ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آءِ ايم ايف جي ٽيڪ ڪيستائين؟

Editorial

پاڪستان جي معيشت هن وقت آءِ ايم ايف جي ٽيڪ تي بيٺل آهن. پي ٽي آءِ جي گذريل حڪومت به آءِ ايم ايف تي ڀاڙيندي رهي هئي. جنهن ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ قرض وٺڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو هو. ان ڪري ملڪ تي قرض وڌندو ويو ۽ ملڪي معيشت تباهه ٿيندي رهي، جنهن کي هاڻوڪي حڪومت به سنڀالي نه سگهي آهي. پر هي حڪومت به معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ رڳو آءِ ايم ايف تي ڀاڙي رهي آهي. ان ڪري نه ته ملڪي معيشت ۾ بهتري پئي اچي ۽ نه ئي ملڪ پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ تيار آهي. هڪ ڀيرو وري آءِ ايم ايف پاڪستان کي قرض ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان ڪجهه وقت لاءِ پاڪستان کي پئسو ملي ويندو.
پاڪستان ۽ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ اسٽاف ليول جي معاهدي تي اصولي اتفاق ٿي ويو آهي ۽ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) سان اسٽاف ليول جي معاهدي جو باضابطا اعلان جلد ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن کانپوءِ آءِ ايم ايف بورڊ کي منظوري لا پيش ڪيو ويندو. ان حوالي سان ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف بورڊ جي منظوري کانپوءِ پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان قرض جي ايندڙ قسط ملندي. پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان ايندڙ ٻه قسطون گڏ ملنديون. پاڪستان کي هڪ ارب سترهن ڪروڙ ڊالر قرض ڏيڻ جي راهه هموار ٿي وئي آهي. آءِ ايم ايف سان رٿيل پروگرام سان ورلڊ بينڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ سميت ٻين ڊونرز کي روڪيل فنانسنگ ملڻ شروع ٿي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي ته چونڊيل نمائندن جا اثاثا ظاهر ڪيا وڃن. ان کان سواءِ آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي ته گريڊ 17 کان 22 تائين جي سرڪاري ملازمن جا اثاثا ظاهر ڪيا وڃن. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي احتساب بابت آئيني ترميمن تي به خدشا آهن. ياد رهي ته هڪ هفتو اڳ پيٽروليم ۽ توانائي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو هو ته آءِ ايم ايف سان معاملا هڪ اڌ هفتي ۾ طئي ٿي ويندا.
اسين سمجهون ٿا ته آءِ ايم ايف کان قرض وٺي معيشت هلائڻ ڪنهن به گهر کي اوڌر تي هلائڻ برابر آهي. اهو قرض ملڪ کي وياڄ سوڌو واپس ڪرڻو پوندو، جنهن جو بار وري عوام تي وڌو ويندو آهي. کاڌي پيتي کان وٺي پيٽرول جا اگهه وڌائي عوام تي ڳرا ٽيڪس مڙهيا ويندا آهن، جنهن ڪري عوام جي معاشي حالت وڌيڪ خراب ٿيڻ لڳندي آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته معيشت کي آءِ ايم ايف جي ٽيڪ وسيلي نه هلايو وڃي پر ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪي ٻيا اپاءَ ورتا وڃن.

سنڌ ۾ آپگهات جا واقعا
سنڌ ۾ خودڪشين جو لاڙو وڏي وقت کان هلندڙ آهي، تقريبن هر ضلعي ۾ خودڪشي جا واقعا ٿيندا رهندا آهن. عورتن کان وٺي نوجوان توڙي مرد خودڪشيون ڪندا رهندا آهن. سماج ۾ جڏهن مسئلن جي شدت وڌي ويندي آهي يا وري ڊپريشن ۾ گهريل ماڻهو حالتن جو مقابلو نه ڪري سگهندا آهن ته خودڪشين جا واقعا وڌي ويندا آهن ۽ اهڙي ريت اهو سلسلو هلندو رهندو آهي. پر هيستائين حڪومتي سطح تي ان جو حل ڳولي خودڪشين کي روڪڻ لاءِ ڪي اپاءَ نه ورتا ويا آهن. ڪالهه به اهڙي ئي هڪ خبر رپورٽ ٿي آهي.
لاڙڪاڻي شهر جي مراد واهڻ محلا واسي 28 سالن جي ٻن ٻارن جي پورهيت پيءُ علي رضا سومرو غربت ۽ بيروزگاريءَ کان تنگ اچي رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي جنهن جو لاش نه ملڻ تي وارثن پرائيوٽ ٽوٻا گهرائي پنهنجي مدد پاڻ تحت لاش ڪڍرائڻ ۾ مصروف ٿي ويا، بروقت اطلاع ملڻ باوجود اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو 4 ڪلاڪ دير سان پهچي لاهوري ريگيوليٽر جا دروازا بند ڪرائي ڇڏيا، ان موقعي تي خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي والد امداد سومري ۽ ٻين وارثن احتجاج ڪندي لاهوري پل مٿان گذرندڙ روڊ تي ٽائر ساڙي روڊ بند ڪري ڇڏيو جنهن سبب ٻنهي پاسن جي ٽريفڪ پڻ بند ٿي وئي. جڏهن ته خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي والد امداد سومري ۽ ٻين وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته علي رضا سومرو غربت ۽ بيروزگاريءَ جي ڪري رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي آهي جنهن کي ٻن پٽن جو اولاد پڻ آهي. هنن الزام لڳايو ته بروقت پوليس ۽ ضلعي انتظاميه کي اطلاع ڪرڻ باوجود چار ڪلاڪ گذري ويا آهن پر ضلعي انتظاميه اسان سان تعاون نه پئي ڪري ۽ اسان کي ڪڏهن ڪمشنر آفيس ڪڏهن ڊپٽي ڪمشنر آفيس ته اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس ڏانهن ڊوڙايو پيو وڃي، پر هيل تائين ريگيوليٽر جا دروازا به بند نه ڪيا ويا آهن جنهن ڪري هن وقت تائين اسان جي نوجوان جو لاش به نه ملي سگهيو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ خودڪشين جو هڪ اهم سبب بيروزگاري آهي، بيروزگاري نوجوانن کي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪري رهي آهي. تنهنڪري سنڌ جي نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن ته جيئن اهي پنهنجو انت آڻڻ کان بچي سگهن ۽ سنڌ ۾ خودڪشين جو لاڙو ختم ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button