پاڪستان ۾ ميڊيا ڪيتري آزاد آهي، اهو ڪو ڳجهه ناهي. ميڊيا جي آزادي هونئن به هڪ ڏند ڪٿا آهي. پر هن ملڪ ۾ ميڊيا جي نڙيءَ تي جيترو ننهن ڏنو ويو آهي، ان ۾ گهڻو حصو پتي آمرن جو آهي ۽ ان کان پوءِ نام نهاد جمهوري حڪومتن جو آهي. جيئن پي ٽي آءِ جي حڪومت سوشل ميڊيا کي ڪنٽرول کان وٺي پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا کي ناڪيلي ڏيڻ لاءِ قانون آندو هو، جنهن کي صحافين ڪورٽ ۾ چينليج ڪيو ۽ ان کان پوءِ ڪورٽ ان قانون کي اڏائي رکيو پر اها پي ٽي آءِ جي حڪومت هئي، جنهن ميڊيا کي سوڙهو ڪرڻ لاءِ قانون سازي پئي ڪئي. اڄ اها ئي پي ٽي آءِ اظهار جي آزاديءَ جي وڏي علمبردار لڳي پئي آهي ۽ عمران خان نيازي هاڻوڪي حڪومت کي فاشسٽ سڏي رهيو آهي. جڏهن ته عمران خان نيازي پنهنجي دور ۾ ميڊيا جي آزاديءَ جي حوالي سان پڇيل سوالن جي حوالي سان چوندو هو ته پاڪستان ۾ جيتري ميڊيا آزاد آهي، ايتري انگلينڊ جي ميڊيا به آزاد ناهي.
پر اهي سڀ هوائي ڳالهيون هيون. ڇاڪاڻ ته عمران خان نيازيءَ جي حڪومت به صحافين کان روزگار کسيو هو. ميڊيا هائوسز جا اشتهار بند ڪيا ويا. ڪئين هلندڙ چينل بند ٿي ويا. اخبارن جي تڏا ويڙهه ٿي ۽ ان کان پوءِ ڪيترائي اينڪر پرسن چينلن تي نظر ڪونه ايندا هئا، جن پنهنجا يوٽيوب چينل وڃي کوليا. پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ فوج خلاف ڳالهائيندڙن خلاف جيڪو قانون آندو ويو هو، ان جو سڀ کان وڏو وڪيل عمران خان نيازي هو. ان وقت اهو تاثر ڏنو پئي ويو ته ملڪ ۾ جيڪي پي ٽي آَءِ جا سپورٽر آهن، اهي ئي اصل ۾ محب وطن آهن ۽ اهي سچا پڇا صحافي ۽ سياستدان آهن، پر جڏهن پي ٽي آءِ جي اندران ئي آواز اٿڻ شروع ٿيا ته اهي سڀ رات پيٽ ۾ غدار ٿي ويا. انهن لاءِ عمران خان نيازي اهو چوندو رهيو ته قوم انهن کي ڪڏهن معاف نه ڪندي ۽ ماڻهو انهن جي ٻارن سان شاديون ڪونه ڪندا. پر هاڻ جڏهن عمران خان نيازيءَ جي هٿ ۾ اقتدار نه رهيو آهي ۽ آهستي آهستي هو ان سڄي سياسي گيم مان ٻاهر ٿي رهيو آهي ته هو ۽ سندس حمايتي انهن ادارن خلاف ڳالهائڻ لڳا آهن، جن جي حمايت سان عمران خان نيازيءَ کي اقتدار مليو هو. جڏهن ڪا سياسي پارٽي اقتدار اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد کان سواءِ نٿي ماڻي سگهي ته پوءِ اسٽيبلشمينٽ ان کي اها به اجازت نٿي ڏئي سگهي ته ان جي خلاف ڳالهايو وڃي. ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ اقتدار جي ڌڻي اصل ۾ اسٽيبلشمينٽ آهي، ان جي مرضي آهي، اها وزير اعظم عمران خان نيازيءَ کي ڪري يا شهباز شريف حوالي اقتدار ڪري ڇڏي. تنهنڪري هاڻ جيڪا صورتحال سامهون آئي آهي. ان مان تاثر اهو پيو ڏنو وڃي ته ڪي صحافي انقلابي آهن، جيڪي جيل ۾ هڪ وهاڻي تي ٻانهن رکي سمهي سگهن ٿا ۽ باقي جيڪي عمران خان نيازيءَ جي حمايت نٿا ڪن سي غدار آهن ۽ اهي انقلابي ڪونه آهن.
جيئن ته پي ٽي آءِ لاءِ هاڻوڪي صورتحال ڪا ايتري بهتر ڪونهي، تنهنڪري جوش ۾ اچي ڪيترائي صحافي پاڻ کي انقلابي صحافي سڏائيندي اهو تاثر ڏئي رهيا آهن ته اهي ملڪ جا سڄڻ آهن ۽ انهن اهو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته اهي ليڪ جي ڪهڙي پاسي بيهندا. اهي سڀ اڄ به هڪ خيالي سازش کي سچي سازش سمجهي رهيا آهن، جيڪا عمران خان نيازيءَ جي ذهن جي پيداوار آهي. جڏهن ته عالمي طور تي ڪابه اهڙي سازش ٿي ئي ناهي. پر هڪ خيالي سازش خلاف عمران خان نيازي سازش تيار ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۽ آمريڪا جا سياسي مفاد ڪيتري قدر رهيا آهن، اهو طئي ڪرڻ ڪنهن سويلين قيادت جي هٿ وس ناهي بلڪه اهو سڀ اسٽيبلشمينٽ طئي ڪندي آهي. ڪهڙي جنگ وڙهڻي آهي، ڪهڙي جنگ ناهي وڙهڻي، اهو طئي ڪرڻ جي همت ڪنهن سويلين حڪومت ۾ ناهي. جيڪڏهن عمران خان نيازيءَ کي لڳي ٿو ته هو اهو سڀڪجهه طئي ڪرڻ لاءِ آزاد هو ته اها سندس ڀل آهي. ڇاڪاڻ ته ملڪ جون سياسي پارٽيون توڙي اقتدار ۾ ايندڙ ڪابه پارٽي ايتري آزاد ناهي هوندي، جو اها پنهنجي مرضيءَ سان فيصلا ڪري سگهي.
اظهار جي آزاديءَ جي حوالي سان اڳ به آواز اٿندا رهيا آهن ۽ هن وقت به اٿي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته ماڻهو ڳالهائڻ چاهين ٿا. جڏهن انهن جي اظهار جا وسيلا سوڙها ڪيا وڃن ٿا ته اهي سوشل ميڊيا جو استعمال ڪن ٿا، هن وقت سياسي پارٽيون به سوشل ميڊيا کي هڪ هٿيار طور استعمال ڪري رهيون آهن. ڇاڪاڻ ته سوشل ميڊيا عوام ماڻهو لاءِ هڪ بهترين پليٽ فارم ثابت ٿي آهي. جتي آزاديءَ جو احساس وڌيڪ آهي. جتي ماڻهو پنهنجي ڳالهه آرام سان رکي سگهي ٿو، جڏهن ته سوشل ميڊِيا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ حڪومت ننهن چوٽيءَ جو زور لڳايو هو. پر اها ڪامياب نه ٿي هئي. ڇاڪاڻ ته سوشل ميڊيا سرڪاري اشتهارن جي محتاج ڪانهي. ان ڪري ان کي ڪنٽرول ڪرڻ به ڏکيو آهي.
عمران خان نيازي جنهن نيريٽو کي هوا ڏئي رهيو آهي، اهو هن جي سياسي ڪيريئر لاءِ به خطرناڪ آهي. ڇاڪاڻ ته هو سياسي طور هڪ کلاڙي نه پر اناڙي آهي. هو سمجهي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ خلاف ايترو سخت موقف رکڻ تي هن کي وري اقتدار آندو ويندو ۽ هو جيڪي ڪم پنهنجي پهرين حڪومتي دور ۾ نه ڪري سگهيو اهي پورا ڪندو. هونئن ته عمران حڪومت جو ڪم سياستدانن کي گرفتار ڪرڻ، عوام تي مهانگائيءَ جا بم ڪيرائڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي عوام جي مسيحا طور پيش ڪرڻ هو. اهڙي ريت اهو سڄو وقت گذري ويو ۽ هاڻ هو پنهنجي منهن جلسا ڪري رياست مخالف نيريٽو قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر ان نيريٽو سان هو ڪنهن به ريت چونڊُون نه کٽي سگهندو.
اظهار جي آزادي ڪيتري هجڻ گهرجي، اهو هر رياست طئي ڪندي آهي. پاڪستان اظهار جي آزاديءَ جي حوالي سان هڪ ڏکيو ملڪ رهيو آهي. تنهنڪري هتي اياز امير جهڙي غير تڪراري صحافي جي چيل ڳالهه کي به برداشت نٿو ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته اسين ڪنهن به ريت اڃا اظهار جي حوالي سان ان منزل تي ڪونه پهتا آهيون، جتي ڳالهائڻ وقت اسان کان ڪو پڇاڻو نه ڪيو وڃي يا اسان جي محبت هجڻ تي شڪ نه ڪيو وڃي.
هي ڪا حق ۽ باطل جي ويڙهه ڪانهي، بلڪه مفادن جي ويڙهه آهي. ان ويڙهه ۾ اهو ئي سوڀارو ٿي سگهي ٿو، جيڪو اسٽيبلِشمينٽ جي مفادن کي بهتر نموني پورو ڪندو ۽ ان جي ڏسيل واٽ تي هلندو. جيئن ماضي ۾ عمران خان نيازي هلندو رهيو آهي ۽ هن کي وري موقعو مليو ته هو وري به ائين ڪندو. جڏهن سياست آزاد نه هوندي آهي ته عمران خان نيازي جهڙا سياستدان هيرو ٿي ويندا آهن.