بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت پنهنجي ايندڙ فلم ايمرجنسي ۾ اندرا گانڌي جو روپ اختيار ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق ڪنگنا رناوت نئين فلم جو ٽيزر رليز ڪري مداحن کي حيران ڪيو، جنهن ۾ سندس لڪ هوبهو اندرا گانڌي جيان آهي. ٽيزر ۾ اندرا گانڌي کي آفيس جا ماڻهو ميڊم بدران سر چوندي بھ ڏيکاريا ويا آهن. جڏهن تھ اندرا گانڌي جي ڀارتي وزيراعظم واري دور ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير هينري ڪسنجر جي اندرا گانڌي کي فون دوران صدر نڪسن بابت ڳالهايو ويو، جنهن ۾ هو کيس چئي ٿو تھ ڇا رچرڊ نڪسن کيس ميڊم چئي سگهي ٿو، جنهن تي اندرا جي چوي ٿي تھ ها، بعد ۾ اها پنهنجي سيڪريٽري کي هڪ جملو چئي ٿي تھ آمڪري صدر کي ٻڌايو، آفيس ۾ مون کي سر چيو وڃي ٿو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close