرڪ بجليءَ جي في يونٽ ۾ لڳ ڀڳ 9 روپين تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته پنجاب ۾ وڏي وزير حمزه شهباز 100 يونٽ استعمال ڪرڻ وارن کي بجلي مفت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
وزيراعظم بجلي بحران ۾ گهٽتائي لاءِ بند پاور پلانٽن کي فوري طور بحال ڪرڻ ۽ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جا سبب واضح ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ملڪ ۾ جاري بجليءَ جي لوڊشيڊنگ بابت وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ احسن اقبال، مصدق ملڪ، مفتاح اسماعيل، خرم دستگير، مريم اورنگزيب، شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ توانائي بابت اعليٰ سرڪاري آفيسر به موجود هئا، اجلاس ۾ ملڪ ۾ جاري بجلي بحران تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن ۾ وزيراعظم بند پاور پلانٽن جي فوري طور بحاليءَ جو حڪم ڏنو. هن هدايت ڪئي ته بجلي لوڊشيڊنگ جي حوالي سان فوري طور رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جنهن ۾ لوڊشيڊنگ جا سبب واضح ڪيا وڃن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته صوبن کي پيئڻ جي پاڻي ۽ زرعي سهولتن جي فراهمي بابت معاملا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن ۽ ان سلسلي ۾ ارسا صوبن سان گڏيل مشاورت ۽ آزادي سان فيصلو ڪري.
اسين سمجهون ٿا ته بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جو مسئلو ائين حل نه ٿيندو. جهڙي ريت هي حڪومت حل ڪر پئي چاهي. ملڪ ۾ بلن جي اوڳاڙي کان وٺي بجليءَ جي سموري سرشتي کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين اهڙا ڪيترائي حڪم ڏنا ويا آهن پر ان سان بجليءَ جو بحران حل نه ٿي سگهيو. سنڌ حڪومت کي به سنڌ جي ماڻهن کي بجليءَ جي مد ۾ رليف ڏيڻ گهرجي، ۽ ان کان سواءِ عوام کي حڪومت پاران سولر يونٽ ڏنا وڃن ته جيئن اهي بجلي بحران مان جان ڇڏائي سگهن.

ڌاري آبادڪاري نامنظور

سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاريءَ جو مسئلو وڏي وقت کان موجود آهي، ان حوالي سان سنڌ جي ساڃاهه وند ۽ سياسي ڌريون پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائينديون رهيون آهن، دنيا جي هر ماڻهوءَ کي ڏيهه نيڪالي ملي ٿي ته ان کي سنڌ ۾ آباد ڪيو ٿو وڃي. هن وقت به سنڌ ۾ افغاني لکن جي انگ ۾ آباد آهن، جيڪي سنڌ جي وسيلن تي بار آهن ۽ سنڌ انهن جو بار وڌيڪ نٿي کڻي سگهي پر تنهن هوندي به سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت انهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪري رهيون آهن. ان سان سنڌ جي اصلوڪي آبادي سخت متاثر ٿي رهي آهي. تنهنڪري ان پاسي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي پر سنڌ حڪومت ڌارين جي ٻانهن ٻيلي لڳي پئي آهي. جڏهن ته ٻيو مسئلو پاڻيءَ جي کوٽ آحي، جنهن کي به هاڻوڪي حڪومت حل ڪرڻ لاءِ تيار ڪانهي. ٻه ڏينهن اڳ سنڌ واسين پنهنجو احتجاج وري رڪارڊ ڪرايو آهي.
جيئي سنڌ محاذ پاران سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ڌارين جي آبادڪاري ۽ مهانگائي سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف حيدرآباد ۾ واڌو واهه لڳ نيشنل هاءِ وي تي جسم چيئرمين رياض چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي سبب هاءِ وي جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون، 3 ڪلاڪن تائين ڌرڻي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جو وڏو انگ شامل هو، جڏهن ته ڪارڪنن سنڌ دشمن منصوبن ۽ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي جسم چيئرمين رياض چانڊيي خطاب ڪندي اعلان ڪيو ته پيپلز پارٽي پاران سنڌ اسيمبليءَ مان افغانين ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن جي ڳوٺن کي ريگيولرائز ڪرڻ وارو بل واپس نه ورتو ويو ته 19 آگسٽ تي ڪراچي پريس ڪلب سامهون ٽن ڏينهن واري بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي ويندي ۽ بک هڙتال جي پڄاڻي تي قومي اجتماع ڪيو ويندو، ان باوجود سنڌ حڪومت سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرايل سنڌ دشمن بل واپس نه ورتو ته سنڌ اسيمبلي جي عمارت سميت پيپلز پارٽي جي وزيرن ۽ اڳواڻن جي گهرن جي سامهون احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هڻڻ جو اعلان ڪيو ويندو. هن چيو ته اڄ سنڌ سڪي رهي آهي، پنجاب سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙا هڻي رهيو آهي. سنڌ جي زرعي معيشيت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. هن چيو ته سنڌ جي معيشت جو گهڻو دارومدار زراعت تي آهي، پنجاب پنهنجن ئي ڪيل پاڻي جي معاهدن تي عمل نٿو ڪري، ڏهاڪن کان وٺي سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙا هڻي سنڌو درياهه کي سڪايو ويو آهي، ڊيلٽا تائين پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سمنڊ سنڌ جي 32 لک ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ آباد ڌارين کي پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس موڪليو وڃي ۽ سنڌو درياهه ۾ پاڻي ڇڏي آبادگارن جي معاشي حالت بهتر ڪئي وڃي، پر اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن سنڌ حڪومت انهن مسئلن تي سنجيدگي اختيار ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button