ڪراچي ڪنهن به وڏي ايمرجنسيءَ کي منهن ڏيڻ جي سگهه نه ٿو رکي. اها سچائي هن ڀيري برساتي سسٽم ماڻهن کي چٽيءَ طرح سمجهائي آهي پر مسئلو اهو آهي ته ڇا عوام ان عذاب مان گذري ڪجهه ڪندو؟ عوام کي پهرين به پتو هو ۽ ماڻهن کي هن ڀيري به معلوم ٿي چڪو آهي ته جيڪو ڪجهه عوام جي نالي ۾ ٿي رهيو آهي هو مڪمل طور تي فراڊ ۽ ٺڳيءَ جو ڪڏهن به ختم نه ٿي سگهندڙ سلسلو آهي. اهو صرف ۽ صرف ان صورت ۾ رڪجي سگهي ٿو، جڏهن خدا جي خلق پنهنجن حقن جي لاءِ نڪري پوي ۽ اهي نعرا هڻي، جن ۾ سچائيءَ جي صدا هجي. ڇو ته عوام جي وات ۾ هن مهل تائين جيڪي به نعرا وڌا ويا آهن، انهن جو عوام جي حقيقي زندگي ۽ انهن جي حقيقي مسئلن سان ڪو به واسطو نه رهيو آهي. اها ڳالهه صرف هڪ پارٽيءَ لاءِ ناهي. پر هن حمام ۾ سڀني جو حال هڪ جهڙو آهي. جيڪڏهن ڪالهه ملڪ ۾ عمران خان جو راڄ هو ته ڇا ملڪ جا مسئلا حل هئا؟ ڇا عوام جي زندگيءَ ۾ ڪا خوشي يا ڪا خوشحالي آئي؟ عوام ته اڳ ۾ به ائين هو ۽ عمران خان جي راڄ ۾ به هن جي تڪليف نه گهٽجي سگهي. پر اها به حقيقت آهي ته عمران خان کي پاڪستان جي لاءِ خطرو بيان ڪندڙ قوتون جڏهن اقتدار ۾ آيون آهن ته انهن عوام جي مٿان پيل عذاب گهٽائڻ بدران ان ۾ تمام گهڻو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي حال اهو آهي ته عوام کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هو پنهنجي درد جي دوا آخر ڪهڙي سياسي دڪان تان وٺي؟
جڏهن ملڪي سياست ۾ نيم حڪيم ماڻهن جو علاج ڪرڻ بدران صرف انهن جي کل لاهڻ ۾ مشغول هجن ته ان صورت ۾ ڪوئي ڇا ٿو ڪري سگهي؟ ان صورت ۾ ته صرف انهن کان بچڻ ۾ ئي ماڻهن جي خيريت آهي. جيڪڏهن عوام ٺڳ سياستدانن کان بچي ويو ته ان کي پنهنجي زندگيءَ جو خير گهرڻ گهرجي. ان کي پنهنجي مستقبل جي باري ۾ اطمينان محسوس ڪرڻ گهرجي. ڇو ته هو هڪ وڏي مصيبت کان بچي ويو. اسان کي ان سلسلي ۾ سمجهڻ گهرجي ته اسان جو اصل مسئلو عوام جي سجاڳي آهي ۽ اسان کي اهو به سمجهڻو پوندو ته عوام جي سجاڳي ان مهل تائين اڌوري آهي، جيستائين ان سجاڳيءَ جي صورت ۾ عوام جي زندگيءَ ۾ عملي طور تي تبديلي نه ٿي اچي. اهو عمل ئي آهي، جنهن هن مهل تائين انسانيت جي سفر ۾ انسانن کي تاريڪ غارن مان ڪڍي انهن کي اهو ماحول عطا ڪيو آهي، جنهن ۾ هو وڏي حد تائين آرام ۽ سڪون ۾ آهن. سائنس جو سفر انسانن جنهن تيزيءَ سان ڪيو آهي اهو سچ پچ به تمام گهڻو حيران ڪندڙ آهي. پر ساڳي وقت اها افسوس جي ڳالهه آهي ته عوام ان سلسلي ۾ اهو سفر نه ڪيو آهي، جنهن ۾ ان سماج کي بهتر بڻائي سگهجي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته سائنس جي سفر ۾ ته عوام تمام گهڻي ڪاميابي ماڻي آهي پر سياست جي سفر ۾ عوام اهو ڪجهه نه ڪيو آهي، جنهن سان ان جا سماجي مسئلا حل ٿي سگهن. هن دنيا ۾ جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اهو گهڻي ڀاڱي سائنس جي ميدان ۾ ٿي رهيو آهي ۽ سائنس هڪ تمام سٺي شيءَ آهي ۽ اسان ان کي ڪنهن به طرح سان رد ڪري نه ٿا سگهون. دراصل اها سائنس ئي آهي، جنهن انسانن جي زندگيءَ ۾ تمام وڏي تبديلي آندي آهي. پر سائنس جو سفر ڪافي ناهي. ان سلسلي ۾ انسانن کي ٻي رخ ۾ به وکون کڻڻ گهرجن ۽ هن کي اهو ڪجهه ڪرڻ گهرجي، جنهن سان هو پنهنجي زندگيءَ ۾ حقيقي طور تي توازن پيدا ڪري سگهي. ڇو ته اسان کي اهو به سائنس سمجهايو آهي ته توازن مان نڪرڻ جو مطلب تباهي آهي. اسان جيڪڏهن چاهيون ٿا ته هن دنيا ۾ بهتري اچي ته اسان کي توازن جي لاءِ ڪوشش ڪرڻي پوندي. ڇو ته اسان سائنس جي رخ ۾ ته ڪافي اڳتي آيا آهيون پر اسان سياست جي ميدان ۾ اهو سفر نه ڪيو آهي، جنهن سان منزلون ملنديون آهن.
سياست جي تباهي اصل ۾ انسانن جي سماجي تباهي آهي. اسان کي ان جو هڪ منظر انهن برساتن ۾ نظر اچي ٿو. اسان ڏسي سگهون ٿا ته جيڪو ڪجهه عوام جي زندگيءَ ۾ ٿي رهيو آهي، اهو تمام گهڻو اذيت ناڪ آهي. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري آهي جو اسان ۾ سياست جو اهو شعور پيدا ٿي نه سگهيو آهي، جيڪو ٿيڻ گهرجي. سائنس جي سلسلي ۾ اسان کي سمجهڻ گهرجي ته ان اهو ڪجهه ڪيو آهي، جيڪو ڪجهه اسان جي معاشري ۾ عملي طور تي متحرڪ ٿئي ته عوام ڪي زندگيءَ ۾ انقلاب اچي وڃي. هن مهل به جيڪو ڪجهه ملڪ ۾ ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ ٿي رهيو آهي اهو اهڙو ڪجهه ناهي، جنهن کي ڪنٽرول نه ڪري سگهجي. آخر دنيا جا ٻيا ملڪ به آهن. انهن ۾ برسات ته ڇا پر برفاني طوفان به زندگيءَ جي رواني دوانيءَ کي روڪي نه سگهندا آهن. زندگي هر صورت ۾ روان رهي ٿي. اسان کي اها حقيقت سمجهڻ جي لاءِ اجايو آمريڪا ۽ يورپ جا مثال پيش نه ڪرڻ گهرجن. اسان وٽ ملڪ جي گاديءَ واري شهر يعني اسلام آباد جو واضح مثال آهي. اسلام آباد ته يورپ ۾ ناهي ۽ نه وري اسلام آباد جو تعلق آمريڪا سان آهي. پر اسلام آباد کي جنهن ترتيب ۽ جنهن فضيلت سان ٺاهيو ويو آهي، ان ۾ سسٽم ڪڏهن به انسانن جي لاءِ عذاب جو باعث نه ٿو بڻجي. ساڳي طرح سان ڇا پاڪستان جي ٻين شهرن کي اسلام آباد جي طرز تي تعمير ڪري نه ٿو سگهجي؟ ڇا اسلام آباد صرف هڪ شهر ئي پاڪستان ۾ رهندو؟ ڇا ٻين شهرن کي اهڙي طرح سان جوڙي نه ٿو سگهجي جو ان ۾ قانون جي حڪمراني به هجي ۽ ان ۾ اهو ڪجهه موجود هجي، جنهن سان زندگيءَ ۾ سک ايندو آهي ۽ جنهن سان زندگيءَ جو ڏک ڏور ٿيندو آهي. ان سلسلي ۾ اسان کي سمجهڻو پوندو ۽ نه صرف سمجهڻو پوندو پر ان جي لاءِ اسان کي جائز محنت به ڪرڻي پوندي. ڇو ته محنت کان سواءِ ڪجهه به ممڪن ناهي.
اسلام آباد اهم شهر آهي پر ڇا اسلام آباد وٽ پنهنجا ايترا وسيلا آهن؟ جنهن سان اسلام آباد ملڪ کي هلائي سگهي؟ ڇا ان ۾ ڪو شڪ آهي ته هن ملڪ کي معاشي طور تي هلائڻ وارو شهر ڪراچي آهي. پر ڪراچيءَ سان مسئلو اهو آهي ته ڪراچيءَ کي هر پارٽيءَ استعمال ڪيو آهي ۽ ڪراچيءَ جي ڪنهن به پرگهور نه لڌي آهي. ان ڪري ڪراچي مسئلن جي وڪڙ ۾ اچي ويو آهي. ڪراچيءَ اهو ڪجهه ڏٺو آهي، جنهن جو ٻيو ڪو شهر تصور به نه ٿو ڪري سگهي. اهو هن شهر جو صبر آهي، جنهن شهر کي هلائڻ جوڳو رکيو آهي. ڪراچيءَ کي جيڪڏهن سنڀاليو وڃي ته ڪراچي اهو ڪجهه ڪري سگهي ٿي جنهن سان ملڪ کي معاشي طور تي فائدو پوندو پر ڪراچيءَ مان هر ڪنهن نچوڙيو ۽ نپوڙيو آهي. ڪراچيءَ سان ڪنهن به چڱائي نه ڪئي آهي. ڪراچيءَ سان سياسي طور تي جيڪو به سلوڪ ٿيو آهي، اهو سفاڪيءَ جي زمري ۾ اچي ٿو. ڇو ته ڪراچيءَ جا اهي ڏينهن ۽ راتيون به هئا، جن ۾ ڪراچي بدترين دهشتگرديءَ جو شڪار هئي ۽ ڪنهن کي معلوم نه هو ته هن جو مستقبل ڪهڙو آهي؟ پر هن شهر پوءِ به ملڪ کي هلائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ هن مهل به هي شهر جيڪا به مصيبت ۾ برداشت ڪري رهيو آهي، ان سبب هن پنهنجو ڪارائتو ڪردار نه روڪيو آهي. جڏهن ته هن ملڪ جي ڪرتن ڌرتن کي ان ڳالهه تي شرم محسوس ڪرڻ گهرجي ته جيڪو شهر سموري ملڪ کي هلائي رهيو آهي، ان شهر کي برسات جي پاڻيءَ مان بچائڻ جي لاءِ ڪو بندوبست ڪجي. جيڪڏهن ڪراچيءَ ۾ اهو ڪجهه ٿي ويو ته اهو وڏو ڪارنامو هوندو. ڇو ته هن مهل تائين ڪراچيءَ جو صرف استحصال ڪيو آهي. ڪراچيءَ کي ڦريو ويو آهي. ڪراچيءَ کي لٽيو ويو آهي. ڪراچيءَ سان ڪنهن به ڌر انصاف نه ڪيو آهي.
ڪراچي جي مالڪ هجڻ جي دعويدار پارٽي ته متحده رهي آهي. هن مهل به متحده جا ليڊر ڪراچيءَ جا اصل وارث بڻجي ڳالهائن ٿا. جڏهن ته ڪراچيءَ کي سڀ کان وڌيڪ نقصان پهچائڻ واري قوت اها آهي. اسان وٽ هڪ مسئلو اهو به آهي ته جيڪو ڦريندو آهي، سڀ کان وڌيڪ گهوڙا گهوڙا به اهو ڪندو آهي. ايم ڪيو ايم ان جو سڀ کان واضح ۽ چٽو مثال آهي. پر ان جو مطلب اهو ناهي ته پيپلز پارٽيءَ ڪراچيءَ سان وڏا قرب ڪيا آهن. ڪراچيءَ جي حڪمران ڌر پيپلز پارٽي آهي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪردگي ڪراچيءَ جي حوالي سان قابل مذمت رهي آهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ کي اها شڪايت آهي ته انهن کي سپورٽ نه ٿي ملي ۽ خاص طور تي اردو ٻولي ڳالهائيندڙ عوام پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل نه ٿو ٿئي ته ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽيءَ کي پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسڻ گهرجي ته هيترو وقت حڪومت ڪرڻ جي باوجود به پيپلز پارٽيءَ اهڙو ڪجهه ڇا ڪيو آهي، جنهن سان ڪراچيءَ جي عوام جي دلين ۾ پيپلز پارٽيءَ جي لاءِ پيار ته پيار پر همدرديءَ جو ڪو هلڪو به احساس پيدا ٿي سگهي؟ پيپلز پارٽيءَ صرف نعرا ڏنا آهن ۽ عملي طور تي پيپلز پارٽيءَ جهڙي طرح سان ڪراچيءَ ۾ به ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪيا آهن، انهن جو داستان الڳ آهي. ڪراچيءَ جو ڪو به ساٿي ۽ سڄڻ نه رهيو آهي. جيڪڏهن ڪنهن ڪجهه ڪيو آهي ته ان صرف ذاتي حيثيت ۾ ڪيو آهي. اسان کي ڪراچيءَ جي لاءِ عملي طور تي ڪجهه ڪندڙ انسان ڪڏهن عبدالستار ايڌيءَ جي صورت ۾ نظر اچن ٿا ۽ ڪڏهن ڊاڪٽر اديب رضويءَ جي صورت ۾ سامهون اچن ٿا. جڏهن ته ٻيو ڪو اهڙو مهانڊو ناهي، جنهن ڪراچيءَ جي لاءِ اهڙو ڪجهه ڪيو هجي، جنهن جي مڃتا هن کي پيار سان پيش ڪجي. سياسي قوتن ته ڪراچيءَ جو اهو حال ڪيو آهي، جيڪو نظر اچي رهيو آهي.