
پاڪستان جي آسڪر ايوارڊ ماڻيندڙ مشهور فلم ميڪر شرمين عبيد چنائي تي تاريخ کي غلط نموني سان پيش ڪرڻ جو الزام لڳائيندي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي. ميڊيا مطابق ڊزني جي ويب سيريز مس مارول جي هڪ ڏينهن اڳ ڏيکاريل قسط ۾ حسن جي ڪردار ۾ فواد خان کي تحريڪ پاڪستان دوران قائداعظم بدران گانڌي جي پرچار ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، جنهن سبب مداحن فواد جي مسلمان ڪردار بابت شرمين عبيد چنائي ۽ سندس ٽيم کي تنقيد کي نشانو بڻايو آهي. مداحن جو چوڻ آهي تھ پاڪستان لا جدوجهد ۾ قائداعظم جي ڪردار کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.