ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوام، عذاب ۽ عياري

Editorial-Article- Ajaz Mangi

منفي ۽ منحوس سياست جو اهم ترين هٿيار مڪاري هوندي آهي. اها سياست مڪاريءَ مان ڪم ڪڍندي آهي. مڪار سياست عوام جي اکين ۾ مٽي وجهڻ لاءِ اداڪاري ڪندي آهي. مڪار سياست عوام کي مارڻ ۽ سندس رت جو آخري قطرو نپوڙڻ لاءِ اهي ڪرتب ڪندي آهي، جن سان پنهنجو مقصد ماڻي سگهي. هونءَ ته پاڪستان جي پوري تاريخ اهڙن مڪرن ۽ اهڙن ناٽڪن سان ڀرپور آهي پر هن تازو آيل بلڪه ڪنڊو لڳائي اقتدار ماڻيل جگادري حڪمرانن به اهو ڌنڌو شروع ڪيو آهي، جنهن جو انهن کي سالن جو تجربو آهي. انهن اچڻ شرط ڪجهه ڪرڻ جو عزم ڏيکارڻ جي سلسلي ۾ وفاقي ملازمن جي ڇنڇر واري موڪل بند ڪئي ۽ جڏهن بيروڪريسيءَ جي انهن مٿان دٻ پئي، تڏهن انهن شرم لڪائي، چپ چپات سان اها ڇنڇر واري موڪل بحال ڪري ڇڏي. ان عمل جي نه اڳ بهتري ٻڌائي وئي ۽ نه ان عمل جي خاتمي جي بعد ۾ وضاحت پيش ڪئي وئي. پر اهو ڪجهه اصل عمل نه هو. هن حڪومت جي اصل آزمائش هئي عوام جي مٿان مهانگائيءَ جو بار وڌائڻ ۽ آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻ!
آءِ ايم ايف هڪ استاد ادارو آهي. هر وياج خور قوت وانگر هي ادارو به پاڪستان ٽائپ مسڪين ملڪن جون ڪمزوريون سمجهي ويٺو آهي. ان ڪري اٿڻ شرط آءِ ايم ايف اهو شرط پيش ڪيو ته پاڪستان پنهنجا غير ترقياتي خرچ گهٽائي. ظاهر آهي ته آءِ ايم ايف جو اهو مطالبو اسٽيبلشمينٽ لاءِ مڃڻ ممڪن نه هو. جڏهن اها شرط تسليم نه ڪيو ويو ته پوءِ ٻيا آپشن تلاش ڪرڻ جي بهاني ان پهريان کان طئه ٿيل مهانگائيءَ جو بار عوام جي مٿان وجهڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ شهباز شريف پنهنجي منهن جي پڪائيءَ سان ”مجبوري هي“ وارو راڳ ڳائي، عوام جي مٿان اهو پيٽرول بم ڪيرايو، جيڪو مهانگائيءَ جي ماءُ سمجهيو ويندو آهي. دراصل هن صنعتي ۽ جديد دور ۾ تيل جو واهپو ايترو ٿي ويو آهي جو هر عمل ۾ تيل جو ڪو نه ڪو ڪردار آهي. ان ڪري تيل جون قيمتون وڌائڻ جو مطلب آهي، هر شيءَ جي قيمت کي وڌائڻ!
تيل جي قيمت وڌائڻ سبب ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو طوفان آيو. ماڻهو ٻيئي هٿ کڻي حڪومت کي پٽڻ لڳا. جڏهن ته مٿان عمران خان پنهنجي حڪومت ختم ٿيڻ جي خار ۾ عوامي جذبات جي انهن شعلن کي ڀڙڪائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو رهيو. ان جي نتيجي ۾ ملڪ اندر اهڙي ڪيفيت پيدا ٿيڻ لڳي، جنهن جو خوف ملڪ جي اصل واڳ ڌڻين کي به وڪوڙي ويو ۽ ان سلسلي ۾ سريلنڪا جو معاملو ڊپ کي دهشت ۾ تبديل ڪرڻ جو سبب بڻيو. جڏهن سريلنڪا ۾ عوام صدر جي محل ۽ وزير اعظم جي آفيس ۾ گهڙي پنهنجي طرز جو عجيب انقلاب برپا ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڪولمبو جو هر طرف باهه جو منظر پيش ڪرڻ لڳو، تڏهن خوف جون لهرون هتي به پهتيون ۽ ان کان اڳ جو هتان جو عوام به رستن تي نڪري اچي، ان کي ٿورو ٿڦڻ لاءِ ۽ ان جي غصي کي گهٽائڻ جي سلسلي ۾ اها اٽڪل عمل ۾ آندي وئي جو پهريان تيل جون قيمتون چوٽ چاڙهي ۽ پوءِ ٿورو هيٺ لاهي ماڻهن جي مٿان تاريخي احسان ڪرڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏنو وڃي. هن مهل اهو ئي ڪجهه ٿي رهيو آهي ۽ اهو ڪجهه ايتري ته اهتمام سان ٿي رهيو آهي جو اسان ڏسڻ وارن کي به شرم اچي رهيو آهي ته هي سڀ ڪجهه اهڙو ٻاراڻو کيل آهي، جو هر ڪنهن کي سمجهه ۾ اچي پيو ته هي ڪهڙو سياسي ناٽڪ کيڏيو پيو وڃي.
حيرت آهي ته هن عيار حڪومت کي اهڙي ميسڻي مڪاري ڪندي اهو خوف به نه ٿو ٿئي ته ڪڏهن ڪڏهن عوام کي ان پوائنٽ تي به تمام گهڻو غصو اچي ويندو آهي ته حڪمران کيس احمق سمجهن ٿا. ماڻهو تمام گهڻو هوشيار آهن. انهن کي تمام گهٽ پئسن سان پنهنجي خاندان جو گهڻ طرفو بار کڻڻو هوندو آهي ۽ اهو ڪجهه سمجهه کان سواءِ ممڪن ئي ناهي. ماڻهن کي معلوم آهي ته هيءَ حڪومت عوامي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهڙي ريت عياري ڪري رهي آهي؟ ڇا اهو هڪ سياسي داءُ ناهي ته تيل جي قيمتن کي سراسري طور تي سئو روپيا وڌائي ۽ پوءِ ٽيهه روپيا کن گهٽائجن ۽ پنهنجي اهڙي عمل کي عوام جي مٿان وڏو احسان قرار ڏجي ۽ عوام تي اصرار ڪجي ته هو حڪومت جي اهڙي سخاوت تي اٿي بيهي تاڙيون وڄائي ۽ سندس شڪريو ادا ڪري. جڏهن حڪومت کي معلوم هو ته عوام مهانگائيءَ جو ايترو بار برداشت ڪري نه سگهندو ته ان مٿان ايترو بار وڌو ئي ڇو ويو؟
هن حڪومت جو اهو عمل اهڙو آهي، جيئن ڌاڙيل جهنگ ۾ ڪنهن بس يا ڪوچ کي روڪين ۽ آرام ڦر ڪري مسافرن وٽ ڪجهه نه ڇڏين. جڏهن مايوس مسافر ماتم ڪندا اڳين منزل تي روانا ٿيڻ جي لاءِ روانا ٿين ۽ اسٽارٽ ٿيل گاڏي ڪجهه اڳتي وڌي ته ان گاڏيءَ کي بيهاري مسافرن جي سامهون هڪ عدد تقرير فرمائي وڃي ۽ انهن کي چيو وڃي ته اسان به اهو ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور آهيون. ڇو ته ڌاڙا نه هڻون ته آخر ڇا کائون؟ اسان کي به پيٽ آهي ۽ اسان جون به ضرورتون آهن. پر ان جو مطلب اهو ناهي ته اسان کي اوهان جو احساس ناهي. اسان کي معلوم آهي ته هن وقت اوهان وٽ ڪجهه به نه بچيو آهي. ان ڪري اوهان گهرن تائين پهچڻ تائين بک اڃ تي هوندا. ان ڪري ڌاڙيلن جي سردار اهو فيصلو ڪيو آهي ته اوهان کي لٽيل رقم مان ڪجهه ڏنو وڃي ته جيئن اوهان رستي ۾ ڪجهه کائي سگهو ۽ گهر تائين پهچي وڃو. ظاهر آهي ته اهڙي اعلان تي مسافرن ۾ سرهائي اچڻ هڪ فطري عمل هوندي پر ڇا انصاف اهو آهي ته مسافر اهڙي اعلان تي خوش ٿيڻ کپن؟
اهو انصاف ناهي. اهو ڪنهن به طرح سان نياءُ ناهي ته عوام کي بنا ڏوهه ۽ گناهه جي هر ڏينهن سئو چماٽون هنيون وڃن ۽ اهو سلسلو ٻن ٽن مهينن تائين جاري رکي، پوءِ جيل ۾ اچي اهو اعلان ڪيو وڃي ته بادشاهه سلامت قيدين جي مٿان قرب ڪندي اهو فيصلو ڪيو آهي ته اهي چماٽون جيڪي اوهان کي هر ڏينهن سئو لڳنديون رهيون آهن، هاڻي سڀاڻي کان وٺي انهن جو تعداد ستر ڪيو پيو وڃي. بادشاهه سلامت اوهان کي ٽيهه چماٽون معاف فرمايون ڪيون آهن ۽ اميد ڪئي آهي ته بادشاهه سلامت جي اهڙي فراخ دلي ۽ اهڙي عوام دوستيءَ جي اعلان تي اوهان بادشاهه سلامت ۽ سندس آل اولاد جي لاءِ دعائون گهرندا. پيٽروليم جو قيمتون آسمان تي چاڙهي ۽ پوءِ هلڪيون هيٺ لاهي، عوام کي پنهنجو احسان مند بڻائڻ وارو عمل ايئن ئي آهي. باقي جيڪو عالمي مارڪيٽ جو بار بار حوالو ڏنو وڃي ٿو ته ان سلسلي ۾ حڪمرانن کي سمجهڻ گهرجي ته عوام کي معلوم آهي ته پوري دنيا جا ملڪ پاڻ وٽ ايتري گنجائش رکندا آهن جو عالمي قيمتن جي جهاڪن ۽ جهٽڪن کي عوام تائين پهچڻ نه ڏنو وڃي. هن معلوماتي دور ۾ هر ڪنهن کي علم آهي ته ڪهڙي ريت ڪن کي پويان پڪڙيو وڃي ٿو. ڇا عوام نه ٿو ڄاڻي؟ ڇا ماڻهن کي معلوم ناهي ته اهي حڪومت جون پاليسيون آهن، جن سبب پاڪستان ڏکيا ڏينهن ڏسي رهيو آهي. جيڪڏهن اهو ڪجهه نه هجي ها ته پاڪستان کي اها پيڙا سهڻي ئي نه پوي ها. اهو حڪومت جو فيصلو آهي، جنهن سبب تيل مهانگو آهي. جيڪڏهن حڪومت پنهنجي پاليسيءَ ۾ تبديلي آڻي ته عوام جي زندگين تي ان جا مثبت اثر پئجي سگهن ٿا.
عمران خان وٽ ته هن مهل تائين پنهنجي روسي دوري جو دکڙو آهي، جيڪو هو بار بار ۽ هر تقرير ۾ ورجائي رهيو آهي. جڏهن ته ان کان سواءِ به تمام گهڻا عمل ٿي سگهن ٿا، جن سان عوام کي فرحت پهچائي سگهجي. ان سلسلي ۾ ڇا ايران جو مثال اجايو هوندو؟ ايران جي سرزمين تيل ۽ گيس جي سلسلي ۾ تمام گهڻي آسودي آهي. ايران پاڪستان کي سدائين سستو تيل ۽ سستي گيس ڏيڻ چاهي آهي. ان سلسلي ۾ اهم ترين ڳالهه اها به آهي ته ايران پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ آهي. جيڪڏهن پاڪستان ايران کان تيل خريد ڪري ته اهو پاڪستان کي نه فقط سستو پر تمام آسان به پوندو. ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جيڪڏهن پيٽروليم جو معاهدو ٿي ويو ته پاڪستان کي ڪنهن به پل لاءِ تيل ۽ گيس جي گهٽتائيءَ جو ڪو فڪر نه رهندو. ڇو ته ايران مان تيل ۽ گيس ته پائپ لائن جي ذريعي پهچي سگهي ٿي ۽ تيل جي امپورٽ جو خرچ ۽ تڪليف به ختم ٿي سگهن ٿا. پر پاڪستان کي اهو ڪجهه ڪرڻ نه ٿو ڏنو وڃي. ڇو؟ ڇو ته ان عمل ان آمريڪا ۽ سعودي عرب ناراض ٿيندا. جڏهن حڪمرانن کي پنهنجي عوام کان وڌيڪ ڌاريا ملڪ پيارا هجن ته پوءِ عوام جو حشر اهڙوئي ٿيندو آهي، جيڪو اسان جي ملڪ ۾ ٿي رهيو آهي. اسان جي ملڪ ۾ عوام ان ديناداستي ڏاڍائي ڪئي پئي وڃي ۽ عوام سان ناانصافيءَ جي هڪ بازار گرم ڪئي وئي آهي ۽ عوام جو ڪو به خيال نه ٿو رکيو وڃي. عوام کي ذهني طور تي مصروف رکڻ جي لاءِ هن سان صرف رانديون کيڏيون پيون وڃن. عوام سان انصاف ڪرڻ بدران ان سان عياريون ڪيون پيون وڃن. عوام کي خوش ۽ خوشحال ڪرڻ واريون پاليسيون عمل ۾ آڻڻ بدران اهڙا هٿ ناٽ ڪيا وڃن ٿا، جن سان عوام جي اندر ۾ پهريان کان وڌيل تلخي پيدا ٿي رهي آهي. عوام کي ائين اياڻو بڻائي هن جي جذبن ۽ احساسن سان کيڏڻ واري عمل کي جڏهن حڪومت ڪرڻ جو فن سمجهيو وڃي ته اهو عمل عوام جي تاريخي توهين هوندو آهي ۽ ان عمل جا نتيجا ڪڏهن به بهتر نڪري نه ٿا سگهن. هن وقت پاڪستان جي عوام سان جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اهو جمهوري رويو نه پر جمهوريت جي نالي ۾ اهو هڪ تمام وڏو فراڊ آهي ۽ اهو فراڊ عيار حڪمرانن کي گهڻي وقت تائين ڦٻي نه سگهندو. ڇو ته ٿورن ماڻهن کي ٿوري وقت تائين بيوقوف بڻائي سگهجي ٿو پر گهڻن ماڻهن کي گهڻي وقت تائين بيوقوف بڻائڻ ممڪن ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button