
پاڪستاني اداڪارا ثنا عسڪري انڪشاف ڪيو آهي تھ هڪ خوفناڪ ڊرامي جي شوٽنگ دوران اسان خوفناڪ منظر ڏٺا آهن، جنهن دوران عجيب حرڪتون ٿيندي محسوس ٿينديون هيون. ميڊيا مطابق ٽي وي شو ۾ ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ سيٽ تي شيون پاڻ ئي ڪرنديون هيون ۽ گهر جي گهنٽي اوچتو وڄندي هئي، در تي وڃڻ سان اتي ڪير بھ نھ هوندو هو. هن چيو تھ اسان کي اوچتو خوفناڪ شڪليون بھ نظر اينديون هيون، جهن سبب طبيعت بھ خراب ٿي وئي هئي.