ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

وائي ڊي اي: ڊاڪٽرن جو حقيقي آواز

Editorial-Article- Nirma Talpur

ھڪ مشھور چوڻي آھي ته خدا ھر ھنڌ موجود نٿو ٿي سگھي، ان ڪري ھن ڊاڪٽر موڪليا. پر افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته اسين اھڙي قوم آھيون، جيڪا سڌي ۽ اڻ سڌي ريت ڏک ڏاکڙا، ظلم ۽ تڪليفون سھندي پئٔي اچي. جنھن ۾ اسان جا ڊاڪٽر به ان ظلم ۽ بربريت جي گھاڻي ۾ پيڙھبا پيا اچن. شاگرد ڊاڪٽرن کي يونيورسٽيءَ کان وٺي اھڙو ھيسايو ويندو آهي جو مستقبل ۾ ايندڙ تڪليفون ۽ ظلم خلاف آواز اٿاريندي ھو ڊڄندا آھن يا ھو اھڙي ظالماڻي ماحول ۾ رھڻ جا هيراڪ ٿي ويندا آھن. اھڙي نفسانفسي واري دور ۾ وائٔي ڊي اي پنھنجي ڊاڪٽرن ۾ سجاڳي ۽ شعور پيدا ڪري انھن جي پروفيشنل لائٔيف کي وڌيڪ بھتر بنائٔڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندي پئٔي رھي آھي. وائٔي ڊي اي ھڪ غير سياسي جماعت آھي، جيڪا رنگ نسل ۽ اوچ نيچ جي سوچ کان مٿاهين آھي. ھيءَ جماعت ٢٠٠٨ع ۾ ميو اسپتال لاھور ۾ ٺھي جيڪا پنجاب کان پوءِ سنڌ ۽ ڪي پي ڪي ۾ مشھور ٿي، جنھن جو مکيه مقصد پاڪستان جي ڊاڪٽرن کي ھڪ جاءِ تي گڏ ڪري سندن حقن جي حاصلات لاءِ پرامن جمهوري جدوجھد ڪرڻ آھي. کين اھڙو پليٽ فارم مھيا ڪرڻ آھي، جتي ھو مڪمل جديد ماحول ۾ پنھنجي ملڪ ۽ عوام جي خدمت ڪري سگھن ۽ نوجوان ڊاڪٽرن لاءِ اھڙو ماحول تيار ڪجي جتي ھو سولائيءَ سان نئٔين طبي ڄاڻ حاصل ڪري سگهن. وائٔي ڊي اي جي آئٔين ۾ ھيٺين ڳالهين تي زور ڏنل آھي. ١-پاڪستان ۾ صحت جي ڍانچي جي بھتريءَ لاءِ ڪم ڪرڻ، ٢-نوجوان ڊاڪٽرن جي مسئٔلن کي حل ڪري سندن فلاح ۽ بھبود لاءِ ڪم ڪرڻ، ٣-طب جي شعبي ۾ جديد ترقي يافته اصولن جي روشنيءَ ۾ اخلاقي قدرن جي تحفظ کي يقيني بنائٔڻ، 4-نوجوان ڊاڪٽرن جي نوڪريءَ کان وٺي مال ۽ عزت جي حفاظت ڪرڻ، 5-ڊاڪٽرن جون صلاحيتون وڌائٔڻ لاءِ ورڪشاپ ۽ سيمينار ڪوٺائٔڻ، ٦-عوام کي صحت بابت شعور ڏيڻ، ٧-طب جي شعبي ۾ ٿيندڙ ڪرپشن ۽ جعل سازي خلاف آواز اٿارڻ، ٨-قدرتي آفت واري صورتحال ۾ پنهنجي قوم جي خدمت ڪرڻ، ٩-عالمي اصولن تحت انسانيت جي خدمت ڪرڻ.
وائي ڊي اي پاڪستان جون سڄي ملڪ ۾ مختلف يونيورسٽين، اسپتالن ۽ صوبائي سطح تي باڊيون چونڊيون وينديون آھن. ھر يونٽ جي الڳ ڪابينا ٺاھي ويندي آھي، جيڪا چيئٔر پرسن، صدر، جنرل سيڪريٽري، سينيئٔر وائئس پريزيڊينٽ، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري، جوائٔنٽ سيڪريٽري، انفارميشن سيڪريٽري ۽ ٻين تي مشتمل ھوندي آھي. ١٩ مئٔي ٢٠١٩ع جي “ايڪسپريس ٽريبيون” اخبار جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ھينئٔر ٢ لک ڊاڪٽر، 8.1 لک ڊينٽسٽ ۽ 14 لک نرسن جي کوٽ آھي. جنھن جو مکيه ڪارڻ انھن سان ٿيندڙ ناانصافيون آھن جنھن جي ڪري ھو ٻاھر وڃڻ يا مورڳو گھر ويھڻ کي ترجيح ڏيندا آھن ۽ جيڪي ھتي موجود آھن ۽ اڳيان پڙھڻ ۽ نوڪري ڪرڻ چاھين ٿا، انھن کي پگھار کان وٺي ھر ممڪن طريقي سان ٽارچر ڪري تڪليفون ڏنيون وينديون آھي. جنھن ڪري ڊاڪٽرن سان گڏوگڏ مريضن ۾ به بي چيني ۽ مايوسي وارو ماحول پيدا ٿئٔي ٿو.”ايڪسپريس ٽريبيون” جي ساڳي رپورٽ موجب 20 ڪروڙ کان به وڌيڪ آباديءَ واري پاڪستان ۾ فقط 222221ڊاڪٽر، 33395 ڊينٽسٽ ۽ 144600 نرسون رجسٽر ٿيل آھن۔ جنھن ۾ پنجاب ۾ ڪل78212 ڊاڪٽر ۽ 8665ڊينٽسٽ، اسلام آباد ۾ 64320 ڊاڪٽر ۽ 7670 ڊينٽسٽ، سنڌ ۾ ٢٢٩٢5 ڊاڪٽر ۽ 3195 ڊينٽسٽ، ڪي پي ڪي ۾ 5126 ڊاڪٽر ۽ 595 ڊينٽسٽ، جڏھن ته بلوچستان ۾ 4015ڊاڪٽر ۽ 401 ڊينٽسٽ موجود آھن۔
انهن شاگردن جا مسئٔلا به ڏينھون ڏينھن وڌندا پيا وڃن، جنھن ڪري کين صحيح ماحول ۾ جديد طبي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ گھڻين تڪليفن کي منھن ڏيڻو ٿو پوي. کين سرڪاري يونيورسٽين ۾ اسڪالرشپون ايتريون نه پيون ڏنيون وڃن جو اھي اھڙي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائٔي واري دور ۾ پنھنجي تعليم سولائيءَ سان جاري رکي سگهن۔ لائٔبريرين ۾ ڪتابن جي کوٽ کان وٺي کاڌي پيتي ۾ شاگردن کان رعايت بدران وڌيڪ پيسا ورتا ويندا آھن، جنھن ڪري کين تمام گھڻين تڪليفن کي منھن ڏيڻو ٿو پوي ۽ اھڙين سختين ۾ پڙھي لکي جڏھن اھي ڊاڪٽر ٿيندا آھن ته انھن جي سوچ به ان گھٽيل ماحول جئان دٻجي ويندي آھي، جنھن ڪري ھو پنھنجو ملڪ ڇڏي ٻاھر وڃڻ کي ترجيح ڏيندا آھن. سرڪاري بجٽ کان سواءِ ھر سال يونيورسٽيون ٽرانسپورٽ، امتحانن جي فين ۽ ٻين خرچن جي آڙ ۾ پيسا وٺنديون آهن، جنھن جي موٽ ۾ يونيورسٽي انتظاميه طرفان ڪو به ترقياتي اپاءُ نه ورتو ويندو آهي. يونيورسٽيءَ سان گڏوگڏ پري کان آيل شاگرد ھاسٽلن ۾ کاڌي پيتي کان وٺي ھاسٽل الاٽمينٽ ۽ ٽرانسپورٽ جھڙن ڪيترن ئي مسئٔلن جا شڪار ٿيندا رھن ٿا. انھن مسئلن کي نظر ۾ رکندي وائي ڊي اي پنھنجن مستقبل جي ڊاڪٽرن جو حقيقي آواز بڻجڻ لاءِ وائي ڊي اي اسٽوڊنٽ ونگ پڻ متعارف ڪرائي آهي، جيڪا وائٔي ڊي اي جي نگراني ھيٺ شاگرد ڊاڪٽرن جي حقن جي حاصلات لاءِ ڪم ڪندي.
اسين هڪ اھڙي سماج ۾ رھون ٿا جتي عورت کي سدائين جتيءَ جي نوڪ تي رکيو ويندو آهي، کيس سدائٔين هيسائٔي ڊيڄاري دٻايو ويندو آهي. تعليمي اداري کان وٺي نوڪريءَ جي ھنڌ تائين ھر جاءِ عورت حراسان ٿيندي پئٔي رھي آهي. اھڙي گھٽيل ماحول ۾ جيڪڏهن عورت ٻاھر نڪري پنھنجن پيرن تي بيھڻ ٿي چاھي ته کيس پنھنجي پروفيشنل زندگيءَ ۾ بردبار ٿي سدائين پھرين صف ۾ رھڻو پوندو ۽ وائٔي ڊي اي مردن سان گڏوگڏ پنھنجن ڀينرن کي به اڳيان اچڻ لاءِ همٿائيندي رھي آھي. وائٔي ڊي اي نه فقط ڊاڪٽرن پر مريضن جي حقن لاءِ پڻ ميدان عمل ۾ رھي آھي. مفت ڪئمپن کان وٺي عوامي ڀلائٔيءَ جي ھر ڪم ۾ پاڻ مڃرائيندي رهي آهي.
ھڪ صحتمند عورت ئي صحتمند سماج جو بنياد ھوندي آھي. عورتن کي پنھنجي صحت ۽ کاڌي پيتي ۾ وڌيڪ سنجيده ٿيڻ جي ضرورت آھي. خاص ڪري حمل دوران ڪنھن ضروري ھڪ ٻه وٽامن نه ھجڻ ڪري ٻار ڄمندي ئي نابين ٿيڻ کان وٺي دماغ جي موذي مرضن ۾ پڻ وٺجي سگهي ٿو، جيڪو اڳيان ھلي ھڪ ڪمزور نسل جو بنياد وجھندو۔
اسان جي سماج ۾ نشو پتو جھڙوڪر پان، گٽڪو ۽ سگريٽ عام جام آھن۔ انھن جي روڪٿام لاءِ به اپاءَ وٺڻ ضروري آهن. ان ڪري وائٔي ڊي اي ڊاڪٽرن سان گڏوگڏ پنهنجي قوم جي ماڻھن جي خيرخواھيءَ لاءِ به پاڻ پتوڙيندي رھي آھي. ڪالرا، ماتا، ٽي بي ۽ ڪورونا جھڙن بيمارين سان جنگ ۾ اڳين صفن ۾ رھي آھي ۽ پنھنجي سماج ۾ صحت جي تعليم عام ڪري ھڪ مضبوط ۽ صحتمند سماج اڏڻ لاءِ ڪوشش ڪندي رھي آھي، اهي عمل اسان جي قوم ۽ ملڪ جي ترقيءَ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button