ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڀٽن منجه ڀونچال- V

Editorial-Article-Noor Muhammad Bajeer

ٿر جي تاريخ ٻڌائي ٿي تھ ھن وارياسي خطي ۾ گهاٽا وڻ ھوندا ھئا ۽ وڻن جي سھاري جانور ۽ ماڻھو آباد ٿيا. ٿر جي واريءَ ۽ وڻ جھنگلي جيوت توڙي پالتو جانورن لاءِ خوراڪ سان گڏ پناهه گاهه رھيا آھن. جانور ۽ پکي واريءَ جي دڙن ۽ وڻن تي پنھنجا گھر ٺاھيندا آھن. ٿر جي ھڪڙي پاسي کان ڪڇ جو رڻ آھي ۽ ٻئي پاسي عربي سمنڊ اچي ملي ٿو. ڀٽون ھوا جي رخ مطابق اولھه کان اوڀر طرف آھن، جيڪي اتر ھوا کي سينو ساھي بيٺيون آھن. ھونئن بھ درياءَ بادشاهه جو رخ اتر کان ڏکڻ رھيو آھي ۽ ڀٽن جي بناوت پڻ پاڻيءَ جي ڇوڙ مطابق جڙيل آھي.
ٿر جا ماڻھو پنھنجن واريءَ جي دڙن، ڀٽن، پکين، جانورن، وڻن، وٿاڻن، پڊن سان بي پناهه محبت ڪن ٿا. ٿرين جو جياپو فطرت سان ڳنڍيل آھي. ڪنڊيون، ڪرڙ، کٻڙ، روھيڙا، ٻير، ٻانئوريون، ڪونڀٽ، ڦوڳ، ٿوھر، اڪ، ٻوهه، مرٽ، گگلڻ ۽ ٻيا انيڪ وڻ ۽ ٻوٽا ماروئڙن لاءِ سچي سون کان گهٽ ناھن. ماضي ۾ جڏھن بھ ڪارا ڏڪار پيا آھن تھ ٿر جي ماڻھن کي وڻن ساٿ ڏنو آھي ۽ مال توڙي ماڻھن ڏٿ تي گذارو ڪندي مشڪل حالتن کي منھن ڏين ٿا.
انگريز سرڪار ٿرين جي پيٽ گذر جي وسيلن کي سمجھندي ٿر لاءِ الڳ لينڊ گرانٽ پاليسي ٺاھي، انھي پاليسي مطابق ھر ڳوٺ کي پنھنجو ھڪ مڪان يعني ڳوٺ جي چوڌاري ڪجھه ڪلوميٽرس جي دائري ۾ پيل سرڪاري زمين تي گڏيل ملڪيت جو حق ڏنو. مال چارڻ جي لاءِ گئوچر منظور ڪري ڏنا. انگريزن جي انھي پاليسي ۽ حڪمت عمليءَ جي ڪري ڳوٺاڻن جي پنھنجي سيم بچائڻ ۽ ان جي مالڪي ڪرڻ جو لاڙو وڌيو. ڳوٺاڻا پنھنجي سيم جا رکوالا آھن، ھڪ ھڪ وڻ ۽ جھنگلي جيوت جي حفاظت انھن جي سماجي ذميواريءَ ۾ شامل آھي.
ٿر جي غريب ماڻھوءَ جي زندگيءَ جو رومانس ڪوئل جو آواز، تاڙي جي تنوار، جھرڪيءَ جي چون چون، ڪبوتر جي گهوگهاٽ، مورن جا ٽھوڪا، جانورن جي ڪنڌن ۾ ٻڌل مٽرن ۽ چڙن جا رات جي خاموشيءَ ۾ مڌر آواز، گابن، وڇن، ٻڪرين، رڍن ۽ تترن جون پياريون ٻوليون آھن. ٿر جا ماڻھو تڪليفن جو مقابلو پنھنجي فطرت سان عشق جي سگھه سان ئي ڪري سگھندا آھن. ٿرواسين جي دل اندر سريلا آواز گونجن ٿا، انھيءَ ڪري ھر ٿري راڳي جي آواز ۾ سرور سمايل ھوندو آھي.
فطرت جا عاشق خوبصورت ۽ ناياب شين جو قدر ڪندا آھن. ٿر جو مور سونهن ۾ پکين جو سردار آھي، انھيءَ ڪري مور جو قدر ۽ احساس ڪجھه سرس آھي. ٿر ۾ مور ھاڻي جھنگلي جيوت ۾ شمار نھ پيو ٿئي، گھر جي ڀاتين واري حيثيت اختار ڪري چڪو آھي. چوپائي جانورن ۾ ھرڻ جي سونهن جو ڪو ثاني ناھي. ٿر ۾ ھرڻ ھڪ وڏي عرصي تائين بلڪل غائب ھئا، ائين کڻي چئجي تھ پاڪستان ۾ موجود ٿر واري حصي ۾ ھرڻن جي نسل ڪشي ٿي وئي ھئي. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ٿر مان لڏپلاڻ جي سلسلو شروع ٿيو، مسلمانن جا قافلا ٿر ۾ داخلا ٿيا ۽ ھتان جي سيمن جا رکوالا ۽ قديم رھواسي ٿر ڇڏي انڊيا ويا تھ سمورو وايو منڊل تبديل ٿي ويو، وڻن جي واڍ وڏي پئماني تي ٿي. ڇاڇري تعلقي جي رھواسين سان ڪچھريون ٿينديون ھيون تھ انھن جو موقف اھو ھوندو ھو تھ پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ۾ ھتي گهاٽا وڻ ھوندا ھئا پر ھن وقت ڇاڇري تعلقي ۾ جيترو بارڊر جي ويجھو وڃبو اوترو وڻ ڪو ڪٿي ورلي نظر ايندو. بارڊر پار ڪري پاڪستان ۾ داخل ٿيندڙ مسلمانن وسان ڪين گهٽايو، وڻن ۽ جھنگلي جيوت کي تمام گهڻو نقصان رسايو. بارڊر تي موجود اسان جي محافظن پڻ جھنگلي جيوت کي گهٽائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي.
نوي جي ڏھاڪي ۾ انڊين بارڊر ڪراس ڪري ڪجھه ھرڻ پاڪستان واري ٿر ۾ داخل ٿيا ۽ اھڙي ريت ٿر جي مختلف علائقن ۾ پکڙجي ويا. ٿر ۾ جيئن تھ ھرڻ ناياب ٿي ويا ھئا، انھيءَ ڪري ٿر جي ماڻھن ھنن ھرڻن کي مھمان سمجھيو ۽ پنھنجي خوش قسمتي سمجھي تحفظ ڏيڻ شروع ڪيو. برادري ۽ ڳوٺاڻي سطح تي ماڻھن جو اھو گڏيل فيصلو ھو تھ پنھنجي سيم ۾ ھرڻ جو شڪار ناھي ڪرڻو ۽ نھ ئي ڪنھن کي ڪرڻ ڏينداسين.
سنڌ جي ڀوتارن خاص طور تي وڏن جاگيردارن جو شڪار ڪرڻ اھم شغل رھيو آھي، انھن پنھنجي شڪاري جبلت جي تسڪين لاءِ ڪيٽين تي شڪاري ماحول جوڙي ڇڏيو آھي، جتي مختلف جانور ۽ پکي ڇڏيا آھن. انھن جانورن ۽ پکين جي رک لاءِ پنھنجا ماڻھو مقرر ڪيا آھن، جيڪي پورو سال سنڀاليندا آھن. اھي ڀوتار شڪار لاءِ ڀرپور تياريون ڪندا آھن، سوين ماڻھن، شڪاري ڪتن ۽ ھٿيارن جو بندوبست ڪندا آھن. پاڻ نشاني بازيءَ جا بھ ماھر آھن ۽ معصوم جانورن ۽ پکين جو شڪار ڪري فخر محسوس ڪندا آھن. ھتي انھن جا نالا لکڻ مناسب نٿو سمجھان پر شڪار جي شوقينن ۾ اسان جا ڪيترائي محبوب اڳواڻ ۽ مير پير پڻ آھن.
گذريل ٻن ڏھاڪن دوران ٿر جي ماڻھن مختلف شڪار جي شوقينن سان مھاڏو اٽڪايو آھي. شڪارين کي پڪڙيو آھي ۽ پوليس جي حوالي ڪيو آھي پر قانون سازي ڪندڙن شڪارين لاءِ آساني پيدا ڪري ڇڏي آھي. ڏنڊ جي معمولي رقم ڀرڻ سان ڇٽي ٿا وڃن. ٿر ۾ شڪار لاءِ ايندڙ يا شڪار ڪرائيندڙ ھيٺيون ڌريون سامھون آيون آھن.

  1. پاڪستان جي مختلف صحرائي علائقن ۾ عرب شھزادا پنھنجي ملڪ جي نمبر پليٽ وارين گاڏين ۾ گھمندي نظر ايندا آھن. انھن شھزادان کي حڪومت پاڪستان پاران شڪار ڪرڻ جي اجازت مليل ھوندي آھي ۽ انھن جي تحفظ جو پڻ سرڪاري بندوبست ھوندو آھي. مقامي سطح تي سھولتڪارن جو ھڪ وڏو نيٽ ورڪ ھوندو آھي جيڪو کين ھر سال شڪار ۾ مدد فراھم ڪندو آھي. ٿر جي وٽ واري علائقي ۾ نظر ايندا آھن. بظاھر اھي تلور پکي جي شڪار لاءِ ايندا آھن پر سندن شڪار جو دائرو وسيع ھوندو آھي. ھن طبقي سان مھاڏو اٽڪائڻ جي تازو مثال ملير جي رھواسي شھيد ناظم جوکئي قائم ڪيو آھي ۽ انھي واقعي کان پوءِ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ پڻ عرب شھزادن جي شڪار ۾ رنڊڪون وڌي ويون آھن.
  2. سياسي ڀوتار ڪنھن وڏي دعوت ڪرڻ لاءِ پنھنجن واٺن منجھان شڪاري ٽيم ٺاھي مقامي سھولتڪارن جي معرفت شڪار ڪرائيندا آھن. ڪڏھن ڪڏھن شڪار کين ڦٻي وڃي ٿو پر گھڻو ڪري ڳوٺاڻا شڪارين کي ڀڄائي ڇڏيندا آھن. اھڙي قسم جا ڪجھه مشھور واقعا پڻ منظر عام تي آيا ھئا.
  3. ٿر ۾ ڪجھه واقعا اھڙا پڻ پيش آيا، جن ۾ ڳوٺاڻن پوليس جي عملدارن کي شڪار ڪندي پڪڙي ورتو ۽ سڳ سوڌو سوگھو ڪري ميڊيا جي سامھون آندو. مورن جو شڪار گهڻو ڪري بارڊر تي ويٺل محافظ ڪندا رھيا آھن، ننڍپڻ ۾ ڪجھه اھڙن واقعن جو آئون پاڻ بھ شاھد آھيان.
  4. مقامي ڀوتار جا شوق ۽ عادتون وڏن ڀوتارن واريون لڳ ڀڳ ساڳيون ھونديون آھن. انھيءَ ڪري مقامي دعوتن توڙي ذاتي محفلن ۾ تتر، ھرڻ ۽ سھي وغيره جو گوشت لازم ٿيو وڃي. انھيءَ طبقي جو ھونئن بھ ڪو عوام دوست ۽ ماحول دوست رويو تھ ھوندو ناھي.
    ٿر جي ماڻھن جي نفسيات ۽ سماجي ڍانچي کي سمجھندي حڪومت ۽ سنڌ جي سماجي ۽ سياسي ڌرين کي تڪليف جي گهڙين ۾ مرھم رکڻ گهرجي. ھرڻين جا قبرستان ٺاھڻ جي فلسفي کي سمجهڻ جي ضرورت آھي. ڪوئلي جي کوٽائي ۽ روڊ رستا ٺھڻ کان پوءِ ھيءَ پرامن خطو خطري ھيٺ آھي ۽ اڻ وڻندڙ واقعن ۾ تيزي آئي آھي. ٿر جا ماڻھو مستقبل جي خطرن کان غافل ناھن، انھيءَ ڪري انوکي قسم جا احتجاج ٿا ڪن. حڪومت ۽ سماجي توڙي سياسي ڌرين کي ٿر جي آواز کي دٻائڻ بدران حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي ۽ ٿر جا معدني وسيلا توڙي جھنگلي جيوت کي بچائڻ لاءِ فوري طور قانون سازي ڪرڻ جي گھر ڪرڻ گھرجي.
    )هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button