اهو ته طئي آهي هن ملڪ جا حڪمران ڪو سبق پرائڻ لاءِ تيار نه آهن. گذريل ستن ڏهاڪن ۾ اسين جيڪي ڪجهه ڏسي چڪا آهيون، ان مان ائين لڳي ٿو ته حڪمرانن کي عوام سان ڪو واسطو ناهي ۽ اهي ملڪ کي سنئين دڳ تي وٺي وڃڻ لاءِ به تيار نه آهن، جنهن جي ڪري نه رڳو ملڪ تباهه حال لڳو پيو آهي پر ان ۾ سڌاري جا امڪان به بنهه گهٽ نظر ٿا اچن. ملڪ جي انفرااسٽرڪچر کان وٺي ان جي انتظامي معاملن تائين وڏو بگاڙ نظر اچي رهيو آهي. برساتن جو جيڪو تازو سلسلو شروع ٿيو آهي، ان نه رڳو شهرن کي سخت متاثر ڪيو آهي پر عام ماڻهوءَ جي زندگي به مفلوج ڪري ڇڏي آهي. ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ برسات سبب ماڻهو بنهه گهڻي پريشانيءَ کي منهن ڏئي رهيا آهن. هاڻوڪين برساتن کان پوءِ ڪراچي سوڌو ڪيترائي شهر متاثر ٿيا آهن ۽ ماڻهن جي مرڻ جا اطلاع به مليا آهن.
رپورٽ مطابق سڄي ملڪ ۾ چوماسي برساتن جو سلسلو جاري آهي، جنهن تحت سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پهرئين اسپيل دوران معمول کان وڌيڪ برساتون پيون آهن. ماحولياتي تبديلي بابت وفاقي وزير شيري رحمان ٽوئيٽر تي ملڪ ۾ پوندڙ برساتن جا انگ اکر جاري ڪيا. شيري رحمان پي ايم ڊي جا انگ اکر جاري ڪيا، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ انتهائي وڌيڪ سراسريءَ سان برساتن جو سلسلو جاري آهي، پهرين جولاءِ کان 9 جولاءِ تائين ٻنهي صوبن ۾ 30 سالن دوران سراسري طور وڌيڪ برساتون پيون. پي ايم ڊي جي انگن اکرن ۾ پهرين جولاءِ کان 9 جولاءِ تائين پوندڙ برساتن جا تفصيل ٻڌايا ويا آهن، جنهن موجب بلوچستان ۾ 9 ڏينهن دوران 45 ڏهائي 9 ۽ سنڌ ۾ 72 ڏهائي هڪ ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي چڪي آهي. شيري رحمان طرفان جاري ڪيل چارٽ مطابق سنڌ ۾ پهرين جولا کان 9 جولا تائين وڌ ۾ وڌ برسات جو رڪارڊ سراسري طور تي 10 ڏهائي 5 ملي ميٽر آهي اهڙي ريت هن سال سنڌ ۾ ان مدي دوران سراسري طور تي 72 ڏهائي هڪ ملي ميٽر برسات پئي آهي جيڪا 61 ڏهائي 6 ملي ميٽر وڌيڪ آهي، جڏهن ته بلوچستان ۾ پهرين کان 9 جولا تائين وڌ ۾ وڌ برسات جو رڪارڊ 6 ڏهائي 9 ملي ميٽر آهي پر هن سال ان مدي دوران بلوچستان ۾ سراسري طور 45 ڏهائي 9 ملي ميٽر برسات پئي آهي، جيڪا 39 ملي ميٽر وڌيڪ آهي. هوڏانهن موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ايندڙ 3 ڏينهن ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب 13 جولاءِ کانپوءِ شهر ۾ هڪ ٻيو اسپيل داخل ٿيندو، جيڪو سٺو مينهن وسائي سگهي ٿو. هواڏنهن بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ برساتن جو سلسلو وقفي وقفي سان هلندڙ آهي جنهن سان برساتي نالا ڀرجي ويا آهن، جڏهن ته صوبي ۾ مواصلاتي نظام کي به نقصان پهتو آهي. بلوچستان جي ضلعي قلات، خضدار، آواران، تربت، قلعه سيف الله، لسٻيلي، ڪوڙڪ ٽاپ، چمن ۽ ڪوهلو سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ طوفاني مينهن پيو جڏهن ته تربت، رکني ۽ لورالائي ڀرسان ٺهيل ڊيم ٽٽي ويو. چمن ۾ ٻوڏ جي وهڪرن سبب فائبر آپٽڪ کي نقصان پهتو ۽ بئنڪن جو سرور ڊائون ٿي ويو جنهن سان اي ٽي ايم سروسز بند ٿي ويون. ان کانسواءِ ڪيترن ئي علائقن ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائل سروسز به معطل ٿي ويون.
اسين سمجهون ٿا ته برساتن دوران شهر ٻڏڻ جو سلسلو ان ڪري بند نه ٿي رهيو آهي جو قدرتي وهڪرن تي قبضا ڪري انهن کي بند ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ سمنڊ واري پاسي جيڪي رهائشي اسڪيمون شروع ڪيون ويون آهن، انهن به شهر کي گهڻو نقصان ڏنو آهي، جنهن جي ڪري ڪراچي برساتن جي سٽ نه سهي سگهندو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته قدرتي وهڪرا ترت بحال ڪيا وڃن ۽ هاڻوڪين برساتن ۾ پاڻي نيڪال ڪرڻ جو ڪو متبادل طريقو اختيار ڪيو وڃي.