سنڌ ۾ بلال ڪاڪا جي قتل واري واقعي کان پوءِ هر پاسي وڏي بي چيني نظر اچي رهي آهي. ان حوالي سان سنڌ جي قوم پرست پارٽين تي وڏو دٻاءُ پڻ نظر اچي رهيو هو ته اهي پنهنجو چٽو موقف پيش ڪن ۽ ان کان سواءِ اهي سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري (ڏيهي توڙي پرڏيهي) جي حوالي سان ڪو اثرائتو موقف پڻ پيش ڪن. ٻه ڏينهن اڳ سنڌ ايڪشن ڪميٽي طرفان اجلاس سڏائڻ کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪئي وئي، جنهن ۾ جيڪو موقف رکيو ويو آهي. اهو هڪ بهتر موقف آهي.
سنڌ ايڪشن ڪميٽيءَ جو اجلاس ڪنوينر جلال محمود شاهه جي صدارت هيٺ جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشوري ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، عوامي جمھوري پارٽي جي صدر لال شاھه، پورھيت مزاحمت جي صدر مسرور شاھه، جسقم اڳواڻ ارباب ڀيل، جيئي سنڌ محاذ سربراھه عبدالخالق جوڻيجو، جيئي سنڌ قومي پارٽيءَ جي سيڪريٽري ھالار رتڙ، انڊيجينيئس الائنس جي اڳواڻ خدا ڏنو شاھه، جسقم اڳواڻ ديدار شام، انڊس لائيرز فورم جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ عاقب راڄپر، جيئي سنڌ محاذ (س) جي اڳواڻ آدم ٻٽ، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ نعيم ملڪ، زين شاھه، تاج جويو، روشن علي ٻرڙو، حيدر شاھاڻي، نواز شاھه ڀاڏائي، مير احمد مڱريو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ اسان جو ھزارين سالن کان تاريخي وطن آھي، جنھن جا اسان سنڌي وارث آھيون، تازو حيدرآباد ۾ نوجوان بلال ڪاڪا جي بي رحماڻي قتل جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. افغان پناھگير لکن جي انگ ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۾ آباد ٿيل آھن، جنھن سبب سنڌ جي معيشت ۽ امن امان تباھه ٿي چڪو آھي ۽ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ان ۾ سنڌ سرڪار مڪمل طور سھولتڪار بڻيل آھي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته گذريل 15 سالن کان پيپلزپارٽي سرڪار، افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي شناختي ڪارڊ، ڊوميسائل، ووٽ، ملڪيت ۽ ڪاروبار جو حق ڏيئي، خاص طور تي ڪراچي ۾ افغان پناھگيرن جون ڪالونيون ۽ ڳوٺ ريگيولرائيز ڪري سنڌ جي عوام سان ناانصافي ڪندي رھي آھي. گذريل ڪجھه ڏينھن کان افغان پناھگير ڪراچيءَ جي سھراب ڳوٺ، ال آصف اسڪوائر، ماڊل ٽائون ۽ خاص طور ٻين سنڌي آبادين، مک شاھراھن ۽ ڪاروباري مرڪزن مٿان هٿياربند جٿن جي صورت ۾ حملا ڪري رھيا آھن، جيڪا ڳالھه قابلِ مذمت آھي. سنڌ پوليس ۽ رينجرز مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آھي، افعاني پناھگير سرعام ھٿيار ۽ افغانستان جا جھنڊا کڻي پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن کي للڪاري رھيا آھن. ھن صورتحال ۾ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کي نوٽيس وٺي کين گرفتار ڪري افغانستان واپس موڪليو وڃي ۽ سنڌ ۾ سمورن ڪاروباري مرڪزن ۾ هٿياربند جٿن ۽ منشيات جي ڪاروبار کي ختم ڪيو وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخوا ۽ ٻين صوبن مان سنڌ ۾ روزگار ڪندڙ ۽ رھندڙ پختونن ۽ ٻين قومن جي ماڻھن سان اسان جو ڪو تعصب ڪونھي پر ھن صورتحال ۾ پاڪستان جي ٻين صوبن جي شھرين کي سنڌ ۾ روزگار ۽ مزدوري ڪرڻ جو حق ھئڻ گھرجي پر اسان سمجھون ٿا ته پاڪستان ۾ شھريت ڏيڻ جو اختيار صوبائي حڪومتن کي ھئڻ گھرجي. ان ڪري ٻين صوبن مان آيل ماڻھن کي ووٽ، ملڪيت، خريد ڪرڻ ۽ ڊوميسائل پي آر سي جو اختيار نه ھجڻ گھرجي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري وارو مسئلو وڏي وقت کان سنڌ واسين لاءِ مٿي جو سور بڻيل آهي پر سنڌ حڪومت ان معاملي تي سنجيدگي اختيار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. اها نه رڳو ڌارين جي سهولتڪار رهي آهي پر سنڌي ماڻهن کي ننڌڻڪو پڻ ڪري رهي آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ ۾ آباد جيڪا به ڌاري آبادڪاري آهي، ان کي پنهنجي اصلوڪي وطن ڏانهن موڪليو وڃي ۽ انهن لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي ته جيئن اهي هتان جي ڌرتي ڌڻين تي پنهنجي مرضي نه هلائي سگهن. پر اهو ڪم رڳو احتجاج ڪرڻ سان نٿو ٿي سگهي. سنڌ ۾ هن وقت پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آهي، ان کي ان سلسلي ۾ ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.