ڪجهه سال اڳ هڪ ميگزين ۾ ڪهاڻي ڇپجڻ لاءِ موڪليم. جڏهن ڪهاڻي ڇپجي آئي ته اها ڪهاڻي منهنجي لکيل ڪانه پئي لڳي. انچارج صاحب ايتري بي رحميءَ سان ان جي چيرڦاڙ ڪئي هئي جو آئون ان مواد ۾ پنهنجي ڪهاڻي ڳوليندو رهجي ويس. رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته “ڪهاڻيءَ ۾ ڪردارن جي ٻولي ڪجهه بهتر نه هئي، ٻوليءَ ۾ اخلاقيات نظر ڪانه پئي آئي، ان ڪري مون ٻولي صحيح ڪئي ۽ ڪجهه ڪهاڻي ڪٽڻي پئي.” مون کي خبر ڪانه هئي ته هن کي اها نوڪري سنڌي قوم کي اخلاقيات سيکارڻ لاءِ ڏني وئي هئي.
ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار جي ٻولي ڪهاڻيڪار جي ٻولي نه هوندي آهي، اها ڪردار جي ٻولي هوندي آهي. ان ڪري ان جا لفظ، ان جي ڳالهائڻ جو انداز ۽ اُچار سڀ ان ڪردار جا هوندا آهن. جيڪڏهن ڪردار ف کي ڦ ٿو چوي ته اهو ڪهاڻيءَ ۾ ٻوليءَ جي اوڻائي نه ليکبي، جيڪڏهن ڪردار ڳالهه ڳالهه تي گار ڏئي ٿو ته اها به ڪردار جي اوڻائي ناهي پر ڪردار جي ضرورت هوندي آهي، جنهن کي ڪهاڻيڪار پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ جاءِ ڏيندو آهي. پر جيئن ته اسان جي ادبي رسالن ۾ به اهڙا ماڻهو ويٺل آهن، جيڪي نه ته افساني جي نزاڪت کي سمجهي سگهن ٿا ۽ نه ئي انهن ۾ ايتري قابليت ۽ همت آهي جو اهي ڪهاڻين مان پيرائون غائب ڪرڻ بنا ڇاپي سگهن. پر سوال اهو آهي ته ڇا ادب به با ادب ٿيندو آهي. جنهن ۾ اخلاقيات جون سموريون گهرجون پوريون ڪيون وڃن ۽ ماڻهن کي ٻڌايو وڃي ته هڪ سٺي انسان جا گڻ ۽ اوڳڻ ڪهڙا هوندا آهن.
ڪهاڻيءَ جي ڪردارن کي ڏنل ٻوليءَ يا ڪهاڻيءَ جي موضوع جي حساب سان ڪتب آيل ٻوليءَ جو واسطو سماجي اخلاقيات سان نه هوندو آهي. اها ڳالهه اسان جي سٻاجهڙن سنڌي اديبن ۽ ليکڪن کي سمجهه ۾ ڪانه ايندي آهي. اهي گهڻو ڪري اها گهر ڪندا آهن ته ڪنهن به ڪهاڻيءَ ۾ ڪو غير اخلاقي لفظ نه هجي، جڏهن ته هر ماڻهوءَ ۽ سماج جي اخلاقيات جا معيار الڳ الڳ آهن، پر جنهن سماج ۾ لکين ماڻهو گار ڏيڻ کان سواءِ ڪا ڳالهه نه ڪندا هجن، ڪچهري، محفلن ۽ گهرن ۾ ان جو واهپو ڪندا هجن ته پوءِ افسانوي ادب ۾ ڪردارن کي اها ٻولي ڏني ٿي وڃي ته ان تي اعتراض اجايو آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڳاڙهي بازار ۾ دلالي ٿو ڪري ته ان جو لهجو، ان جي ٻولي، ان جي ڳالهائڻ جو انداز اهو ئي هوندو جيڪو اتي رائج هوندو، ان جي ٻوليءَ کي ڪو ايڊيٽر ٺاهيندو ۽ گهڙيندو ته اها عقل کان عاري ڳالهه هوندي، ڇاڪاڻ ته ڪردار کي ڏنل ٻوليءَ کي ڪو ايڊيٽر يا رسالي جو انچارج ان نيت سان تبديل ٿو ته اهو رسالو گهرن ۾ پڙهيو ويندو، ته اها ادبي بي ايماني آهي.
ان کان سواءِ جيڪي سمجهن ٿا ته افسانوي ادب وسيلي سماج کي سڌاري سگهجي ٿو، انهن کي اهو سمجهڻو پوندو ته افسانوي ادب ڪو فڪري ادب ناهي جو اهو سماج ۾ تبديليءَ لاءِ ڪو وڏو ڇال ڏئي يا وري سماجي اخلاقيات جا ڪي ماڻ ماپا طئي ڪري، اهو ان ڪري نٿو ٿي سگهي جو افسانوي ادب هڪ قصو بيان ڪندو آهي، اهو قصو ڪهاڻيڪار جي ذهن ۾ پلجندڙ ڪو خيال به ٿي سگهي ٿو، ڪو واقعو به ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن پراڻي قصي جي ري ٽيلنگ به ٿي سگهي ٿو. دنيا جي ڪابه ڪهاڻي (سواءِ ناصحاڻي ادب جي) سماج کي اخلاقيات سيکارڻ لاءِ نه لکي وئي آهي. اها رڳو ڪردارن، واقعن، وندر ۽ ماڻهن کي مزو ڏيڻ لاءِ لکي ويندي آهي ته جيئن ان مان اها خبر پئجي سگهي ته هڪ ڪهاڻيڪار ڪيئن قصو بيان ڪري پنهنجي فن کي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪري ٿو.
هاڻوڪي دور ۾ ته اسين نيٽ فلڪس جا هيراڪ ٿي ويا آهيون. نيٽ فلڪس جيڪي سيريز ٺاهي ٿو، جن ۾ ڪرائيم، مرڊر مسٽري کان وٺي سائيڪو پاٿ ۽ سائنس فڪشن جهڙا موضوع شامل آهن. انهن ۾ ڪردارن جي واتان جيڪا ٻولي استعمال ڪئي ٿي وڃي، اها عام استعمال ٿيندڙ ٻولي آهي. پر اسين انهن ۾ گاريون ڪونه ٿا ڳوليون، جيتوڻيڪ انهن مان ڪئين ڪردار ڳالهائڻ دوران گاريون ڏيندا رهندا آهن پر هڪ ڏسندڙ جو ڌيان فلم جي ڪهاڻي ۽ ڪهاڻي ڪيئن پڄاڻيءَ تي پهچندي، ان ڏانهن هوندو آهي. ڇو ته اهي شيون ڪردار جي گهرج هونديون آهن. تنهنڪري انهن جي واتان لفظ ۽ جملا اهڙا چورايا ويندا آهن. سنڌ ۾ سوين اديب آهن، جيڪي اڄ به اهڙن ڪتابن جي ڳولا ۾ آهن، جيڪي انهن موجب گهرن ۾ رکڻ جهڙا هجن. آئون اهو ڪونه سمجهي سگهيو آهيان ته گهرن ۾ رکڻ جهڙا ڪتاب ڪهڙا هوندا آهن؟
ادب کي باادب ڪرڻ جي چڪر ۾ اسين انهن تخليقڪارن جو پورهيو لوئي رهيا آهيون، جيڪي سنڌيءَ ۾ سٺو لکن ٿا يا وري جن جي لکڻين کي پڙهي ماڻهو کي مزو اچي ٿو. ادب لاءِ جيڪڏهن ڪنهن اهو طئي ڪري ورتو آهي ته اهو ماڻهن کي اهو سيکاريندو ته ڪپڙا ڪيئن پائجن ۽ وڏن جي اڳيان ڪيئن ڳالهائجي ۽ ڪهڙو لفظ ڪهاڻيءَ ۾ ڏجي ۽ ڪهڙُو نه ڏجي ته ان سان ادب جي آبياري ممڪن ناهي. ٿلهي ليکي سنڌي اديب اڄ به پنهنجي اندر ۾ هڪ پٺتي پيل سوچ جو مالڪ آهي. تنهنڪري هو هر معاملي ۾ اخلاقيات ڳولي ٿو ۽ هن جي غيرت جاڳي ٿي پوي.
ادب جي ٽيڪنيڪ يا ان جي گهاڙيٽي جي حوالي سان بحث ڪرڻ يا ڪنهن ڪهاڻيڪار پاران مشاهدي جي کوٽ يا فني حوالي سان ان جي رهمنائي ڪري سگهجي ٿي پر جيڪڏهن هن کي اهو چيو وڃي ته هو پنهنجي ٻولي اهڙي رکي جنهن سان ڪنهن جي دل آزاري نه ٿئي ته پوءِ هن کي ڪهاڻي لکڻ بدران ڪو مضمون لکڻ لاءِ چئجي ته بهتر ٿيندو. دنيا ۾ جيڪي ناول لکيا وڃن ٿا يا جيڪي ڪهاڻيون اسين پرڏيهه ادب جون پڙهون ٿا، انهن ۾ اگهاڙپ وارا ڪئين سين هوندا آهن پر جيڪڏهن اتان جا ايڊيٽر به اهو طئي ڪري وٺن ته اُهي اِهي ناول ۽ ڪهاڻيون پنهنجي گهرڀاتين سان نٿا پڙهي سگهن ته انهن جو ردعمل ڪهڙُو هوندو؟ هونئن به ادب جي اخلاقيات اها ئي هوندي آهي، جيڪا سماج جي اخلاقيات هوندي آهي ۽ هيستائين ائين ته ٿيو ناهي جو هيءَ دنيا فرشتن سان آباد ٿي هجي، انسانن جي آباد ڪيل دنيا ۾ ادب جي آرسيءَ ۾ اهو ئي نظر ايندو جيڪو سماجي روين مان پسبو آهي.