تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان اسان کي خبر پوي ٿي ته يورپ ڪنھن دور ۾ تمام گھڻو پٺتي پيل کنڊ ھو ۽ ايشيا ان دور ۾ تمام گھڻو ترقي يافته ھو جنھن وقت يورپ اونداھي دور مان گذري رھيو ھو، تنھن وقت ايشيا علم ادب، واپار ۽ ٽقافت جو پوري دنيا ۾ مرڪز ھو. ٻارھين تيرھين صديءَ ۾ يورپ ۾ مذھبي بنياد پرستي پوري يورپ تي حاوي ھئي. ماڻھو جي خيالن سوچن، علم، ادب فلسفي تي بندش ھئي. آزاد خيال ماڻھن، مفڪرن، اديبن، شاعرن جي سيڪيولر خيالن جي ڪري انھن کي سزائون ٿي مليون. پر آھستي آھستي يورپ ان اونداھي دور، بنياد پرستي ۽ جھالت کي شڪست ڏني ۽ پوري دنيا جي ھڪ وڏي طاقت ٿي اُڀريو.
يورپ ۾ جو علم سائنس، فلسفي پوري دنيا کان اڳتي نڪري ويو، ويندي ايشيا کنڊ به پٺتي رھجي ويو ۽ اڄ ھر ملڪ توڙي ماڻھوءَ جو رول ماڊل يورپ ۽ ان جا ملڪ آھن. پوري دنيا ۾ يورپ جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو ڌاڪو آھي. اھو سڀ ڪيئن ٿيو؟ يورپ ترقي ڪري باقي دنيا کان اڳتي ڪيئن نڪري ويو؟ ڪھڙا سبب ۽ ڪھڙيون قوتون ھيون جن يورپ کي عروج تي پھچائي ڇڏيو؟ انهن سوالن تي دنيا جي مختلف مفڪرن ،۽ تاريخ دانن سوچ ويچار ڪري پنھنجا نظريا پيش ڪيا آھن جن مان ھڪڙن مفڪرن يورپ ترقي جا سبب يورپ ۾ يونان جو آيل ،علم ،فلسفو ۽ سائنس ڄاڻايو آھن ته ڪن يورپ جي ترقيءَ جو سبب ان جون اندروني حالتون ۽ آبھوا ڄاڻايو آھي. اُن ئي حوالي سان ڊاڪٽر مبارڪ جو ڪتاب “يورپ جو عروج” به هڪ اھم آھي جنھن ۾ ڊاڪٽر صاحب يورپ جي ترقي ۽ عروج تي دنيا جي مختلف مفڪرن پاران ڏنل نظرين تي بحث ڪيل آھي.
ھن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر دنيا جي مختلف مفڪرن جي نظرين کي بحث ھيٺ آڻي ٿو، جنھن مان ھڪ نظريو ڊيوڊ ايس لانڊس جو “يورپي مرڪزيت “جو نظريو آھي، جنھن موجب يورپ جي ترقيءَ جو سبب يورپ جون اندروني حالتون، يورپ جي ماڻھن جون تخليقي صلاحيتون،يورپي ماڻھن جي پنھنجي جدوجھد جو نتيجو آھي ۽ يورپ جي ترقيءَ ۾ ٻئي ڪنھن قوم جي علم، فلسفي ۽ تھذيب جو ڪوبه اثر نه آھي. پنھنجي ان نطريي کي ثابت ڪرڻ لاءِ ان مفڪر مختلف دليل ڏنا آھن، جنھن ۾ ان جو خيال آھي ته يورپ جي ترقيءَ جو ھڪڙو سبب ان جي آبھو آھي. ڊيوڊ لانڊس جو خيال آھي ته يورپ جي آبھو ٿڌي آھي جنھن سبب يورپ جي ماڻھن ۾ ذھني صلاحتيون وڌيڪ آھن ۽ انھن ۾ محنت ڪرڻ جي صلاحيت وڌيڪ آھي ِ۽ ان جي ڀيٽ ۾ ايشيا ۽ آفريڪا جي آبھوا گرم آھي، تنھنڪري انھن ۾ محنت ڪرڻ جي قوت گھٽجي ٿي. ٻيو ته سخت سيءَ جي ڪري يورپ جي ملڪن ۾ بيڪٽريا ۽ ٻيا جراثيم تمام گھٽ پکڙجن ٿا، جنھن ڪري يورپ ۾ وبائون گھٽ ٿيون آيون جنھن ڪري انھن ۾ وبائن کي منھن ڏيڻ جي صلاحيت تمام گھٽ آھي. تنھنڪري انھن انھن وبائن کان بچاءُ لاءِ مختلف طريقا ۽ دريافت ڪرڻ ۽ دوائون ٺاھڻ شروع ڪيون. ان کان سواءِ ھن مفڪر يورپ جي ترقيءَ جو اھو دليل ڏنو آھي ته اوڀر جي ملڪن ۾ پاڻيءَ تي حڪومتن جو ڪنٽرول رھيو آھي جنھن ڪري عوام حڪمرانن جي تسلط ھيٺ رھيو ۽ انھن ۾ آزاديءَ جو احساس گھٽ ھو پر يورپ ۾ برساتون تمام گھڻيون پون ٿيون، حڪومتن جو پاڻيءَ تي ڪوبه ڪنٽرول ناھي رھيو تنھنڪري يورپ جا ماڻھو آزاد ھئا.
ان کانپوءِ ھي مفڪر ٽيون دليل يورپ جي گھٽ آبادي ھجڻ جو ڏي ٿو، جنھن موجب يورپ ۾ شادي دير سان ڪرڻ جو رواج آھي ۽ آباديءَ کي ڪنٽرول ۾ رکڻ جو رواج ھو جنھن سبب انھن ملڪن ۾ غربت گھڻو نه وڌي سگھي پر اولهه جي ملڪن ۾ آبادي وڌي وڃڻ جي ڪري کاڌي خوراڪ کوٽ رھي ٿي جنھن سبب اُتي غربت وڌڻ جي ڪري اُھي ملڪ ترقي نٿا ڪن. ان کان سواءِ ھي مفڪر يورپ جي عروج جو سبب رومي سلطنت جو زوال ۽ يورپ جو ٽڪرن ۾ ورھائجن ڏي ٿو. روم جي زوال سبب يورپ جي ملڪن تي رومي استحصال گھٽجي ويو. منگول ۽ ترڪ حملي پوري يورپ کي فتح نٿي ڪري سگھيا. يورپي مرڪزيت پسند مفڪر لانڊس جو پڻ اھو خيال آھي ته يورپ ۾ نون شھرن جو قيام ۽ بائبل جي تعليم پڻ يورپ جي ترقيءَ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.
ان کان پوءِ ھن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر مبارڪ ھڪ ٻئي مفڪر فرنالڊ بروڊل جو نقطه نظر کي بحث ھيٺ آڻي ٿو. فرنالڊ بروڊل جي خيال موجب يورپ جي ترقيءَ جو ھڪ اھم سبب اھو به آهي ته يورپ جي ملڪن علم ادب، فلسفي، سائنس، موسيقي، آرٽ ۽ ثقافت کي اھميت ڏني. اھو سبب آھي جو يورپ جي ڪنھن ملڪ ۾ ڪابه علمي ادبي، فڪري يا سياسي تحريڪ ھلندي ھئي ته اھا تحريڪ تمام جلد يورپ جي ٻين ملڪن ۾ پھچي ويندي ھئي. جيئن يورپ جي ھڪ ملڪ اٽلي ۾ فلسفي جي تحريڪ اڀري ته ان جو اثر پوري يورپ تي پيو. ان کان سواءِ ھن مفڪر جو خيال ھو ته يورپ ۾ فرد جي آزاديءَ جي تمام گھڻي اھميت ھئي جنھن سبب يورپ ۾ فرد جي آزاديءَ جون تمام گھڻيون تحريڪون ھليون. جن پڻ يورپ جي ترقي اھم ڪردار ادا ڪيو. فرنارڊ برڊل جو اھو پڻ خيال ھو ته يورپ جي ترقيءَ جو ھڪ سبب اھو پڻ ھو ته يورپ ۾ جيڪي رياستي قانون آيا اھي انسان جا ٺاھيل ھئا جن کي چيلينج ڪرڻ عام ماڻھو لاءِ تمام سولو ھو، تنھنڪري يورپي عوام حڪمرانيءَ تي سوال ڪري سگھندا ھئا، انھن تي تنقيد ڪري سگھندا ھئا ۽ ان کي تبديل به ڪرائي سگھيا ٿي پر مشرقي ملڪن ۾ سڀني الھامي ھئا، تنھنڪري انھن کي چيلينج ڪرڻ ۽ تبديل ڪرڻ تمام ڏکيو ھو تنھنڪري اوڀر پٺتي رھجي ويو ۽ يورپ اڳتي نڪري ويو.
ان کان پوءِ ٽيون نقطه نظر جي ايم بلاٽ جو آھي، ھيءَ مفڪر يورپي مرڪزيت جي نقطه نظر کي رد ڪري ٿو ۽ ھن جو خيال آھي ته يورپ جي ترقيءَ جو اھم سبب آمريڪا جي دريافت آھي. آمريڪا جي دريافت سان يورپ جي واپار جا دروازا کلي ويا جنھن سبب يورپ ۾ صنعتي ترقي ٿي ۽ سرمائيداري ترقي ڪئي جنھن سبب يورپ ۾ جاگيرداري خاتمو اچي ويو ۽ يورپ ھڪ نئون بورجوا طبقو پيدا ٿيو جنھن يورپ جي ترقي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو.
انھن ٽن نظرين جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ڊاڪٽر مبارڪ ھن ڪتاب ۾ ھڪ ٻئي نقطه نظر جو پڻ جائزو وٺي ٿو جيڪو گنٿر فرانڪ جو نقطه نظر آھي، جنھن جو خيال ھو ته يورپ جي ترقي کي عالمي اقتصادي تاريخ جي پس منظر ۾ ڏسڻ گھرجي. ھن جو خيال آھي ته يورپ جي سرمائيداريءَ کان اڳ به دنيا ۾ ھڪ عالمي اقتصادي نظام ھو، جيڪو 1400ع کان 1800 ع تائين ھو. ان دور ۾ يورپ وٽ واپار ايڏي وسيع پيماني تي پکڙيل نه هو ۽ ھو پنھنجو واپار آفريقا کان آمريڪا، آمرڪا کان ايشيا، ايشيا کان آمريڪا ۽ آفريڪا جي رستن ذريعي جاپان ۽ ملڪن سان ڪندو ھو ۽ سترھين صديءَ ۾ يورپ ۾ جيڪا ٽيڪنالاجيءَ جي ارتقا ٿي. ان ۾ اوڀر جو وڏو ڪردار ھو. تنھنڪري ھيءَ مفڪر پڻ يورپي مرڪزيت پسند جي نظريي کي رد ٿو ڪري.
ائين ھن ڪتاب ۾ يورپ جي ترقي ۽ عروج حوالي سان مختلف مفڪرن جو نقظه نظر تي بحث ڪري ڊاڪٽر صاحب ان نتيجي تي پھچي ٿو ته يورپي مرڪزيت جو نظريو وڌاءُ ۽ يورپين جو پنھنجي پاڻ کي اعليٰ ڪري پيش ڪرڻ آھي. يورپ جي ترقيءَ ۾ کنڊن جو به اھم ڪردار آھي جنھن کي تاريخدانن کي نظرانداز نه ڪرڻ گھرجي، پر ھن ھڪ ٻي به اھم ڳالھ ڪئي آھي، سا اُھا ته مارڪس جھڙو اھم مفڪر به “يورپي مرڪزيت” نقظه نظر جي خيال جو ھو جنھن کي پڻ ھن ڪتاب ۾ رد ڪيو آھي. تنھنڪري ھيءَ موضوع وري به تحقيق طلب آھي. اسان جھڙن پٺتي پيل ملڪن کي يورپ جي علم، ادب، فلسفي، سائنس ثقافت کان سکڻ گھرجي. ان جي ترقيءَ جي سببن کي سوچڻ، سمجھڻ ۽ ان جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ گھرجي.