بلال ڪاڪا جي قتل ۽ سندس دوستن جي زخمي ٿيڻ کان پوءِ سنڌي عوام جي سلاطين هوٽل مالڪ جي جارحيت ۽ دهشتگردي خلاف احتجاج کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ سهراب ڳوٺ وٽ سنڌين جي احتجاج جو جواب ڏيندي جيڪو طاقت ۽ غنڊاگردي يا دهشتگردي جو مظاهرو ڪيو ويو آهي اهڙو مثال سنڌ جي تاريخ ۾ ٻيو ته نٿو ملي پر جڏهن ڪراچيءَ ۾ هي ڀائي لوڪ بندوق جي طاقت سان پنهنجي لسانياتي سياست جو مظاهرو ڪندا هئا تڏهن بلڪل ائين ئي ڪيو ويندو هو جو ڪنهن به واقعي کي بنياد بڻائي “ري ايڪشن” جو مظاهرو اهڙو هوندو هو جو انهيءَ کي رڳو هتان جا ماڻهو نه پر پوري دنيا جي ميڊيا دهشتگردي سڏيندي هئي. بلال ڪاڪا جي هوٽل تي سندس دوستن سان گڏ تو تو مان مان هوٽل جي ويٽر سان ٿيڻ کان پوءِ بلال ڪاڪا اها شڪايت هوٽل مالڪ سان ڪئي جنهن کين جارحانه جواب ڏيندي هوٽل مان نڪري وڃڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ معاملو جهيڙي ۾ بدلجي ويو.
اخبارن جي آيل رپورٽن مطابق ان هوٽل تي پوليس جون ٻه موبائل گاڏيون فورس سان گڏ بيٺيل هيون جيڪي پوري واقعي کي تماشي جيان ڏسندا رهيا. لوهي سرين سان تشدد ٿيڻ ڪري بلال ڪاڪا قتل ٿي ويو ۽ سندس ٻه دوست زخمي ٿيا وڌيڪ تفصيل ۾ وڃڻ جي بجاءِ صرف ايترو ورجائڻ ضروري ٿئي ٿو ته بلال جي وارثن قوم پرستن ۽ سماجي اڳواڻن گڏجي احتجاج ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو، تنهن کان پوءِ ايس ايس پي حيدرآباد پاران ڪيس داخل ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ تي ڌرڻو ختم ٿيو. هوٽل جو مالڪ گرفتار ٿيو پوري سنڌ ۾ جيڪو احتجاج ٿيو يا ڪجھه پٺاڻن جا ڪاروبار ۽ هوٽل بند ڪرايا ويا پر پوري سنڌ ۾ اهڙو ڪو به واقعو نه ٿيو، جيڪو انتهائي تشدد وارو ٿيو هجي. نه ڪنهن گاڏي کي باھه ڏني وئي ۽ نه فائرنگ ڪري حراس پيدا ڪيو ويو، ان پرامن ۽ احتجاج جي جواب ۾ سهراب ڳوٺ جي اندر جيڪو ٿيو اهو شرمناڪ ۽ دهشتگردي جي زمري ۾ اچي ٿو. ڇو ته گاڏين مان ماڻهن کي لاهي انهن تي تشدد ڪيو ويو، ڪيترن ماڻهن مسجدن ۾ وڃي پناهھ ورتي تعليمي ادارن تائين اها دهشتگردي ڪئي وئي پر اهو عمل انتها حد تائين سنڌ ۾ رهندڙ ۽ ڪاروبار ڪندڙ پٺاڻن جي لاءِ انتهائي هاڃيڪار آهي، خاص ڪري انهن پٺاڻن جي لاءِ جيڪي افغاني ناهن.
بلال ڪاڪا جو واقعو هوٽل جو ڪو بدڪلامي رويو وارو نٿو چئي سگھجي پر اهو هوٽل مالڪ ۽ اسٽاف جي تڪبرانا جارحانه ۽ بدمعاشي جو بدترين مثال آهي جيئن ته بلال سان گڏ ٻه ماڻهو هئا ۽ هن ويٽر جي شڪايت مالڪ سان ڪئي، معاملو جيڪڏهن ٿورو گھڻو حد کان وڌيو ٿي ته هوٽل مالڪ پوليس کي اشارو ڪري کين ٻڌرائي به سگھي پيو يا هو پنهنجي اسٽاف جي طاقت سان ٻنهي ڄڻن کي بند ڪري سگھي پيو پر هن جارحانه طاقت جو مظاهرو ڪندي کين شديد تشدد جو سبق سيکارڻ چاهيو.
بلال ڪاڪا جي قتل کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال کي نظر ۾ رکندي پوليس کاتي بلال جو ڪرمنل ريڪارڊ ۽ متضاد ڪيسن جون ايف آئي آرون ظاهر ڪيون آهن، بلال جيڪڏهن ڏوهاري هجي ها ۽ غنڊاگردي ڪري ها ته ان وٽ ڪي هٿيار به هجن ها پر واقعي واري هنڌ بلال جو لاش سندس زخمي ساٿين کان سواءِ ڪو به هٿيار ناهي مليو. پاڻ پوليس جي ان ڪردار تي نٿا ڳالهيون جيئن هو تشدد جو تماشو ڏسندا رهيا ڇو ته اسان کي اها ٺيڪ طرح سان خبر آهي ته اهي پوليس وارا هوٽلن تان مفت جون مانيون کائي ۽ چانهيون پي انهن جي خوشامد ۽ ڪمداري ڪندا آهن، شايد هوٽل جي مالڪ پوليس وارن کي اهوئي اشارو ڪيو هجي ته توهان چپ ڪري بيهو ته اسان انهن کي سبق سيکاريون.
سنڌ ۾ تسلسل سان اهي واقعا ٿي رهيا آهن جن ۾ هيڪڙ ٻيڪڙ هاءِ پروفائل ڪيس ٿا ٿين جيئن ارشاد رانجھاڻي ڪيس، جنهن ۾ قاتل پٺاڻ تشدد ۽ دهشتگردي جو هڪ نئون ريڪارڊ قائم ڪيو. انهيءَ کان پوءِ شمن ميراليءَ جي ڀاڻيجي جو قتل ۽ ٻيا ڪيئي واقعا ۽ جارحانا رويا آهن جيڪي ميڊيا ۾ رپورٽ نٿا ٿين ۽ ميڊيا ۾ هاءِ پروفائل نٿا بڻجن. هن وقت
صورتحال ڪيتري به ڪنٽرول ۾ هجي قوم پرست ۽ عوام دوست آخري حد تائين اها ڪوشش ڪندا هجن ته اهڙا واقعا يعني سنڌين ۽ پٺاڻن جو پاڻ ۾ جهيڙو نه ٿيڻ گھرجي ۽ اسان سڀني جي خواهش اهائي آهي ته اها جھيڙا مظلوم ۽ مسڪين عوام جي فائدي ۾ ڪڏهن به نٿا ٿي سگھن. ابتو عوام کي نقصان ئي ملندو، تنهن ڪري جيترو ٿي سگھي انهيءَ تي ڪنٽرول ٿي ته بهتر پر اهو ڪنٽرول ۽ احتياط ڪرڻ جو وڌيڪ فرض ڪنهن جي مٿان آهي ظاهر آهي ته پهريون فرض سنڌ حڪومت جو آهي جو اها پنهنجي حڪومتي رٽ کي مضبوط رکڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري، سنڌ ۾ آيل غير ملڪي پناهھ گير جن ۾ خاص ڪري افغاني، برمي، بنگالي ۽ ٻيا انهن تي پوري نظر رکندي کين رجسٽرڊ ڪيو وڃي، انهن کي مليل جالي شناختي ڪارڊ رد ڪيا وڃن، ميڊيا ۾ اشتهاري وسيلي عوام کي آگاھه ڪيو وڃي ته غير ملڪين سان ڪا به ڏيتي ليتي ملڪيتن جي معاملي ۾ نه ڪئي وڃي، مسواڙ تي دڪان ۽ جايون لڪ ڇپ ۾ ڏيڻ جي بجاءِ کيس پوليس ضمانت ۾ آڻڻ کان پوءِ ڏنيون وڃن، پر اهو سڀ ڪجھه سنڌ حڪومت مان اميد رکڻ هڪ ديواني جي خواب کان سواءِ ڪجھه به ناهي.
قانوني گھرجون ته پنهنجي جاءِ تي، هتي معاملو اهو ٿو نظر اچي ته افغاني، برمي ۽ بنگالي کلي عام وڏن علائقن تي قبضا ڪري آباديون آباد ڪري ويٺا آهن. معاملو صرف ايستائين ناهي وڏي پيماني تي هٿيار ۽ منشيات جي ڪاروبار سان گڏوگڏ غير قانوني ڪوڙن ڪاغذن سان گاڏين جو ڪاروبار عام رواجي نظر ايندو آهي، ظاهر آهي ته انهيءَ ڪاروبار ۾ هڪ فائدو ڪاروبار ڪندڙ مافيا جو آهي ته ٻئي پاسي پوليس ۽ حڪمرانن جو فائدو آهي. سنڌ ۾ پٺاڻن جي تاريخ تمام گھڻي پراڻي آهي مدد خان، نادر شاهھ، ابراهيم لوڌي ۽ شاھه شجاعت تائين وقتن بوقتن سنڌ تي افغانستان کان جيڪي حملا ٿيا ۽ انهن حملن کان پوءِ وقت گذرڻ سان حملا آورن جا آباد ٿيندڙ ٽولا جن ۾ هڪڙو گروھه مراعت يافتا جاگيرون ماڻيندڙ هو ته ٻيو عام زندگي گذاريندڙ ۽ محنت ڪشن جو. حملا آورن جي دهشت ۽ تڪبر جو نفسياتي غلبي وارو رويو جاگيردارن جو ۽ اپر ڪلاس جو رهندو آيو ۽ انهن پاڻ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجي جارحيت جي طاقت جو گھمنڊ پنهنجي ڪميونٽي جي ماڻهن تائين ڦهلايو اهو عمل ساڳئي طريقي سان رڳو سنڌ ۾ نه پر پوري برصغير ۾ نظر ايندو جو حملا آورن جي آباد ٿيندڙ گروهن جا ماڻهو ڊگھي عرصي تائين پنهنجي بالادستانه ۽ حاڪمانه فطرت جو مظاهرو ڪندا ايندا آهن ۽ گھڻو ڪري عام ماڻهو انهن جو شڪار ٿئي ٿو، سنڌ ۾ جيئن ته اڪثر حڪمران گروهن جو تعلق سنڌ سان ته هيو پر هو پنهنجو نسلي ڳانڍاپو هميشه ٻاهريان جي حملا آورن سان جوڙيندي مظاهرو ڪندا آهن، تنهن ڪري رياست جي طرفان حڪمراني جي عمل سان قومي تعمير جو ڪردار سنڌ ۾ ادا نه ٿي سگھيو آهي پٺاڻن جو ڪيس به سنڌ ۾ ائين ئي آهي هتي ڪوئٽا ۽ خيبرپختون خوا کان مزدور ۽ ڪاروباري پٺاڻ سنڌ ۾ گھڻو ڪري سردين جي ڏينهن ۾ ڪاروبار ڪرڻ ايندا هئا سنڌين ۽ پٺاڻن جي وچ ۾ ڪو به وڏو اختلاف نه هيو ڪيترائي پٺاڻ پورهيت سنڌ جي ڳوٺن ۾ بٺن تي ڪم ڪندي اوطاقن ۽ مسجدن ۾ رهندا هئا انهن کي کاڌو سنڌ جا ماڻهو پنهنجي گھران ڏيندا هئا.
ڪراچي ۾ پٺاڻن جي وڌيڪ آمد ايوب شاهي جي دور ۾ ٿي هڪ آمر پنهنجي حڪومت کي مضبوط رکڻ جي لاءِ پٺاڻ پرستي جو ڪارڊ استعمال ڪيو هو ڪيترن ئي پٺاڻن کي ٽرڪن جون پرمٽون ڏنيون انهن ڏينهن ۾ ٽرانسپورٽ تي انهن جو چڱو خاصو قبضو ٿي ويو هو تڏهن ٿورو گھڻو ڪٿي ڪٿي ڪراچي ۾ لساني جھيڙا ٿيا يا ڪرايا ويا پر ان ۾ ڪا به شدت نه آئي هئي سنڌ ۾ وڌيڪ خراب صورتحال افغان بحران کان پوءِ پيدا ٿي 1970 ۽ 77 تائين هتي پٺاڻن جو اشو اختلاف ۽ جھيڙو نه هو 5 جولائي 1977 تي ملڪ تي مارشل لا مسلط ٿي ضيا جو دور آيو، 1978 ۾ افغانستان جي اندر ثور انقلاب آيو بحران جي شروعات ٿي 1979 ۾ افغانستان جي اندر روسي فوجون داخل ٿي ويون جنهن کان پوءِ وڏي تعداد ۾ سرحد پار
ڪري پاڪستان ۾ داخل ٿيا پر انهن جو وڏو تعداد سنڌ جي اندر داخل ٿيندو ويو ۽ خاص ڪري ڪراچي جيڪا تنهن وقت بي يارو مددگار هڪ ننڌڻڪو شهر هئي ۽ ڌڙا ڌڙ افغان آباديون وڌڻ لڳيون افغانين ٻولي ۽ نسل جو سهارو وٺي هٿان جي پٺاڻن کي پنهنجو اتحادي ۽ همنوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي انهن افغانين افغانستان جي جنگ مان فائدو حاصل ڪندي هٿيارن ۽ هيروئن جو ڪاروبار عام ڪري ڇڏيو ۽ ڏسندي ڏسندي سنڌ جي اندر افغانين ۽ پٺاڻن جو هڪ مشترڪا اتحاد جنهن جي قيادت افغان ڪرمنل مافيا ڪري رهي هئي اها نظر اچڻ لڳي ڪراچي جون حالتون خراب ٿيڻ کان پوءِ اسان ڏسون ٿا ته انهيءَ جو وڌ کان وڌ فائدو پٺاڻ اتحاد جي مورچي جو افغاني پٺاڻن کي مليو يقينن ان جو ڪجھه حصو ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي اشرافيا ڪلاس جي پٺاڻن کي به مليو پر سڄو نقصان غريب پٺاڻن جو ٿيندو رهيو آهي هن وقت سنڌ ۾ جيڪڏهن اهو جھيڙو وڌي ٿو ته پوري سنڌ ڪراچي کان گھڻي مختلف آهي پٺاڻن جو پورو گذرگاھه پنجاب تائين سنڌ مان آهي پٺاڻ مافيا ۽ شائونسٽ اهو نه سمجھن ته هو ڪراچي جي جھيڙن ۾ جيئن پاڻ کي ڪجھه علائقن ۾ محفوظ ڪيو ته هتي ڪري سگھن ٿا، اسان نٿا چاهيون ۽ ڪنهن به صورت ۾ عوام جي حق ۾ اهو تضاد ناهي پر عوامي نيشنل پارٽي، اچڪزئي ۽ منظور پشتين وارن کي گھرجي ته هو پٺاڻڪي سياست ڪرڻ ۾ افغاني مافيا کان پنهنجو پاڻ کي الڳ ڪن هن وقت افغان مافيا سنڌ جي اندر هر طرح جو فائدو پئي حاصل ڪري ۽ پوري پيسي جو استعمال ڪري خود هتي سنڌي پٺاڻن کي به پنهنجي اثر ۾ آڻڻ جي لاءِ کين پٽڪا ٿي ٻڌرائي هنن کي سياست ۽ سماج جي اندر لسانياتي مورچا گھرجن جن ۾ انهن جو فائدو ۽ هتان جي ماڻهن جو وڌ کان وڌ نقصان آهي افغاني سرمائيدار ۽ دولتي جيڪڏهن قوم پرست آهن ته انهن کي افغانستان جي معيشت کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ اتي ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي پر هو اتي نه ويندا ڇو ته مافيائي ڪاروبار هنن جو صرف ۽ صرف هن ملڪ ۾ ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ هلي ٿو سنڌ جو عوام هاڻي به پٺاڻن ۽ افغانين کي هڪٻئي کان الڳ ٿو سمجھي سنڌ جون سياسي پارٽيون انهيءَ لاءِ صاف ۽ چٽو موقف رکن ٿيون، اهڙي طرح ئي پٺاڻ قوم پرستن ۽ جمهوريت پرستن کي واضح ۽ چٽو رکڻ گھرجي سنڌ جي ماڻهن جو هتان جي پٺاڻن جي ڪردار تي ڪو اعتراض ناهي پر افغاني جيڪي جارحانه تڪبر جو شڪار ٿي چڪا آهن، انهن جو ڪردار سنڌ جا ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندا ۽ نه وري انهن جو ڪردار يعني جارحيت جو رويو برداشت ڪرڻ جوڳو آهي.