ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جيئري به جرڪن جڳ ۾، مُئي به لهَن مانُ

Editorial-Article- Abdul Haleem Soomro

عبدالحليم سومرو

اسين هميشه ڪتابَن ۾ سٺَن ماڻھن جون سٺيون ڳالهيون ۽ سچن ماڻھن جُون سچيون، کَريون ڳالهيون پڙھندا رهندا آھيون. منهنجي دل جي اُها خواهش رهندي رهي آھي، ته جيڪي مسڪينن جي مَهل ۾ مدد ڪَن ٿا، ڪنهن ٻئي جَي ڏک، درد ۾ پنهنجون اکيون آليون ڪَن ٿا، ضرورتمندن جي اخلاقي ۽ مالي مدد ڪَن ٿا، جيڪي سادگي ۽ عاجزي پسند هوندا آھن، استادن جو ادب ڪندڙ ۽ ڪوڙ جو ڪنڌ مروڙيندڙ ھوندا آھن، جن جي محفل جو سينگار پورهيت، غريب، هاري ۽ يتيم ٻار هُجن، جن جي ڪچھريءَ جا عنوان حوَس پرستي، مطلب پرستيءَ ۽ پيٽ پرستي بجاءِ انسان دوستيءَ ۽ قومپرستيءَ جهڙا موضوع هُجن. اهي پوءِ ڪنهن به علائقي ۾ رهندڙ ۽ ڪهڙي به ذات جا ماڻھو ڇو نه هجن، انهن ۽ اهڙن چڱايُن جا ڪم ڪندڙ ۽ نيڪيءَ جو ساٿ ڏيندڙ، ماڻھن سان ملجي، انهن کي ۽ انهن جي زرخيز زمين جهڙي دل ڏسجي! اُهي ڪيئن وقت گذارن ٿا، ۽ سماج کي سنوارن ٿا.
منهنجي اها خواهش ۽ حسرت تڏهن پوري ٿي، جڏهن منهنجي ڪامريڊ الطاف حُسين شيخ سان ملاقات ٿي. هُو توڙي جو منهنجي مرحوم پيءُ جو مُحبتي ۽ صحبتي ساٿي هيو. منهنجي والد جي وفات بعد ڪامريڊ خلوص ڀَري محبت جو تسلسل جاري رکيو، ۽ اسين به کيس وڏو سمجهي عزت ۽ احترام سان ملندا رهياسين. پوءِ اهو رهاڻن جو سلسلو ۽ رشتو دوستي جي روپ ۾ بدلجي ويو. آءُ حيران آهيان ته ڪامريڊ مون سان اهڙيون ڳالهيون ۽ راز شيئر ڪيا، جو پاڻ کي خوشنصيب پيو سمجهان، ته مون کي اِن قابل سمجهي اندر جو احوال اوري ٿو.
منهنجو ڪامريڊ سان 2007ع کان وٺي مِلڻ، جُلڻ جو سلسلو شروع ٿيو ۽ ڪيتريون ئي يادگار ۽ خوبصورت ڪچھريون، رهاڻيون ۽ سفر ڪياسين.
جيئن لطيف سرڪار فرمايو آھي ته:
جتي جيتريون، لکيون لوح قلم ۾،
اتي اوتريون گهڙيون گهارڻ آئيون.
ڪامريڊ بي خوف ۽ بيباڪ انسان هيو. نصيرآباد لاءِ ته ايئن هيو، جيئن ٿر لاءِ مسڪين جهان خان کوسو. ڊرينج جو مسئلو هجي، شھر جو روڊ هجي، نصيرآباد جي اسپتال هجي يا اسڪول جا مسئلا هجن، گهٽيُن جي فرش بندي هجي يا مٺي پاڻيءَ جو مسئلو هجي، ڪامريڊ بي ڊپو ٿي، اڳڀرو هوندو هيو. ٽي. ايم. او، ڊي. سي، يا ڪنهن به آفيسر سان “Broken English” ۾ وڃي ڳالهائيندو هيو. سوين مسئلن لاءِ سوين درخواستون لکرايائين، ايتري قدر جو سپريم ڪورٽ کان مُثبت جواب مليس. ۽ تقريبن ويهَن جي لڳ ڀڳ غريب هٽايل ٽائون جا ملازم ٻيهر ڊيوٽي تي رکرايائين، ۽ انهن جون پگهارون به وَرتائين.
هڪ دفعي ڏاڍي مزي جي ڳالھه ٻڌايائين ته ڊي سي سان آفيس ۾ وڃي انگلش ڳالهائڻ شروع ڪيم، پر يار هُن کي به وڏي انگلش پئي اچي. پوءِ مون سنڌي ڳالھائڻ شروع ڪيو.
ڪامريڊ اڪثر چوندو هيو، ته ڪنهن به عورت سان امان ڪري ڳالهائجي، ته بدگماني جو خيال ئي نه اچي ۽ ائين ئي شيطان کي موچڙو هڻجي. ان سهڻي سوچ تي مون کي سچل سائين جون سٽون ٿيون ياد اچن:
پرائي عورت ڪو سمجهو که هي مادر سمان
پرائي دولت ڪو سمجهو که هي سنگ سمان
پهر بهي خدا نا ملي هو سچو زمان
ڪامريڊ شهادت جي موت کي ڏاڍو پسند ڪندو هيو. لاڙڪاڻي جي پرائيويٽ سينٽر ۾ ڪامريڊ مون سان روئي پَيو، ته شھيد ٿيڻ جي خواهش پوري نه ٿي. مون کيس هڪ نيڪ ماڻھو جي ڳالهھ ٻڌائي، ته “آپريشن جو موت شھادت هوندو آھي.”
آخري گهڙين ۾ نياڻين لاءِ پريشان هوندو هيو، ۽ چوندو هيو ته غريب، شريف گهراڻي جو ڇوڪرو هجي، جنهن سان رشتو ڪجي. پنهنجي فقط هڪ ئي پٽ لطف الله تي اعتماد هوندو هيس. پوءِ امڙ جي دعا ٻڌائيندو هيو، ته پٽ ھڪ اٿئي پر هڪ ئي توکي گهڻو ڏيندو.
آءُ جڏهن ايم.فل ڪندو هيس ته وڏيون فيون، ۽ هر هفتي ڪراچي وڃڻ ڪافي مشڪل هيو. انهن گهڙين ۾ ڪامريڊ منهنجي اخلاقي ۽ مالي مدد ڪئي، ۽ هڪ نصيحت به ڪيائين ته پاڻ ڀَرو ٿي. آءُ به ڪنهن طالب علم جي رهنمائي ڪيان. هڪ دفعي پيچوها ڳوٺ وٺي ويو هيو جتي پنهنجي معزز ۽ محترم استاد جنهن جو اڪثر وڏي محبت ۽ عقيدت سان ذڪر ڪندو هيو، جنهن کيس يتيمي ڏينهَن ۾ خيال رکيو هيو، اُن سان ملايائين جنهن به اسان کي عزت ڏني ۽ خدمت ڪئي. بعد ۾ اُتان ئي پيرين پنڌ لالورائنڪ آياسين، جتي تارڪ نجفي سائين جي درگاھه آھي، ان جي زيارت ڪئي سين. گادي نشين سيد ڏنل شاھه سان ملياسين، جنهن منجهند جي ماني کارائي. پوءِ وري واپس نصيرآباد آياسين، رستي تي ڪچھري ۾ ٻڌايائين ته ڀائر چوندا آھن ڪار آھي، استعمال ڪري سگهين ٿو. پر مون کي هيئن سفر ڪرڻ وڻندو آھي.
ڪامريڊ کي وڏي ڀاءُ ممتاز علي جو ڏاڍو احترام هوندو هيو، جو ڪامريڊ کي شھر يا ماڻھن جي مسئلي ۾ اڳڀرو ڏسي کيس سمجهائيندو هيو، ته ڪامريڊ خاموش رهندو هيو.
اڪثر اسين قبرستان ويندا هياسين، پوءِ چوندو هيو ته هيءُ به عجيب دنيا آھي جيڪا دنيا جو لطف وساري ٿي ڇڏي. پر جڏهن منهنجي ٽريننگ لڳي هئي، ڪامريڊ به پنهنجي ڪم سان ڪراچي آيل هيو ته منهنجي اصرار تي هو “Regent Plaza” آيو، ۽ پوءِ رات رهيو. جيئن ئي ڪامريڊ شاهراهھ فيصل تي اڏيل شاندار هوٽل ۾ داخل ٿيو ته يڪدم هي لفظ چيائين ” جيڪڏهن هن دنيا ۾ لالچ نه هجي ها ته هِن قسم جون خوبصورت عمارتون به نه هجن ها.”
ڪامريد جي ٿورين ڳالهين کي مختصر ڪجي ته ڪامريڊ سان ڪيل ڪچھريون، گهاريل پَل، گڏ کائڻ پيئڻ، ۽ سماجي مسئلن ۽ انهن جي حل تي ڳالهائڻ منهنجي زندگي جو اَڻ وسرندڙ حصو آھي، جيڪي ايندڙ لکڻين ۾ اوربيون. دل کي اهو يقين ئي نٿو اچي ته ڪامريڊ قبرستان جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ستل آهي! هُو اسان کان جسماني طور ته 2013ع ۾ وڇڙي ويو، پر اسان کان روحاني طور وسري نٿو سگهي. ڇو جو هُو وسارڻ جهڙو شخص ئي ناهي، جيئن هُو ڌرتي ۾ دفن آهي ۽ محفوظ آھي، تيئن هُن جُون يادون ڳالهيون، گهمڻ ڦرڻ، ڪريم بخش شيخ جي هوٽل تي ويهي چانهيُون پيئڻ پيئارڻ، ۽ حقن لاءِ وڙھڻ ۽ ڌرتيءَ جُون ڳالهيون ڪرڻ، اهي اڄ به اسان جي اندر ۾ محفوظ آھن.
هن جو جُڙيل گلشن ويڙھو، شل سدائين سائو رهي. آمين
باقي ڪامريڊ جو نمبر جيڪو منهنجي موبائل ۾ save آھي، پر هُن سان ملاقات لاءِ هاڻي نه نمبر ڊائل ڪبو، نه دروازو کڙڪائبو، پر نورشاھه بادشاھه جي اڱڻ تي سُتل ڪامريڊ جي ملڻ لاءِ لطيف سرڪار جو هي بيت ضرور جهونگاربو:
جا ڀون مٿي مون، سا ڀون مٿي سڄڻين،
ڌڱ لٽبا ڌوڙ ۾، اُڀي ڏٺاسون,
ڏينهن مڙئي ڏون، اٿي لوچ لطيف چئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button