نيب (قومي احتساب بيورو) جو سربراهه انھيءَ جو پابند ھوندو آھي ته جيڪو به انصاف بدران ناانصافيءَ وارو ڪاروبار ڪري ته انھيءَ خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن واسطيدار ماڻھن کي انصاف پلئه پوي جنھن ۾ ملڪ جو گڏيل فائدو پڻ سمايل ھوندو آھي، جيڪڏھن نيب ھڪطرفي ڪارروائي ڪندي آھي ته اھو وڏو ظلم ھوندو آھي. ملڪ جي مکيه فائدي خاطر، اسان کي نيب جو ڳُوڙھو جائزو وٺڻو پوندو ته ڇا نيب جي اڳوڻي سربراهه جيڪو تازو ريٽائرڊ ٿيل آھي، تنھن قانون مطابق بي ريا ڪارروائي ڪئي ھئي يا وري ان وقت جي وفاقي حڪمران کي خوش ڪرڻ لاءِ ھڪ طرفو فائدو حاصل ڪري، ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي ھئي. انھيءَ سلسلي ۾ بي ريا بڻجي جائزو وٺڻ گهرجي.
تازو نيب جي اڳوڻي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال بابت ھراس ڪرڻ جو الزام محترمه طيبه گل به لڳايو آھي. اسلام آباد کان ميڊيا جي خبر آھي ته طيبه گل چواڻي: سولائيءَ سان الزام ھڻندڙ اڳوڻي نيب چيئرمين 45 ڏينهن مون کي ۽ منهنجي مڙس کي پرائم منسٽر هائوس ۾ مرضي خلاف قيد ۾ رکيو ھو ۽ موبائيلن تي به قبضو ڪيو ويو هو. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي طيبه گل جو وڌيڪ چوڻ آھي ته مون پنھنجن الزامن جا سمورا ثبوت پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي حوالي ڪري ڇڏيا آهن، جيڪڏهن وڌيڪ ثبوت گهريا ويا ته اهي به ڏيندس. سندس اھم بيان آھي ته نيب وارن ڪپڙن کان آجو ڪيو ھو، نيب جي اڳوڻي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال حياتي تباهه ڪرڻ جو به دڙڪو ڏنو ھو. مرد اھلڪارن جيڪو ڪيو سو ٻڌائي ڪانه ٿي سگهان، نيب چيئرمين مون کي ھر ھر فون ڪال ڪرڻ تي جهليو ۽ ڪاوڙجي نيب چيئرمين مون ۽ منھنجي مڙس کي گرفتار ڪرايو ۽ لاھور جو، ڊي جي سليم شھزاد، جسٽس (ر) جاويد اقبال جو مددگار ھو.
ھاڻي اچو ته نيب جي اڳوڻي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي ڪارڪردگيءَ جو به جائزو وٺون ته کيس مسلم ليگ (ن) جي دعوى موجب آصف علي زرداري سربراهه پاڪستان پيپلز پارٽيءَ مقرر ڪيو ھو. شروع ۾ ھن عمران سرڪار ۽ مخالف ڌر ٻنھي جي زيادتين خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان ڪيو پر اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کيس ھٽائڻ جو دڙڪو ڏنو ته جسٽس (ر)جاويد اقبال کليو کلايو بولاٽي کاڌي. ان کان اڳ، سندس اھم بيان ميڊيا ۾ مون پاڻ پڙھيو ھو. سندس چوڻ ھو ته ھو حڪمران (عمران خان) جي سرڪار خلاف ڪارروائي ڪندو ته اھي اٽڪل ھفتو به رھي ڪونه سگهندا. پوءِ، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ھن خلاف ڪارروائي جو دڙڪو ڏنو ته ھن کليو کلايو بولاٽي کائي ۽ ان وقت جي مخالف سياسي اڳواڻن خلاف کوڙ ڪارروائي ڪئي. ھن ڏاڍا عجيب ۽ کل جوڳا بيان ڏنا. سندس چواڻي: ھو گهڻو ڪري مخالف ڌر خلاف ڪارروائي ڪندو جڏھن انھن خلاف گهڻي ڪارروائي مڪمل ٿي ويندي ته پوءِ سرڪاري ڌر (عمران سرڪار) خلاف به ڪارروائي ڪندو. اھو سندس کليو کلايو ناٽڪ ھو. مون ته پنھنجي آرٽيڪل ۾ کيس رٿ ڏني ھئي ته سڀ کان اڳ، ھو بنا فرق جي ٻنھي ڌرين ۾ شامل ڏوھارين خلاف ايمانداريءَ سان ڪارروايون ڪري. بھرحال، جيڪڏھن کيس ھڪطرفي ڪارروائي ڪرڻي آھي ته پوءِ وفاقي سرڪار خلاف ڪارروائي ڪري ڇاڪاڻ ته وفاقي سرڪار جيڪا اقتدار ۾ ھوندي آھي تنھن بابت اھو عام تاثر ھوندو آھي ته اھي سرڪاري ادارن ذريعي اعتراض جوڳيون گهڻيون ڪارروايون ڪندا رھندا آھن ڇاڪاڻ ته وفاقي سرڪار وارا پنھنجن مکيه اختيارن باوجود، وڏي پيماني تي سندن خلاف ڪارروايون ڪونه ڪندا پر جسٽس (ر) جاويد اقبال ظاھري طور مفاد پرست ٿي ويو تنھن رڳو مخالف ڌر خلاف ڪارروايون ڪيون پر عمران خان جي ڪرپٽ سرڪاري آفيسر کيس “فرشتا” ڏسڻ ۾ آيا ڇاڪاڻ ته ھنن نيب سربراهه کي ھٽائڻ جو کليو کلايو اعلان ڪيو ھو، سو پنھنجي نوڪري بچائڻ لاءِ رڳو مخالف ڌر خلاف ڪات ڪھاڙا کڻي بيٺو ھو. مطلب اھو آھي ته نيب سربراهه ڏيکا لاءِ ھڪ اڌ ڪو سرڪار جو حاميءَ خلاف ڪارروائيءَ ڪئي ھجي پر مجموعي طور مخالف ڌر خلاف زوردار ڪارروائي، اقتدار ۾ رھڻ تائين ڪندو رھيو.
اھا به ڳالهھ نوٽ ڪرڻ جي آھي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ مختلف ھاءِ ڪورٽن، جسٽس (ر) جاويد اقبال نيب سربراهه طور خلاف کوڙ بيان ميڊيا موجب ڏنا ھئا پر ظاھري طور نيب جو اڳوڻو سربراهه عمران خان دور ۾ پنهنجو ڪردار بهتر نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته عمران سندس حامي ٿي ويو ھو.
بي ريا بڻجي ڏسجي ته اھو وڏو ظلم ھو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سربراھ آصف علي زرداري جنھن نون ليگ کي نيب جو سربراهه (جسٽس (ر) جاويد اقبال ) مقرر ڪرڻ جي رٿ ڏني تنھن کي نيب جي اڳوڻي سربراهه ڇھه مھينا جيل ۾ وجهي ڇڏيو ھو پر ظاھري طور زرداريءَ خلاف ڏوهه ثابت ڪونه ٿي سگهيو. الٽو ھن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ويجهن سرڪاري ساٿين خلاف ڪا خاص ڪارروائي ڪانه ڪئي.
بھرحال، بگڙيل صورتحال جو نبيرو اھو آھي ته اھم اداري نيب جي اڳواڻي سربراهه جسٽس (ر) جاويد اقبال خلاف باقاعدي ترت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ان بابت انصاف جون گهربل ضرورتون پوريون ڪيون وڃن. انھيءَ سلسلي ۾ ڪنھن به اڳوڻي جسٽس کي، وفاقي سرڪار ڀلي انڪوائريءَ جو سربراهه مقرر ڪري ۽ باقاعدي سندس خلاف انصاف موجب زوردار ڪارروائي ڪئي وڃي. جيڪڏھن مٿس ڏوهه ثابت ٿئي ته پوءِ ڀلي سندس خلاف زوردار ڪارروائي ڪري کيس جيل ۾ وڌو وڃي ۽ کيس رعايت بلڪل ڪانه ڏني وڃي. آصف علي زرداري پنھنجن مخالفن کان عام طور جائز انتقام ڪونه وٺندو آھي. زرداريءَ کي نيب سربراهه ڇهھ مھينا جيل ۾ وڌو ھو سو نواز ليگ جي وزيراعظم شھباز شريف کي عرض آھي ته نيب جي اڳوڻي سربراهه جسٽس (ر) جاويد اقبال خلاف ترت سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ انھيءَ ڳالهھ جي به خاطري ڪرڻ گهرجي ته جيڪڏھن عدالت مٿس ڏوهه ثابت ڪري کيس سزا ڏئي ته ان ۾ رعايت بلڪل ڪانه ڪئي وڃي. رعايت ڏيڻ جو اھو نتيجو نڪرندو ته اڳتي ھلي نيب جا ٻيا سربراهه به اھڙيون يا ان کان وڌيڪ پنھنجن ذاتي فائدن واريون ڪارروايون ڪندا رھندا جنھن ۾ اڳتي ھلي ملڪ جو مجموعي طور نقصان ھوندو ۽ واسطيدار ماڻھن کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي رھندي. بھرحال، انصاف جون سڀ ضرورتون پوريون ڪيون وڃن ۽ جسٽس (ر) جاويد اقبال کي ترت گرفتار ڪري سندس خلاف انصاف موجب سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. مطلب اھو آھي ته جيڪڏھن عدالت بي ريا بڻجي کيس گھٽ سزا ڏئي يا نه ڏئي ته اھو فيصلو قبول ھوندو پر مون کي پڪ آھي ته سندس زيادتين کي ڏسي، کيس سخت سزا ملي سگهي ٿي. اسين انصاف جي اھميت کي ڏسي اھو مطالبو ڪريون ٿا، ان جي جاءِ تي جيڪڏھن ڪو ٻي پارٽيءَ جو حامي نيب جي سربراهه وغيره خلاف زيادتيون ۽ ظلم ڪري ته اسان ان جي حق ۾ به ڪاررواين جو مطالبو ڪريون ٿا ته جيئن انصاف جي خاطري ٿئي.
نيب جي اداري کي ختم ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته ان کي، ان جي اڳواڻي سربراهه بدنام ڪري ڇڏيو آھي سو بھتر آھي ته اھو سسٽم ختم ڪيو وڃي. جڏھن گذريل دور ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) اقتدار ۾ ھئي تڏھن پيپلز پارٽيءَ انھيءَ اداري کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ھو پر نواز ليگ جيڪا اقتدار ۾ به ھئي، تنھن جي اڳوڻي وزيراعظم شاھد خاقان عباسي نيب اداري جي خاتمي جي مخالفت ڪئي ھئي. تنھنڪري نيب ختم ٿي ڪونه سگهيو. جڏھن عمران اقتدار ۾ آيو ھو ته ان نيب کي سڌي يا اڻ سڌي ريت، سڀ کان وڌيڪ نواز ليگ خلاف ڪتب آندو ھو ۽ ٻئي نمبر تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ خلاف ڪارروائي ڪئي ھئي. عمران خان جو پھريون انتقام نواز ليگ جي سربراهه خلاف ڪارروائي ڪرڻي ھئي ۽ پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ خلاف. بھرحال، اھا سچائي آھي ته عمران خان سرڪار نيب جو ناجائز فائدو وٺي، مخالف ڌر جي اڳواڻن خلاف جائز بدران عام طور انتقامي ڪارروايون ڪيون ويون ھيون جيڪو وڏو ظلم ھو.
بھرحال، اسان جو عرض آھي ته نيب کي ناجائز استعمال ڪندڙ اڳوڻي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال خلاف قانون موجب سخت قانوني ۽ ترت ڪارروائي ڪئي وڃي، نيب کي ختم ڪري ڪو نئون ادارو ڀلي ٺاھيو وڃي ته جيئن انصاف جي سچ پچ خاطري ٿي سگهي. ٻي حالت ۾ اھو گندو سسٽم وڌندو رھندو جيڪو اڳتي ھلي ملڪ لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو.