ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

انڪم سپورٽ پروگرام تحت ٿيندڙ دوکو

Editorial-Article-Dastgir Bhatti

بينظير ڪارڊ يا احساس پروگرام جي نالي ۾ جھور پوڙهن ۽ پوڙھين سان ٿيندڙ جٺيون ڏاڍيون ڏکيون ۽ ڏيل ڏکوئيندڙ آهن. مون ڪالهھ ھڪ انگريزي اخبار ۾ پڙهيو ته گذريل چوڏھن سالن ۾ پنجاھه هزار ارب بينظير ڪارڊ ۽ احساس پروگرام ذريعي ورھائي وقت جي حاڪمن مسڪين ماڻهن تي جيڪي “ٿورا” ڪيا سي ته اصل ۾ پرڏيهي قرض ھئا جن کي ھنن حاتم طائي بڻجي سڄي ملڪ جي ماڻهن سان دولاب ڪيو. بينظير ڪارڊ مان ته پئسا ايئن ورھائيندا رهيا جو مون پاڻ اڻپڙهيل پوڙھين کي بينڪن ٻاھران ڪاڙھي ۾ ڪڙھندي ۽ سي سياري ۾ سڙندي، اھو چوندي ٻڌو ته، “ويچاري بينظير پاڻ راگناھه مارجي ويئي پر قدرت جو شان ڏسو ته پنهنجي قبر مان به اسان ماڻهن کي اڄ به سک ڏئي ٿي. سبحان الله”
بکن ۽ ڏکن جي ماريل ھنن اڻڄاڻ ماڻهن کي ڪھڙي پروڙ ته ھي رقم اسان جا حڪمران پنهنجي ذاتي اڪائونٽ منجهان نه پيا ڏين بلڪه سندن اڻ ڄاول نسلن کي گروي رکي قرض کڻي ڏين پيا جنهن سان خود شھيد راڻيءَ جو روح تڙپندو ھوندو. سوچيو ته ايتري وڏي رقم مان ننڍن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ھزارين ڪارخانا ھٿ جي ھنر جا لڳي وڃن ها، انھن ساڳين ئي پوڙھين مائين کي عزت وارو روزگار پنهنجي شھر يا ڳوٺ ۾ نصيب ٿي وڃي ھا، ان کان سواءِ ھزارين نياڻيون پنهنجين ڏاڏين ۽ نانين کان اھو ڀرت ڀرڻ، رليون ۽ سنڌي ٽوپيون، اجرڪون، کيس، شالون، دٻڪيون ۽ جنڊي توڙي ڪاشي جو ھنر سکي عزت سان روزي ڪمائي سگهن ھا ۽ سنڌ جو قديم تھذيبي ورثو به بچي سگهي ھا. اڄڪلهھ ته فيصل آباد ۽ لاھور جون فيڪٽريون لکن نه پر ڪروڙن والن جي اجرڪ مختلف ڊزائين ۾ آمريڪا، يورپ ۽ ايشيا جي ملڪن کي ايڪسپورٽ ڪري ارب ڊالر ڪمائين پيون. ايمانداري ۽ نيڪ نيتيءَ سان ڪم ڪجي ھا ته عالمي بينڪن جو ھي قرض به لهندو وڃي ھا ۽ لکين سنڌي عورتون سکيون ٿي پنهنجن ٻارن کي تعليم نه سھي ھي شاندار ھنر سيکاري سگهن ھا. پر ياد رکو ته ھاڻي ھي قرض وياج سوڌو اسان ۽ اوهان جي پوٽن جا پوٽا به ڀريندا رھندا ۽ ھو ويچارا پاڻ ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ به محتاج ھوندا. زرداري جيڪو ظلم بينظير ڀٽو شهيد جي نالي ۾ ڪيو آهي اھڙو ظلم ۽ ناحق نه جنرل ضياءَ ڪيو نه مشرف.
بينظير ڀٽو جي شھادت کانپوءِ سال 2008 ۾ آصف زرداري جيئن ملڪ جو صدر ٿيو ته ھن “خلق جي ڀلائيءَ”واسطي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪيو جنهن جي چيئرپرسن اڳوڻي وزير تعليم پير مظهر جي اسلام آباد ۾ 1985 کان رھندڙ ڀاءُ پير مڪرم جي گهرواري ھئي. پير مڪرم علي قاضي جي ڀيڻ جو پٽ آهي، جنھن کي سندس نانا ۽ عبرت اخبار جي مالڪ قاضي عبدالمجيد عابد پرنٽنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان ۾ وزيراعظم محمد خان جوڻيجي کان ڀلي نوڪري ڏياري ھئي. پير مڪرم کي شاندار سرڪاري بنگلو به مليل ھو جتي احمد فراز، حبيب جالب، سنڌي دانشور ۽ سرڪاري آفيسر نبي بخش کوسو، اقبال جتوئي، حيدر ڀرڳڙي ۽ ٻيا وڏا شاعر، اديب ۽ صحافي شام وارين محفلن ۾ گڏ ٿيندا هئا. آئون به مھيني ۾ ٻه چار دفعا نڙيءَ کي آلو ڪرڻ ويندو هئس. فرزانه راجا سان پير ٽين شادي رچائي ڇڏي. زرداري صاحب ان عورت کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو چيئرپرسن مقرر ڪري ڇڏيو. اها عورت پنجاب جي ڪنهن علائقي سان تعلق رکندڙ ھئي ۽ وٽس ڪابه وڏي تعليمي ڊگري يا سرڪاري ڪاروهنوار جو ڪو تجربو نه ھو. جيئن ئي 2013 ۾ ميان نواز شريف کي وزيراعظم چونڊيو ويو ته فرزانه راجا اربين روپين سميت ملڪ ڇڏي ڀڄي ويئي. اڄ ڏينهن تائين نيب جا گرفتاري وارنٽ ۽ نوٽيس انگريزي ۽ اردو اخبارن ۾ ڇپجن ٿا پر مائيءَ کي بچائڻ وارا سندس وار به ونگو نه ڪندا جيستائين عمران خان سان سندن تڪرار ھلندو رھندو.
سنڌ ھائوس جنهن ۾ سنڌ جا چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر ۽ سينيٽر رھندا ھئا سو 1972 ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پاڻ ٺھرايو ۽ سنڌ جي تڏهوڪي وڏي وزير ممتاز علي ڀٽو جي نگرانيءَ ۾ ٺهي راس ٿيو. ممتاز علي ڀٽو نگراني انھيءَ ڪري ڪندو هو ته ھو رشوتخورن کان سخت نفرت ڪندڙ هو. ذوالفقار علي ڀٽو يا ممتاز علي ڀٽو چاھين ھا ته ڪراچيءَ جي سمنڊ ڪناري ڪلفٽن تي ھزارين ايڪڙ خالي پيل زمين پنھنجي نوڪرن جي نالي ۾ الاٽ ڪري ڇڏين ها پر قومي وسيلن تي ھنن ٻنھي ڄڻن ذرو به کاٽ هڻڻ جي نه ڪوشش ڪئي ۽ نه ڪڏھن سوچيائون. سنڌ ھائوس کي 1989 ۾ پرائيم منسٽر هائوس بينظير ڀٽو صاحبه پاڻ ٺاهيو ڇاڪاڻ ته پي ايم هائوس راولپنڊيءَ جي مري بريوري روڊ تي ھوندو ھو ۽ پي ايم آفيس اسلام آباد جي اسٽيٽ بينڪ واري عمارت ۾ ھئي. نئين پي ايم هائوس ۽ آفيس جي اڏاوت اڃا ھلندڙ ھئي. مون ذڪر ڪيو پئي جنرل اسلم بيگ جي سازش جو جنھن مطابق ھن صدر غلام اسحاق خان کي ته آڪٽوبر 1989 ۾ ئي عدم اعتماد ذريعي بينظير حڪومت ختم ڪرڻ لا زوريءَ راضي ڪري اھڙو ٺھراءُ قومي اسيمبلي ۾ الطاف حسين واري ايم ڪيو ايم جي مدد سان پيش ڪرائي ڇڏيو هو. ايم ڪيو ايم وارن ان دور ۾ به ساڳي سازش ڪئي جيڪا عمران خان جي خلاف ھاڻي ڪئي اٿن ڇاڪاڻ ته ھو حڪم جا غلام آهن. بھرحال ان عدم اعتماد واري رٿ کي ته پ پ جي باغي ميمبرن خاص ڪري مخدوم خليق الزمان، قربان علي شاهه ۽ ميان مٺو ناڪام ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ اسلم بيگ تپي ٽانڊو ٿي ويو. ھن صدر غلام اسحاق خان کي ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن اوهان آئين جي آرٽيڪل 58-2بي تي عمل ڪري بينظير حڪومت کي نه ڊاهيندا ته مارشل لا لاڳو ٿي سگهي ٿو. غلام اسحاق خان جيڪو ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ڊاھڻ ۾ جنرل ضياءَ جو ٻانهن ٻيلي ھو، سو بدنام زمانه سي آئي اي جو پراڻو ايجنٽ ھو. تپيدار مان مختيارڪار ۽ پوءِ وزير خزانه ۽ آخرڪار پاڪستان جو صدر بڻيو. ڇھين آگسٽ 1989 تي اوچتو بينظير حڪومت جي خاتمي جون خبرون ٻڌي ٻئي ڏينهن صبح ساڻ سنڌ ھائوس پھچي ويس اھو ڏسڻ ته رات وچ ۾ ته ھن سگھاري ڌر وزيراعظم صاحبه جو سامان سڙو پئڪ ڪري کيس لڏائي ڇڏيو. اڃا مرگلا جي ٽڪريءَ ٻاھران پھتس ته ڏٺم ھڪڙي وڏي ٽرالر ۾ زرداري صاحب جا گھوڙا چاڙھي رهيا هئا.
جنرل اسلم بيگ کي ھوائي جھاز حادثي ۾ جنرل ضياءَ جي موت کان پوءِ صدر مملڪت جي عھدي تي ويٺل تڏھوڪي چيئرمين سينيٽ غلام اسحاق خان چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪيو ھو. اسان کي به اھا ڄاڻ نه هئي ته جنرل اسلم بيگ ايم ڪيو ايم جي باني اڳواڻ الطاف حسين کي چاھيندڙ آهي. سندس چوڻ تي ئي الطاف حسين آڪٽوبر 1989 ۾ بينظير حڪومت سان اتحاد ختم ڪري، وزارتن تان استعيفا ڏيئي پنجاب جي وڏي وزير ميان نواز شريف جي ڪروڙين رپين عيوض تيار ڪيل ان سازش ۾ شريڪ ٿيو جنهن مطابق پيپلز پارٽيءَ جا ست باغي ميمبر ٽوڙي ھنن بينظير حڪومت خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ قومي اسيمبلي ۾ آندي. بعد ۾ دنيا ڏٺو ته اسلم بيگ بدنام بينڪر يونس حبيب جي مھراڻ بينڪ مان پئسا ڪڍرائي اسيمبلي ميمبرن، الطاف حسين، غلام مصطفيٰ جتوئي ۽ ٻين ۾ ورهايا ۽ ڪروڙين رپيا پاڻ ڦٻائي ويو.
آئون ڪيترن ئي سالن کان بدنام قبضامافيا خلاف ھڪ ڪيس وڙهندو اچان. ھائي ڪورٽ تائين کٽيل آهيان پر اڃا تائين مخالف قبضي مافيا ڏوڪڙ کارائي رنڊڪون وجهندي رهي ٿي. عدالتن ۾ ڇا ٿو وھي واپري سو مظلوم نياڻي ام رباب جي ڪلھوڪي آرسي ڏيکاريندڙ پوسٽ ۾ پڙھي ڏسو. ھي ڪيس مھيني ۾ ٻه ڀيرا اربع جي ڏينهن تي شنوائي ھيٺ ايندو آهي. قانون اھو آھي ته سٺ سالن کان مٿي ڄمار وارن جي مقدمن جو ڇھن مھينن اندر فيصلو ڪريو پر فيصلو ڪونه ٿو ٿئي. اربع تي ھائي ڪورٽ ۾ سوير پھچڻ خاطر ھڪڙو ڏينھن اڳواٽ ڪراچي پڄي ويندو آهيان. اڄ به مخالف ڌر جو وڪيل مينھن ۾ گاڏي خراب ٿيڻ بھاني ڪونه پھتو سو منھنجو اچڻ بيڪار ثابت ٿيو. اھڙو حشر ھڪ سئو ڀيرا ڪيو اٿن. مخالفن جي ڪيس ۾ ڪا سچائي ھجي ھا ته ايترا سال ئي نه لڳن ها. بھرحال ھتي اچڻ مان ذھن کي اھو سک نصيب ٿيو ته سامھون واري ننڍي ڪورٽ ۾ متحده قومي موومينٽ جي ڀاڄوڪڙ اڳواڻ بابر غوري کي پوليس ڪسٽڊي ۾ ڏٺم ۽ جج صاحب کيس ستن ڏينهن لاءِ رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ته جيئن کانئس آڏي پڇا ڪري سگهن. ظاهري طرح پوليس پاران ڪورٽن کي ٻڌايو ويو ته بابر غوري تي گھڻن ئي قتلن ۽ دھشتگردي جا تمام جھجھا ڪيس داخل آهن. دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۽ ٻين ڪورٽن بار بار سندس وارنٽ جاري ڪيا پر ھو سالن جا سال ھرھڪ عدالت جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندو رهيو آهي. جيتوڻيڪ ڪراچي ۾ جنرل پرويز مشرف ۽ آصف زرداريءَ جي حڪومتن ۾ ايم ڪيو ايم وارن ٽارگيٽ ڪلنگ ذريعي جن پوليس آفيسرن ۽ ٽيھه هزار عام ماڻهن جو قتلام ڪيو ان ۾ ناظم آباد جي مشهور لاروش ھوٽل جي ھن ويٽر جا ھٿ رت ۾ ٻڏل آهن پر گرفتاريءَ کان پوءِ بيان ڏنائين ته منهنجي ماءُ سخت بيمار آهي تنھن ڪري وطن واپس آيو آهيان.
ھيءَ اھو شخص آهي جنهن کي الطاف حسين ھر حڪومت ۾ پورٽ اينڊ شپنگ جي وزارت ڏياريندو هو. جنرل مشرف جي ڏھن سالن ۽ ان کان پوءِ صدر آصف زرداريءَ جي پنجن سالن ۾ بابر غوري سنڌ جي ٻنهي بندرگاهن جو بي تاج بادشاهه ھوندو ھو. ايم ڪيو ايم جي ھزارين ڄاتل سڃاتل قاتلن ۽ دھشتگردن کي پنهنجي وزارتي دور ۾ ھن پورٽ قاسم ۽ ڪراچي بندرگاهه ۾ اھم عھدن تي آفيسر لڳائي، جنرل راحيل شريف جي زماني ۾ بچايو. اڄ به اھي ساڳيا قاتل ھنن ٻنھي بندرگاهن ۾ بنا ڪنهن ڊيوٽي ڏيڻ جي لکين رپيا پگهار کڻن پيا. پوليس کي سندن ڳولھا آهي پر جيئن ته سنڌ سرڪار جي سياسي مجبورين پوليس آفيسرن جي اکين تي کوپا چاڙهي ڇڏيا آهن تنهنڪري ھنن ظالمن کي ڍر ڏني ويئي آهي. آئون ته ڀانيان ٿو ته ڀاڄوڪڙ بابر غوريءَ جو اوچتو واپس اچڻ ۽ سوٽ بوٽ ۾ گرفتاري ڏيڻ به ڪنهن رٿابنديءَ جو حصو لڳي ٿو. ڇاڪاڻ ته ايم ڪيو ايم کي عمران خان کان ٽوڙڻ لاءِ وزيراعظم شھباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان امين بڻجي اھا ساک ڏني ھئي ته سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جي خواھش مطابق گورنر سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري مقرر ڪيا ويندا. ھفتو اڳ متحده قومي موومينٽ جي وفد وزير اعظم سان ملي کيس دانھن ڏني ته زرداري صاحب پنهنجن واعدن کي پاڙڻ ۾ اجائي گھل پيو ڪري. کيس سمجهايو نه ته اسان اوهان جي حڪومت کان ڌار ٿي وينداسون. ٻئي ڏينهن شھباز شريف آصف زرداريءَ سان ملاقات ڪئي ۽ کيس عرض ڪيائين ته مھرباني ڪري ھنن کي راضي ڪريو. سو منھنجي خيال ۾ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جڏهن اربين روپين جي ڪرپشن ڪيسن ۾ضمانت تي آزاد ٿيل شخص کي وزيراعظم ۽ سندس موڀي پٽ کي پنجاب جو وزير اعليٰ ٺاھي سگھي ٿي ته بابر غوريءَ کي به واسطيدار ڪورٽن مان ضمانت ڏياري سنڌ جو گورنر مقرر ڪري سگھجي ٿو. الطاف حسين اڳوڻي گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد جي بيوفائيءَ ڪارڻ مٿس ڏاڍو ڪاوڙيل ۽ ڏکويل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button