ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بلال ڪاڪا جي قتل کان پوءِ

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

گذريل اربع تي سنڌ ھائي ڪورٽ ڪراچيءَ ۾ گھڻو وقت وڃائڻ سبب ڪالم لکي نه سگهيس. پر انهي کان ھفتو ڏيڍ اڳ 3 جولائي واري ڪالم ۾ اھا اڳڪٿي ھنن لفظن ۾ ڪري ڇڏيم ته افغاني پٺاڻ سنڌين جي ڌرتي ماءُ کي سنڌين جي پيرن ھيٺان ڪڍي، سنڌ تي پنهنجو دائمي قبضو ڪرڻ خاطر رتوڇاڻ ڪري سگهن ٿا. پڙھو منهنجي 3 جولائي واري ڪالم جي آخري پيرا:
جيئن مھاجر قومي موومينٽ جي باني اڳواڻ الطاف حسين پنهنجن پوئلڳن کي حڪم ڏنو ھو ته، مھاجرو! مھاجرو! اوھان پنھنجن گھرن جا مھانگا ٽين ٽپڙ يعني ٽيليويزن، وي سي آر، ريفريجريٽر، سون، چاندي مطلب ته ھر شئي وڪڻي ھٿيارن جي اسمگلنگ ڪندڙ پٺاڻن کان جديد هٿيار خريد ڪريو. مھاجرن سنڌ جو ورهاڱو ڪري ھڪڙو ڌار صوبو ٺاهڻ جي لاءِ پنهنجي رھنما الطاف حسين جي حڪم کي اکين تي رکي، ڪاليجي شاگردن کان ڪتاب کسي کين رائيفل ۽ پستول وٺي ڏنا. اھو جنرل ضياءَ الحق جي بندوق واري بادشاهي جو دؤر ھو جنھن ۾ ايم ڪيو ايم کي سنڌين خلاف سرڪاري طرح ھٿياربند ڪيو ويو. ٽي سال اڳ استخاره وسيلي منتخب ڪيل وزير اعظم جناب محمد خان جوڻيجي جھڙو اشراف، لاطمع ۽ انسان دوست وزير اعظم به اسٽيبلشمينٽ وارن کي نه وڻيو ۽ کيس پنجن سالن بدران ٽن سالن بعد ھٽائي ڇڏيائون. جيتوڻيڪ ايم ڪيو ايم ٺاھڻ جو الزام ھڪڙي بي ڏوهي وڏي وزير غوث علي شاهه تي لڳندو رھيو پر جيئن ته وقت ھر دور ۾ سچائي کي پڌرو ڪرڻ لاءِ درٻارين جي لکيل ورقن تان مٽي، دز ۽ ڌوڙ ڌوئي ڪوڙ کي ڪوڙ ثابت ڪري ڇڏيندو آهي، تيئن غوث علي شاهه تان به اھو ڪوڙو داغ ڌوپجي ويو ۽ دنيا کي خبر پئجي ويئي ته ايم ڪيو ايم پڻ عمران خان وانگر اسٽيبلشمينٽ جي ڊارڪ روم ۾ ٺهيل ھئي.
3 جولائي واري ڪالم جون آخري سٽون ھيون: “جنرل ضياءَ جي اوچتي حادثي ۾ مارجي وڃڻ کانپوءِ جيڪو بچا جمھورا وارن جو نام نهاد جمھوري دؤر ڏٺوسين سو اوھان سڀني جي سامهون آهي. انگريزيءَ ۾ ان کي So-called democracy يا ڪنٽرولڊ جمھوريت چئبو آهي. جنرل پرويز مشرف به ان دور ۾ سويلين ۽ سياسي جماعتن جا ٻه ليڊر ملڪ جا وزيراعظم مقرر ڪيا پر آخرڪار عالمي بئنڪ ۽ آئي ايم ايف جي حڪم تي سندن مرضيءَ جو وزير اعظم شوڪت عزيز کي آمريڪا مان گهرائي ٿرپارڪر جھڙي لاوارث ضلعي مان چونڊائي مقرر ڪيائين پر ڪوبه کڙتيل نه نڪتو. ان دور ۾ ڪتاب اڇلائي بندوق وٺندڙ انسان دشمنن دھشتگردن جاوا ڪيا. ڏھه سال جنرل مشرف جا ۽ کانئس پوءِ زرداري جا پنج سال يعني پورا پنڌرهن سال ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ذريعي ايم ڪيو ايم جي دھشتگردن جي ٻيگھي متل هئي.”
ڪل ٽيهھ ھزار سياسي مخالف ۽ بيگناھه انسان دھشتگردي جو بک بڻجي ويا. اڍائي سئو پورھيتن کي زرداري جي راڄ ۾ جيئرو ساڙي رک ڪيائون پر ڏھه سال لنگهي ويا ڪنھن به قاتل يا دھشتگرد کي سزا نه ملي سگهي آهي.
3 جولائي تي ڇپيل ڪالم جون پڇاڙڪيون سٽون ھي ھيون: “افغاني پناهگير گھڻي ڀاڱي ھٿياربند آهن. خبرون ڇپيون آهن ته غير قانوني طريقي سان پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ رهندڙ انھن پناهگيرن کي سنڌي آفيسر رشوت وٺي سنڌ جا ڊوميسائيل ۽ شناختي ڪارڊ ڏيارين پيا ته جيئن ھو ھتان جا پڪا رھواسي بڻجي سگهن. ياد رکو ته جيڪڏهن ھي افغاني سنڌ جا قانوني باشندا ٿي ويا ته پوءِ اسان جي شھرن جي گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ خونريزي ۽ رتوڇاڻ ٿيندي جنهن کي جڏي ۽ رشوتخور سنڌ پوليس ھرگز روڪي نه سگهندي.”
مان ھي اڳڪٿي ٻه ھفتا پھرين ڪئي ھئي بلال ڪاڪا نالي مارجي ويل نوجوان کي نه آئون سڃاڻيندو هئس ۽ نه ھي ڪالم پڙهندڙ دوست! اردو زبان جو شعر آهي ته،
ذرا سي دير مين ڪيا ھوگيا زماني ڪو؟
ھي ڪم ذري دير ۾ نه ٿيو آهي. سنڌين ۽ پٺاڻن جو تڪرار ھڪ سنڌي جوان رانجھاڻي جي ڪراچيءَ ۾ سال اڳ ٿيل قتل کان وٺي ھلندڙ آھي ۽ سنڌ تي دائمي قبضو ڪرڻ لاءِ آتا سپر پاور به ھن رت جي راند ۾ ظاهري طرح نه سھي، لڪل نموني شطرنج جي چالن جيان چالون چلن پيا. سنڌ ۽ بلوچستان جي اسٽريٽجڪ لوڪيشن (برفاني ملڪن جو گرم پاڻين واري سمونڊ) تائين رسائي حاصل ڪرڻ واري سرد جنگ ھڪ ڀيرو وري گرم ٿيندي نظر اچي ٿي.
چائنا جي قيادت گوادر ۾ جديد ترين ڪمپيوٽرائزڊ بندرگاهه اڏڻ واسطي اربين روپيا سيڙائي ڇڏيا آهن. عمران خان جي حڪومت ۾ ٻڌوسين ته وفاقي سرڪار ڪي رنڊڪون وجهي ڇڏيون آهن جنهن ڪري چيني حڪومت نه رڳو گوادر پر قاسم پورٽ تي پڻ ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي. ھڪ وڏي مصيبت پاڪستان ۾ هيءَ آهي ته ظاهري طرح سويلين ادارا ۽ چونڊيل جمھوري سرڪار ھوندي به سمورا وڏا ۽ اھم فيصلا راولپنڊيءَ ۾ ٿيندا آهن. سياسي اڳواڻ جيئن ته ڳيجھو آهن سگهاري ڌر جا تنھن ڪري مٺي به ماٺ ته مٺي به ماٺ.
سنڌ جي قومپرست پارٽين گذريل سال ھڪ قومي اتحاد قائم ڪيو ھو. 6 جون 2021 تي سپر ھائي وي تي ذري گهٽ سمورين تنظيمن سنڌين جا صديون پراڻا ڳوٺ ڊاھڻ خلاف پرامن احتجاج ڪيو ھو. ان کان پوءِ سڄو سال لنگهي ويو پر پاڻ ۾ گڏجي نه ويٺا. بلال ڪاڪا جي قتل کان پوءِ ٻن ڏينهن کان وٺي افغاني دھشتگردن سپر ھائي وي تان ڪراچي کان ٻين شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏين ۽ بسن کي باھيون ڏيئي ساڙيو ۽ ڪيترن ئي سنڌين کي گوليون هڻي ماريو ۽ زخمي ڪيو ته مورو کان ميرپور ماٿيلي تائين سنڌي شاگرد پاڻمرادو رستن تي نڪري آيا ۽ سڄي پاڪستان جي ٽرانسپورٽ جام ڪري ڇڏيائون. انھي پاڻ ھرتو ردعمل قوم پرست اڳواڻن کي مجبور ڪري وڌو ۽ ھاڻي ڊگھي عرصي بعد گڏجاڻي سڏائي اٿن. تيسين ھي سڄو لڙ لھي ويندو.
وقت وڏو بادشاهه آهي. مان ڏسان پيو ته سنڌ جي حڪمران جماعت توڙي قومپرست تنظيمن جي قيادت سنڌي قوم جو اعتماد وڃائي ڇڏيو آهي. رڳو اخباري بيانن ۽ ٽيليويزن تي ڳالهائڻ سان غريب مسڪين ماڻهن کي ڏکن سورن مان نجات ملندي آهي ڇا؟ ھنن سمورن ليڊرن جي ڀيٽ ۾ ٿرپارڪر جو جوانڙو اجيت ڪمار جنهن ھرڻين کي ماريندڙ ماري جھلي کين دنيا ۾ ذليل ڪري ڇڏيو. ٻيو شھيد ناظم جوکيو ۽ ٽيون ڪوڙن ڪيسن مان تازو آزاد ٿيل پورھيت ليڊر قادر چانڊيو ۽ ڪراچيءَ جا غيرتمند وطن دوست وڪيل جيڪي قانوني جنگ لڙي زبردست عوامي حمايت حاصل ڪري چڪا آهن. ھنن سڀني فقط پنھنجي سچائي ۽ دليراڻن فيصلن جي نتيجي ۾ سنڌي ماڻهن جون دليون کٽي ورتيون آهن.
جيتري قدر تازن وڳوڙن ۾ سنڌ پوليس جو ڪردار ڏٺم ته اھو بنهھ بزدلي وارو ھو. ھٿياربند سنڌي پوليس آفيسر سھراب ڳوٺ جي چرس، ھيروئن ۽ ھٿيارن جي اسمگلر افغاني پٺاڻن کان خوفزده ٿي ھيڏانھن ھوڏانھن کسڪي رهيا هئا ۽ واٽھڙو ويچارا غنڊن ۽ دھشتگردن ھتان مار موچڙا کائيندا رهيا. پورا پنج ڪلاڪ سھراب ڳوٺ واري شاھراھه تي ٽرئفڪ جام ھئي. مسافر خاص ڪري عورتون ۽ ٻارڙا روئي روئي منٿون ڪندا رهيا پر دھشتگردن کي بيگناھه ماڻھن تي ڪھل ڪونه آئي. ھي ھاڻي جيڪا بيان بازي شرجيل ميمڻ ۽ ڪراچيءَ جو پوليس چيف عالم اوڍو ڪري رهيا آهن، تن اڄ تائين افغاني پناهگيرن جي وسندين ۾ ڪڏهن ڇاپو هڻي ھٿيار يا نشي آور شيون ھٿ ڪيون آهن؟ ظاهر آهي ته جتي ڪروڙين رپين ۾ ٿاڻا نيلام ٿيندا ھجن اتي پوليس آفيسر سواءِ بدڪارن ذريعي ڏوھه ڪرائڻ ۽ ڏوھارين کي پناھه ڏيڻ جي ٻيو ڪري به ڇا ٿا سگهن. ياد رکو، دھلي جي چيف منسٽر ڪجريوال جھڙو ديانتدار ۽ انسان دوست ليڊر جيستائين سنڌين کي نه ملندو تيسين ھي ڌرتي اسان جي پيرن ھيٺان کسڪندي رھندي. سنڌ جو اصل حاڪم آصف زرداري چاھي ٿو ته وڌ کان وڌ پرڏيهي ماڻهو ۽ افغاني پناهگير ڪراچي حيدرآباد سکر ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن ۾ اچي سرڪاري زمينون خريد ڪن ته جيئن آئون مال ڪمائي، پڇاڙي ۾ دبئي يا لنڊن ھليو وڃان. کيس پنهنجن ووٽرن سان ٽڪي جيتري به ھمدردي ناھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button