شهرن ۽ آبادين جي ختم ۽ تباهه ٿيڻ جا گھڻا ڪارڻ هوندا آهن. ڪڏهين ٻاهريون ڪاهون ان جو ڪارڻ هونديون آهن ته ڪڏهين قدرتي آفتون جهڙوڪ ٻوڏون، زلزلا، سوڪهڙو ۽ ماحول جون ٻيون تبديليون وغيره ان جو ڪارڻ هوندا آهن. ان سان گڏوگڏ اندروني تضاد، گھرو ويڙهه ۽ معاشيِ ۽ سياسي بد نظمي پڻ ان جو ڪارڻ هوندا آهن. ان جا مثال ماضي ۽ حال ۾ ڏسڻ ڪا ڏکي ڳالهه ناهي.
اهو عمل ڪڏهين نهايت تيزي سان ته ڪڏهين نهايت آهستگي ۽ غيرمحسوس طريقي سان به ٿيندو آهي. ايستائين ته ڪراچي جي لا به ان جي شهري سهولتن وغيره کي ڏسندي هڪ نڪته نظر اهو به آهي ته شهر هڪ شهر جي حيثيت ۾ زوال پذير آهي.
هن وقت هن بحث جو موضوع اسٽيل ٽائون ۽ گلشن حديد جو علائقو آهي. پاڪستان اسٽيل ملڪ جي هڪ وڏي صنعتي رٿا هئي جنهن کي باقاعدي هڪ صنعتي ڪامپليڪس جي شڪل وٺڻي هئي. اهي رهائشي ڪالونيون بنيادي طور اسٽيل مل جي ملازمن جي لا ئي تعمير ڪيون ويون هيون.
صنعتي شهر وارو خواب ته پورو نه ٿي سگھيو پر جنهن شئي تي سڄو دارومدار هو ۽ جنهن کي ملڪ جي صنعتي ترقي جي پيڙهه سمجھيو ٿي ويو يعني پاڪستان اسٽيل اهو پاڻ مختلف حڪومتن جي پاليسين ۽ حڪمرانن جي ذاتي ۽ گروهي مفادن جي ڪري بحران جو شڪار ٿي ويئي. انهن ۽ مل جي ملازمن ۽ انتظاميا اهڙا قدم کنيا جنهن سان مل جي پيداواري صلاحيت کي بجائي بحال ڪرڻ جي ماڳيئي سونا بيضا ڏيڻ واري ڪڪڙ کي ئي ڪهي ڇڏيائون.
گھڻي عرصي کان پلانٽ بند آهن ۽ پيداوار ٻڙي آهي. گھڻي عرصي تائين ملازم ائين هٿ تي هٿ رکي ويٺا هوندا هئا. مهينن تائين پگھارون نه ملنديون هيون. اهي سڀ ۽ انهن جي ٻارن گھڻي عرصي تائين هڪ اذيت واري زندگي گذاري. حڪومت پاران ويجھڙ ۾ رڳو ايترو ڪيو ويو ته ملازمن جي هڪ وڏي تعداد کي مرحلي وار جيڪي انهن جي فنڊ وغيره جا پئسا هئا اهي ڏيئي فارغ ڪيو ويو. ڪجھه تعداد کي ضروري ڪمن لا رکيو ويو پر اهو فيصلو نه ڪيو ته نيٺ مل جو ڇا ڪرڻو آهي. مختلف ڏيهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن وغيره متعلق خبرون اچن ٿيون پر اڃا تائين ڪو حتمي فيصلو نه ٿي سگھيو آهي. هن وقت صورتحال اها آهي ته چيف ايگزڪيٽو ۽ ٻئي ڪجھه باقي بچيل اسٽاف جي پگھارن ۽ ٻين سهولتن جي مد ۾ هر مهيني لکين روپيا خرچ ٿين ٿا جيڪو ملڪ جي ٽيڪس ڏيندڙن جي مٿان ئي بار آهي ۽ انهن جي کيسي مان ئي وڃي ٿو. ان کانسوا مل ۾ سيڪيوريٽي جي نامناسب انتظام جي ڪري جيڪو اڳ جو تيار ۽ ڪچو مال وغيره پيو آهي ان جي چوري هڪ عام ڳالهه آهي. مل کي هلائڻ يا نجي شعبي جي حوالي ڪرڻ وغيره جي سلسلي ۾ ڪا پيش رفت ٿيندي نظر نه ٿي اچي.
ان جا اثر سڄي علائقي ۽ خاص طور مل سان لاڳاپيل رهائشي ڪالونين، پارڪن ۽ سڙڪن وغيره جي ابتر شهري سهولتن جي صورت ۾ ڏسي سگھجن ٿا. اسٽيل ٽائون جون سڙڪون ڪجھه بهتر حالت ۾ آهن. پر گلشن حديد جي صورتحال نهايت خراب آهي. هتي ايئن لڳندو آهي ته ڄڻ سڙڪن جو وجود ئي ناهي. ان سان گھڻا سال اڳ مون کي واهي پانڌي کان جوهي جو سفر ياد ايندو آهي جتي گاڏي کان پنڌ هلڻ وڌيڪ سولو هو. هتي اسٽيل مل جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته اهو يونين ڪائونسل جو ڪم آهي جڏهين ته يونين ڪائونسل ان کي اسٽيل مل جي ذميواري قرار ڏئي ٿي. پر سوال اهو آهي ته اسٽيل مل وٽ ته ٻين ضروري ڪمن لا ئي فنڊ ناهن ته اها ان پاسي ڪيئن ڌيان ڏيندي.
علائقي ۾ چوري چڪاري ۽ ڦرمار هڪ عام ڳالهه ٿي ويئي آهي ۽ ڏينهن رات جو ڪو فرق ناهي. ٿورو گھڻو اسٽيل مل جي سيڪيوريٽي جو آسرو هوندو هو هاڻي اهو به ناهي رهيو. ان سيڪيوريٽي کي ختم ڪيو ويو آهي. پر ان جا پيسا هتي رهندڙن کان باقاعدي وصول ڪيا وڃن ٿا.
فيز ون ۽ ٽائون شپ جي بجلي جي فراهمي اسٽيل مل جي ذمي رهي آهي. پر گذريل ڪجھه عرصي ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته هاڻي ان وٽ ان جي مينٽيننس لا گھربل تيڪنيڪي صلاحيت ۽ ماڻهو ناهن. روز جي مسئلن ۽ ماڻهن جي شڪايتن جي ڪري هاڻي فيز ون جي بجلي جو انتظام ڪي اليڪٽرڪ جي حوالي ڪيو ويو آهي. جيستائين پاڻي جي فراهمي جو سوال آهي ته اهو اڃا اسٽيل مل جي هٿ ۾ آهي. اهو ڪم به بس ائين ايڊهاڪ بنيادن تي پيو هلي. ان جو انفرا اسٽرڪچر زبون حالت ۾ آهي جڏهين ته گھڻي اسٽاف کي فارغ ڪيو ويو آهي. علائقي جا ماڻهو اهو چاهين ٿا ته اهو انتظام به واٽر بورڊ جي حوالي ڪيو وڃي ته جيئن اهو علائقو ان لحاظ کان به باقي شهر سان ڳنڍجي وڃي ۽ ماڻهن جي پريشاني ختم ٿئي.
ان صورتحال ۾ هڪ ٻئي عنصر اڃا شدت پيدا ڪئي آهي. نيشنل هائي وي تي اڳ قائد آباد کانپو اسٽيل ٽائون تائين ورلي ڪا آبادي ملندي هئي جڏهين ته هاڻي مشڪل سان ڪو خالي پٽ نظر اچي ٿو. ڪچيون پڪيون گھڻيون آباديون ٺهي ويون آهن. گھڻا نوان هائوسنگ پروجيڪٽ تيار ٿيا آهن ۽ ٿي رهيا آهن. انهن جو اسٽيل مل سان سڌو ڪو واسطو ناهي ۽ انهن جي بجلي،ِ پاڻي ۽ ٻيون شهري سهولتنون وغيره به شهر جي ٻين علائقن جيان آهن. ان ڪري گھڻا ماڻهو جيڪي خاص طور مسواڙ تي گلشن حديد ۾ رهندا هئا اهي انهن گھرن ۾ هليا ويا آهن. ساڳي ريت اسٽيل مل پاران ملازمن کي فارغ ڪرڻ جي ڪري اسٽيل ٽائون جا گھڻا گھر خالي ٿي ويا آهن. اسٽيل مل هاڻي اهي گھر انهن ماڻهن کي به مسواڙ تي ڏيئي رهي آهي جيڪي مل جا ملازم ناهن. گلشن حديد ۾ رهندڙ گھڻن ماڻهن گھٽ مسواڙ ۽ بهتر سهولتن جي ڪري هتي گھر ورتا آهن.
اڳ گلشن حديد ۾ مسواڙ تي گھر ملڻ ڏکيو هوندو هو ۽ گھر جي مالڪ جا هزار شرط هوندا هئا پر ان سڄي صورتحال جي ڪري هن وقت گھڻا گھر خالي پيا آهن ۽ ڪير مسواڙ تي اچڻ لا تيار ناهي ۽ جيڪڏهين ڪير اچي به ٿو ته هو اڳ اها پڪ ڪري ٿو ته ڇا گھر ۾ خاص طور پاڻي جو مناسب بندوبست ۽ بورنگ ٿيل آهي. اها ساڳي صورتحال وڪري وارن گھرن جي آهي. هڪ ته گھرن جي قيمتن ۾ لاٿ آئي آهي ۽ ٻيو ته مارڪيٽ ۾ خريدار ناهي جيڪو مناسب قيمت ۾ گھر خريد ڪري.
ان سلسلي ۾ علائقي ۽ خاص طور اسٽيل مل جي بحالي لا لاڳاپيل سياسي ڌرين کي اعليٰ سطح تي ڪي قدم کڻڻا پوندا.