
ٺٺي ضلعي جي جھمپير ويجھو ڪوئلي جي کاڻ ۾ نين جي وهڪري جو پاڻي ڪوئلي جي کاڻ ۾ داخل ٿي ويو کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ نو پورهيت کاڻ ۾ دٻجي ويا، انتظاميه چاليهن ڪلاڪن جي ريسڪيو آپريشن کان پوءِ اٺ لاش کاڻ مان ڪڍيا، جن کي اسپتال آندو ويو ۽ وارثن طرفان پوسٽ مارٽم جي مخالفت کان پوءِ اهي اٺ ئي مڙھه خيبر پختون خواھه جي علائقي سوات موڪليا ويا، نائين پورهيت جي لاش جي ڳولها تائين ريسڪيو آپريشن جاري رکيو ويو آهي، ٻڌايو ٿو وڃي ته نائون پورهيت هڪ ٻارنهن سالن جو نيگر آهي. سنڌ حڪومت جي ڪابينا واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، اخبارن ۽ ميڊيا ۾ آيل خبرن مطابق سنڌ حڪومت جي وڏي وزير چائلڊ ليبر ٿيڻ تي ڪارروائي جو حڪم ڏيندي کاڻن جي آڊٽ ڪرڻ لاءِ حڪم نامو جاري ڪيو آهي وڏي وزير طرفان فراخدلي جو مظاهرو ڪندي متاثر ۽ ڏکايل خاندان کي مالي مدد ڪرڻ لاءِ پڻ چيو آهي.
ٻڌايو ٿو وڃي ته اها ڪوئلي جي کاڻ ڪنهن پرائيويٽ ملڪيت ٻڌائي ٿي وڃي ميڊيا ۾ هن حادثي کان واقعي کان پوءِ هي به رپورٽ ٿيو آهي ته ڪوهستاني پٽي ۾ ٻه سو کان وڌيڪ کاڻيون نجي ڪمپنين حوالي ٿيل آهن، سنڌ ۾ ڪل جيتريون به ڪوئلي جون کاڻيون آهن انهن جي پوري معلومات سنڌ جي ماڻهن کي ناهي ۽ نه اها خبر آهي ته انهن کاڻن تي مالڪي ڪندڙ ڪمپنين جا مالڪ سنڌ جا شهري آهن يا انهن جو تعلق ٻين صوبن سان آهي سنڌ جي عوام کي اها به ڄاڻ ناهي ته ڪوئلي جي کاڻن ۾ ڪم ڪندڙ ٽوٽل ڪيترا مزدور آهن انهن مزدورن کي کاڻن ۾ ڪم ڪرڻ جي لاءِ حفاظتي ڪٽيون مليل آهن يا نه پر هن وقت تائين کاڻن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن سان جيترا به واقعا يعني حادثا پيش آيا آهن انهن حادثن جي ٿيڻ کان پوءِ اهوئي ٻڌايو ويندو آهي ته مزدورن جي حفاظت جو ڪٽيون انهن کي مليل ناهن خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي اندر اڪثر حادثا رپورٽ ٿيندا رهيا آهن روايتي همدردن بيان بازي کان وڌيڪ ڪڏهن به ڪنهن حڪومت سنجيدگي سان نوٽيس ناهي ورتو ايتري حد تائين جو وزارت محنت جو وزير صاحب ۽ ان جي ڪامورڪي ٽيم ايئرڪنڊيشن آفيس ۽ گاڏين کان ٻاهر نڪري پورهيتن جي حالت ڏسڻ پنهنجي گھٽتائي تصور ڪندا آهن، ۽ اڪثر جڏهن کان ميڊيا پورهيتن جي مسئلن تي ڪو سوال ڪندي آهي ته هو اهڙو جواب ڏيندا آهن جيئن هنن کي هاڻي پڇيل سوال کان پوءِ معلوم ٿيو آهي ته پورهيتن سان هي مسئلو آهي کاڻن کان علاوه فيڪٽرين جي اندر پورهيت اڪثر حادثن جو شڪار ٿيندا ٿا رهن ڪڏهن بوئلر ڦاٽڻ صورت ۾ ڪڏهن ڪنهن مشين زد ۾ اچڻ ڪري يا ڪڏهن بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ ڪري پورهيتن جا موت ٿيندا رهن ٿا هيڪڙ ٻيڪڙ جا واقعا روز جو معمول هوندا آهن ۽ انهن جو ميڊيا ۾ ذڪر به ناهي ٿيندو جڏهن ڪو واقعو هڪ ٻن کان وڌيل يعني وڏو واقعو ٿئي ته پوءِ اهو ميڊيا جي بحث ۾ اچڻ کان پوءِ حڪومت کي سجاڳ ٿيڻ ۽ ڪارروائي ڪرڻ جا اعلان ڪندي ٻڌا ويندا آهن.
وڏو حادثو حڪومت جي لاءِ ائين هوندو آهي جيئن ڪنهن خماريل ۽ مدهوش ماڻهو کي ڪو پاڻي جو ڇنڊو لڳي ۽ هو ڇرڪ ڀري، بلڪل ائين ئي حادثا حڪمرانن جي لاءِ ٿورڙي ڇنڊي جي برابر هوندا آهن ۽ پوءِ وري معاملو آيو ويو ٿي ويندو آهي حادثي ۾ فوت ٿيلن جو تعلق سوات سان ٻڌايو ٿو وڃي هي پورهيت پنهنجي ٻچن جي روزگار جي لاءِ خوفناڪ کاڻين جي اندر ڪوئلي ڪڍڻ جو ڪم ڪندا هئا يقينن ٻيا ڪيترائي پورهيت جن جو تعلق به ڪي پي ڪي جي مختلف علائقن سان هوندو انهن پورهيتن سان گڏ سنڌ جا مقامي پورهيت به شامل هوندا يا پنجاب يا بلوچستان سان تعلق رکندڙ پورهيت به يقينن ڪجهھ نه ڪجهھ مقدار ۾ هوندا ٻاهرين علائقن جا پورهيت يعني ٻين صوبن سان تعلق رکندڙ گھڻو ڪري اهي پورهيت هوندا آهن جيڪي کاڻن جا مالڪ يا ٺيڪدار ڪمپنيون ٻاهران جو هجن ٿيون هو ڪمال چالاڪي ۽ پورهيتن جو استحصال ڪرڻ جي لاءِ پاڻ سان گڏ ٻاهريان پورهيت آڻيندا آهن انهن جو فائدو انهن کي ئي هوندو آهي ته مقرر وقت کان وڌيڪ انهن کان پورهيو ڪرائيندا آهن ۽ ٻيو ته ٺيڪيداري مقدار ۾ گھٽ کان گھٽ اگھه تي انهن سان ڪانٽريڪٽ ڪندا آهن بظاهر سرمائيدار قوم پرستي جي جھانسي ۾ پنهنجي علائقي جي پورهيتن کي اهو تاثر ڏيندو آهي ته هو هتان جي لوڪل ماڻهن کان پنهنجن ماڻهن کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو اهي ٻاهران مزدور انهن جي چالاڪين ۽ جھانسن ۾ اچي سرمائيدارن جو پاڻ کي ٿورائتو تصور ڪندا آهن نه رڳو معاملو ايستائين هوندو آهي هو مقامي مزدورن جي خلاف هڪ نفرتي رويو به اڀاريندا آهن ۽ مزدور مزدور سان دستِ گريبان رهندي گروپن ۽ گروهن ۾ ورهائجي وڃي ٿو جنهن سبب مزدورن جو ڪو به مضبوط اتحاد يا يونين ٺهي ناهي سگھندي.
مزدورن جي ورڇ جو فائدو سرمائيدار جي استحصال ۽ سڪون جو سبب بڻبو آهي پر حقيقت اهائي هوندي آهي ته سرمائيدار پنهنجي استحصالي ۽ منافعا خوري فطرت سبب تمام پورهيتن جو بري کان بري طريقي سان استحصال ڪندو رهندو آهي استحصال جي ان جابرانا ظلم ۽ پورهيت جي ڦرجڻ جي شيخ اياز جيڪو سنڌ جو محب الوطن شاعر هيو پورهيتن جي ان ورڇ کي ديس ۽ پرديس ۾ دربدر ٿيڻ جي پيڙا کي محسوس ڪندي چيو ته “پورهيت لاءِ ديس به ساڳيو، پورهيت لاءِ پرديس به ساڳيو” پورهيت ديس ۾ هجي يا پرديس ۾ ٻنهي جاين تي هن جو استحصال ساڳيو ئي ٿيندو آهي ڇو ته مزدور پنهنجي محنت جو جيڪو معاوضو سرمائيدار کان وٺي ٿو اهو معاوضو هن جي محبت جي پيداواري حصي جي 25 کان 50 سيڪڙو تائين کيس ملي ٿو باقي پورهئي جو منافعو سرمائيدار ڀڀ ۾ وڃي ٿو ۽ ان ئي منافعي کي ڪارل مارڪس “قدرِ زائد” سڏيو هو مارڪس اهو ثابت ڪيو ته جيڪڏهن سرمائيدار پورهيت جو واڌو پورهيو يعني قدر زائد نه کائيندو ته هو پنهنجي سرمائي ۾ ڪڏهن به واڌارو نٿو ڪري سگھي سرمائيدار ۽ پورهيت جي وچ ۾ استحصال جو پيمانو اهوئي آهي جن مذهبي عالمن انهيءَ فڪر ۽ نظريي کي سمجھو انهن ڪارل مارڪس سان يا ڪميونسٽن سان روحاني اختلافن جي باوجود انهن کي پنهنجو دوست سمجھو، جيئن علامه اقبال ڪارل مارڪس لاءِ لکيو آهي ته ” نيست پيغمبر، مگر در بغل دارد ڪتاب” هو پيغمبر ته ناهي پر هن جي بغل ۾ انساني معاشري جي نجات جو ڪتاب موجود آهي.
سنڌ جو مولانا عبيدالله سنڌي کلي عام سوشلزم جي حمايت ڪندو هو ۽ ٻيا ڪيترائي هزارين عالم استحصالي نطام جي خلاف پنهنجو نور نچوڙي ويا ۽ جدوجهد ڪري ويا پورهيتن جو پوري ملڪ ۾ حال ساڳيو ئي آهي پر خاص ڪري سنڌ ۾ پورهيت اونداهي دور جهڙي ماحول ۾ رهن ٿا سڄي سنڌ ۾ سرڪار جي سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي ڪاغذن ۾ ڪيترا پورهيت رجسٽرڊ آهن انهي جو پڇاڻو هر ضلعي جي آفيس مان خاص ڪري اسان جي ميڊيا ڪري ته کين خبر پئجي ويندي وزارت محنت کان هن وقت تائين ڪو به اهو پڇاڻو ناهي ڪندو ته جيڪي پورهيت ڪارخانن ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ موت جي منهن ۾ ڏينهن رات گذارن ٿا انهن جي انشورنس ڪمپني جي طرفان ٿيل به آهي يا نه سنڌ حڪومت جي وزارت صحت ٽي وي تي اهو ته اشتهار هلائي ٿي ته جنهن ڪارخانن ۾ پنجويھه هزارن کان گھٽ معاضو ملي ٿو اهي ٻڌايل نمبر تي شڪايت ڪن پر اهو ناهي چيو ويندو ته مزدورن کان ڪيترا ڪلاڪ ڪم ورتو ٿو وڃي هن وقت نوي سيڪڙو پرائيويٽ ڪارخانن ۾ مزدور ٻارنهن کان چوڏهن ڪلاڪ ڪم ڪري ٿو تڏهن هن کي ويهن کان پنجويھه هزار معاوضو ٿو ملي، چائلڊ ليبر جنهن جي ڄاڻ شايد اسان جي سنڌ حڪومت کي ناهي اهي اکيون کولي ڏسي ته ڪيترا ٻار ڪارخانن ۾، هوٽلن تي، پيٽرول پمپن تي، بنگلن تي، گاڏين، گيراجن تي، ڪم ڪندي کين نظر ايندا ۽ ڪيترا ٻار ٽوڪرا کڻي ڇٻا ٿا وڪڻن سنڌ جي شهرن جو ڪهڙو چونڪ ۽ چوراهو يا بازار آهي جنهن ۾ ننڍا ٻار پندي نظر نٿا اچن تعليم کاتي جو مثال ئي الڳ آهي ته خود نيم سرڪاري اسڪولن ۾ استادن جون پگھارون ڏھه کان پندرنهن هزارن تائين مشڪل سان آهن اندروني سنڌ جي پرائيويٽ ادارن ۾ ته ٽن هزارن کان پنجن هزارن تائين پگھار ڏني ٿي وڃي شايد حڪومت جي نظر ۾ اهي سمورا ليبر لا ۾ نٿا اچن ۽ نه وري ٻارن جا انبوھه جيڪي پورهئي جي پيڙا ۽ پنندي گھمن پيا اهي کين نظر نٿا اچن روحل فقير ٺيڪ ئي چيو هو ته “انڌن اوندھه نه لهي، تن کي سچ چوندو ڪير” اسان جي سرڪار جي ڪامورن ۽ وزيرن جو ڪهڙو بنگلو آهي جتي ٻار پورهيو ناهن ڪندا حڪومت کان هٽي افسوس ناڪ صورتحال اها آهي ته ڪارخانن ۽ ٻين جڳهن تي يعني پورهئي جي ڪمن ۾ جيڪو پورهيتن جو حال ۽ حشر آهي انهيءَ تي کاٻي ڌر ۽ قوم پرست تقريبن لاپرواهي جو مظاهرو ڪندي ٿا نظر اچن اهوئي سبب آهي جو هن وقت تائين پورهيتن جي استحصال تي يا انهن سان ٿيندڙ جبر ۽ ڏاڍ جي خلاف ڪا به پارٽي سنجيدگي سان نه پنهنجو موقف پيش ٿي ڪري نه تحريڪ ٿي هلائي اهوئي سبب آهي جو بلديا فيڪٽري ۾ چار سو کان وڌيڪ مزدور دهشتگردن ساڙي رک ڪري ڇڏيا پر ڪا انهن خلاف منظم تحريڪ نه هلي سگھي تنهن ڪري حڪومت مزدورن ۽ پورهيتن جي لاءِ تحفظ ۽ معاوضي جو نوٽيس ڇو وٺي ۽ ڇا جي لاءِ وٺي جڏهن ته پاڻ اهو ٺيڪ طرح سان سمجھون ٿا ته سنڌ حڪومت ۽ ٻيون هن ملڪ جون تمام حڪومتون (صوبائي يا وفاقي) پورهيت عوام جي لاءِ ناهن اهي اشرافيا جون حڪومتون سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جي لاءِ آهن ۽ انهن جي ئي مفادن جو تحفظ ڪن ٿيون.