عبدالرافع شيخ جو پهريون ناول “يونيورسٽيءَ ۾ گم ٿيل خواب” سال 2005ع ۾ آيو هو. اهو ناول نالي مان ئي ڪيمپس ڪهاڻي معلوم ٿئي ٿو. بقول پبلشر ته ان ناول جا ٽي ايڊيشن اچي چڪا آهن. پاڻ اڃا تائين اهو ناول ڪو نه پڙهيو آهي. رافع شيخ جو ٻيو ناول “ڪهڪشائن کان اڳتي” هن سال 2022ع جي اپريل مهيني ۾ ڇپجي سامهون آيو آهي. پنهنجي تبصري جو محور سندس هيءَ نئون ناول آهي.
اسان جي زندگين ۾ دعا جي ضرورت هوندي آهي. هتي دعا مان مراد لفظي دعا نه پر ڪنهن اهڙي انساني ڪردار جي اچڻ جي هوندي آهي جنهن جي اچڻ سان جيون کي نوان رنگ ۽ نوان دڳ ملي ويندا آهن. ناول “ڪهڪشائن کان اڳتي” جي مرڪزي ڪردار عاجز جي زندگيءَ ۾ دعا نالي آيل ڇوڪري به اهڙو ئي ڪردار بڻجي سندس جيون ۾ داخل ٿئي ٿي. دعا جي اچڻ ۽ دعا جي وڃڻ سان عاجز جهڙي مادي پرست materialist ذهنيت رکندڙ انسان جون سوچون، خيال، مقصد ۽ شين کي ڏسڻ جا رخ مڪمل طور تبديل ٿي وڃن ٿا. عاجز جيڪو مڪمل طور cynic )هڪ اهڙو شخص جيڪو شين جي قيمت ته ڄاڻيندو هجي پر انهن جو قدر نه ڄاڻيندو هجي) هوندو آهي. ان جو ذهن نين سوچن ڏانهن مائل ٿيڻ شروع ڪندو آهي.
ڪهاڻيءَ جي شروعات شادي ڪرڻ تي زور ڏيڻ سان ٿئي ٿي. مکيه ڪردار عاجز آهي جيڪو سندس ويڳي ماءُ جي ورتاءَ سبب سندس ذهن تي عورتن بابت منفي سوچ ڇاپ ڪري وئي آهي. هو عورت کان هيسيل ۽ کين مصيبت، ڏکن، امتحانن ۽ مونجهارن جو سبب سمجهندي سڪون ڀري زندگي ۽ ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ ۽ اڳتي نه وڌي سگهڻ جو سبب سمجهي ٿو. تازو امبر هرڊ ۽ جاني ڊيپ جي مقدمي ۾ جاني ڊيپ به عدالت ۾ اهڙو بيان ڏنو هو ته “ننڍي هوندي منهنجي ماءُ منهنجي پيءُ کي ماريندي هئي، ننڍپڻ جي ان اثر سبب مان به سدائين امبر هرڊ کان هيسيل رهيس ۽ امبر مون تي حاوي رهي دڙڪا ڌنئونس ڪندي رهندي هئي.” ان حساب سان هيءَ نفسياتي پهلو حقيقت ڀريو به معلوم ٿئي ٿو. هونئن به افسانو حقيقت ۽ تصور جو سهڻي تال ميل جو نالو آهي.
عاجز جا دوست پروفيسر سليم، ڊاڪٽر عارف ۽ ڪليم ڪاروباري آهن، جيڪي کيس شادي ڪري خاندان آباد ڪرڻ ۽ زندگي سڪون سان گذارڻ لاءِ اتساهيندا رهن ٿا. ان ريت عاجز سندن چوڻ موجب دعا نالي هڪ اهڙي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ راضي ٿي وڃي ٿو جنهن جي حياتي باقي هڪ سال کن مس بچيل آهي. هو ان شاديءَ لاءِ ان سوچ هيٺ راضي ٿئي ٿو ته عورت سان زندگي گذارڻ جو تجربو ڪري ڏسجي، جيڪڏهن تجربو ڪامياب ٿئي ته اڳتي شادي ڪبي نه ته ان جي مرڻ کانپوءِ هيڪلو جيون گذاربو.
دعا سان شاديءَ کانپوءِ سندس مزاج ۽ سوچن ۾ تبديلي اچي وڃي ٿي. نيڪ سيرت دعا جو پيار ۽ سنڀال کيس عورت بابت سوچ مٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿو. عورت جي پاڇي کان ڀڄندڙ عاجز جون سوچون دعا جي اچڻ کانپوءِ مڪمل تبديل ٿي وڃن ٿيون. پر اڳتي هلي جڏهن بزنس جي مسئلن سبب هو اهو مقصد ڪڍي ٿو ته جيڪڏهن شادي نه ڪيان ها ته سڄو ڌيان بزنس تي هجي ها ۽ اهي مسئلا نه ٿين ها ته هو مڙني مسئلن جو سبب دعا کي سمجهي کيس مهڻا ڏئي الزام مڙهي ٿو. سمجهدار ۽ شريف النفس دعا شديد صدمي وچان صبح ٿيڻ سان کانئس موڪلائي واپس والدين جي گهر هلي وڃي ٿي.
جڏهن عاجز جون عارضي مصيبتون ختم ٿين ٿيون، جيڪي ظاهري طور ناڪاميون هيون، اهي اڳتي لڪيل نعمتون ثابت ٿين ٿيون ۽ هو دعا جي چوڻ تي ڪيل ڪمن ۾ وڏا منافعا ڪمائي ٿو ته کيس دعا ياد اچي ٿي. هو ساهراڻي گهر پهچي ٿو پر دعا صدمي سبب مايوسين جي ور چڙهي اسپتال ۾ بيهوشيءَ جي حالت ۾ داخل هوندي آهي. دعا ان ئي حالت ۾ گذاري وڃي ٿي. اتان کان مادي پرست materialist ذهنيت رکندڙ عاجز جون سوچون تبديل ٿين ٿيون ۽ هو روحانيت جي ڳولا ۾ محو ٿي وڃي ٿو. ان ريت مکيه ڪردار جو مادي پرستيءَ کان روحانيت ۽ پاڻ سڃاڻڻ وارو سفر شروع ٿئي ٿو.
ناول ۾ مادي پرستي به ملي ٿي ته تصوف ۽ روحانيت جا عنصر به ملن ٿا. ڏسجي ته هي پاڻ سڃاڻڻ لاءِ نيڪي ۽ سچائي ماڻڻ واري واٽ تي هليل سفر جو داستان آهي. اهڙو اشارو ناول جي نالي پويان آيل لفظن “پئسي، پيار ۽ پالڻهار جي جستجو” مان به ملي ٿو. ناول جو مکيه خيال ته “پاڻ سڃاڻڻ” ئي آهي پر ان سان گڏ لالچ، فريب، وفاداري، صبر، استقامت، نيڪيءَ جي جيت ۽ برائيءَ جي شڪست جهڙا ننڍا خيال themes پڻ شامل آهن.
ناول جي شروعات ۾ شادي ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ جي ٿيل بحث ۾ ٻنهي پاسن کان سگهارا دليل ملن ٿا. وري اڳتي هلي ناول جي وچ ۾ اولاد ڄڻڻ ۽ نه ڄڻڻ واري اٿاريل بحث ۾ پڻ سگهارا دليل ملن ٿا. ان مان ليکڪ جو مختلف نظرين کي هڪ جيتري اهميت ڏيڻ سان گڏ خيالن جي گهرائيءَ جي پڻ ڄاڻ ملي ٿي. عورت مرد لاءِ سڪون ۽ گهر سنڀالڻ جون ذميواريون کڻي مرد جي زندگي آسان بڻائي ٿي. ٻئي طرف اهي خيال آهن ته اصل ۾ عورت مرد تي بار بڻجي ترقي ۽ سڪون جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي. اولاد پيدا نه ڪرڻ وارن جا دليل اهي آهن ته جڏهن هن دنيا ۾ ڪير به خوش ناهي ۽ مرڻ کانپوءِ به سخت پڇاڻي ۽ دوزخ جا مسئلا آهن ته اولاد پيدا ڪري انهن کي به ساڳين مسئلن جي ور چاڙهڻ انهن سان دشمني ٿيندي ان ڪري کين پيدا ٿيڻ ئي نه ڏجي ته جيئن اهي دنيا جي تڪليفن ۽ امتحانن، قيامت جي پڇاڻي ۽ دوزخ جي عذاب کان بچيل رهن.
ناول منجھه ڪٿي ڊيگھه به ملي ٿي ته ڪٿي پوئتي آيل ڳالهين جو ڪو ذڪر نه هجڻ سبب ڪردارن سان انصاف جي کوٽ به محسوس ٿئي ٿي. پر ان جو سبب هي آهي ته سڄي ڪهاڻي مکيه ڪردار عاجز جي چوگرد ڦري ٿي، جتي عاجز پهچي ٿو ته ڪردارن ۽ واقعن جو ذڪر به ان سان لاڳاپجي وڃي ٿو. جڏهن ته جتي عاجز ناهي ته انهن ڪردارن، مسئلن ۽ واقعن کي الڳ نموني بيان ڪرڻ ڏانهن گهٽ ڌيان ڏنل آهي. ناول ۾ نااميديءَ بدران اميدپرست ٿيڻ جو پيغام مليل آهي. سچائيءَ سان محنت جاري رکجي ۽ نتيجن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ اڳتي وڌندو رهڻ گهرجي. ان جو مثال ناول اندر ائين ڏنل آهي ته “حضرت نوح نو سئو سال تبليغ ڪئي ۽ نو سئو ماڻهو به هدايت ماڻي ڪو نه سگهيا پر پوءِ به نااميد ڪو نه ٿيو. توهان به ماڻهن جي انڪار ۽ ڌتڪار کان مايوس نه ٿجو…!”
ناول ۾ نتيجن کان بي پرواهه ٿي سچائيءَ سان محنت ۽ جاکوڙ ڪندو رهڻ ۽ هاڪاري نتيجا نه ملڻ سبب سڀ ڪجهھ پالڻهار تي ڇڏي ڏيڻ وارو پيغام به حاوي آهي. ان مان ڪٿي ڪٿي مکيه ڪردار جو باعمل نه هجڻ وارو عنصر به ڪر کڻي ٿو ۽ ان عمل نه ڪرڻ ۽ خدا پاڪ کان ڪو اشارو ملڻ واري سوچ سبب ناول ۾ ڊيگھه به ٿي وئي آهي. پر جيڪڏهن ناول مان اهو عنصر ڪڍي ڇڏجي ته ڪهاڻي وڌي نه سگهندي ۽ باعمل هجڻ وارو عنصر آڻجي ته ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي تيزيءَ سان ٿي ويندي.
ناول ۾ ديوانپور ۽ عِلم ڪوٽ جا افسانوي/خيالي شهر به آهن. عاجز عِلم ڪوٽ ۾ ڪافي وقت گذاري گهڻي ڏاهپ، سچائي ۽ شعور پرائي ٿو. سندس شعوري پختگي ۽ انسان جي نفسيات سمجهڻ لاءِ سندس ائين دربدر ٿي ڀٽڪڻ ۽ عِلم ڪوٽ ۾ اچي رهڻ وارا عنصر انتهائي لاڀائتا ٿين ٿا. عِلم ڪوٽ هڪ مڪمل يوٽوپيائي eutopian شهر آهي. هن شهر ۾ سائنس، فلسفي، مذهب، اخلاقيات، سميت علم جي مختلف شعبن ۾ جاکوڙ، تجربا ۽ بحث وسيلي سکيا جا مرڪز قائم ٿيل آهن. اهڙو مثالي شهر سنڌ ۾ هجڻ سان ڪهڙيون هاڪاري تبديليون اينديون اهو ڄاڻائڻ لاءِ ليکڪ هن شهر کي مثالي نموني پيش ڪيو آهي. ان سان گڏ اها اميد به ڪئي وئي آهي ته سنڌ جا دولتمند ۽ طاقتور فرد ان قسم جا شهر جوڙي سماج کي بهتريءَ ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ قدم کڻن ته جلد ئي سنڌ سڌريل دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وٺندي. اهڙي سنڌ جتي ڪو به ساڙ، حسد يا طبقاتي اونچ نيچ نه هوندي ۽ جتي فقط علم ۽ سهڪار وسيلي خدمت جو عملي نمونو هوندو.
ناول جي پڄاڻي خوشگوار happy ending ٿيل آهي. مکيه ڪردار تڪليفن مان گذري، علم ۽ ڏاهپ پرائي پنهنجو اندر به اجاري وٺي ٿو ته مادي پرستي کان روحانيت جي منزل به ماڻي وٺي ٿو.
ناول ۾ مختلف ڪردارن وسيلي انسان جي چڱائيءَ ۽ برائيءَ وارن مختلف لاڙن کي سٺي نموني پيش ڪيو ويو آهي. هڪ پاسي دعا آهي جيڪا سراسر سونهن، سچائي، نيڪي، سادگي، معصوميت ۽ وفا جو مجموعو آهي، ٻئي پاسي مِنها آهي جيڪا دوکي، لالچ، مڪاري، ڪمزوري، ۽ منافقيءَ جي علامت آهي. وري غريب ۽ شريف مستقيم به آهي جيڪا شرافت، روحانيت، جدوجهد ۽ ڀروسي جي علامت آهي. ليکڪ عورت جي ٽن مختلف ڪردارن کي پيش ڪري هڪ طرف دوکي ۽ مڪاريءَ بابت به ڄاڻايو آهي ته ٻئي طرف ڪنهن هڪ سبب سموري جنس تان ڀروسو کڻڻ کان به روڪڻ جو پيغام ڏنو آهي. وري مردن ۾ ويجهن دوستن عارف ۽ ڪليم کان مليل دوکي مان ظاهري طور مخلص نظر ايندڙ دوستن کان خبردار رهڻ جي هدايت ٿيل ملي ٿي. ٻئي پاسي سليم ۽ پيرل جا ڪردار آهن جيڪي سراسر سچائي، ڀروسي ۽ نيڪيءَ جي علامت آهن، جيڪي دوستي ۽ انسانيت تي ڀروسو قائم رکيون اچڻ جي علامت آهن. ان سان گڏ کوڙ ننڍا ننڍا ڪردار آهن جيڪي لالچ، مفادپرستي، ايمانداري، سچائي، خدمت، نفرت، محبت، انسان شناسي، وفاداري ۽ دوکي جي عڪاسي ڪندي ملن ٿا. مکيه ڪردار عاجز آهي جيڪو دوکا کائي، ڏک ۽ تڪليفون ڏيندڙن کي به معاف ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو. پر هر تڪليف کي خدا کان سمجهڻ، انسان کان نفرت نه ڪرڻ، معافي ۽ درگذر واريون خوبيون ماڻڻ لاءِ کيس هڪ ڏکئي ۽ ڊگهي سفر منجهان گذرڻو پوي ٿو. دل کي ڪشادو ڪرڻ، دل ۽ دماغ اندر روحانيت سمائڻ، پنهنجي اندر پرور کي پائڻ لاءِ استادن جي نگرانيءَ منجھه صبر، درد، پيڙا، ڏکن، تڪليفن، مونجهارن، دوکن منجهان گذرندو زندگي ۽ زماني کي سمجهڻ واري سکيا پرائي ان سفر مان پار ٿئي ٿو. ان ريت ڏسجي ته ڪردارن وسيلي انساني نفسيات ۽ مزاجن جي ڀرپور عڪاسي ڪئي وئي آهي.
ناول ۾ اڳ تجربو ڪيل موضوع ۽ پيغام آهن. ناول ۾ پيش ڪيل خيالن ۽ ڪردارن سان پڻ انصاف ٿيل ملي ٿو. ناول پڙهڻ کانپوءِ اهو محسوس ٿيو ته سنڌي ناول ۾ جديد موضوعن ۽ جديديت ۽ جديديت پڄاڻان وارين هيئتن لاءِ اڃا به انتظار ڪرڻو پوندو.