
پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا سجل علي مجسما ساز بڻجي مداحن کي حيران ڪري ڏيو آهي. ميڊيا مطابق سجل علي ساٿي اداڪار شهريار منور سان گڏ نئين روپ ۾ فوٽو شوٽ مڪمل ڪرائي ورتو آهي، جنهن جون تصويرون پڻ هن شيئر ڪيون آهن، جن کي ڏسي مداح سندس سونهن ۽ انداز جي ساراهه ڪري رهيا آهن. جڏهن تھ مداحن تصويرن تي ڪمنٽس ڪندي چيو آهي تھ سجل جو هي انداز دليون کٽي ويو آهي.