پنجاب ۾جولاءِ جي ٽئين هفتي ۾ٿيندڙ ننڍي چونڊ مسلم ليگ (ن) کان سياسي طور تي نه رڳو تخت لاهور ڇڏائجي ورتو آهي، پر هاڻ مسلم ليگ (ن) کي اسلام آباد تي ڪنٽرول به سولو نه رهيو آهي. سياسي طور تي ڏٺو وڃي ته 16 پارٽين جي اتحاد جي نتيجي ۾ عمران خان جي خلاف ڪيل عدم اعتماد کان پوءِ اتحادين وفاقي حڪومت جا معاملا ته ڏکيا سکيا حل ڪري ورتا، پر پنجاب صوبي جو معاملو هنن جي ڪنٽرول ۾ آخر تائين نه اچي سگهيو. لڳي پيو ته پنجاب صوبي جي ئي سياست بابت اٻهرائي واري فيصلي جي نتيجي ۾ اتحادين لاءِ هاڻ وفاق ۾ حڪومت ڪرڻ به مسئلو بنجي ويو آهي. چوڻ وارا ته چون ٿا ته بند ڪمري جي فيصلي موجب، عمران خان جي حڪومت جي خلاف عدم اعتماد کان پوءِ پنجاب صوبو مسلم ليگ (ن) جي حوالي ٿيڻو نه هو. پر شهباز شريف جي اجائي ضد جي ڪري اهو معاملو ايڏو اينگهجي ويو. ڪپتان جو سياست ۾ اچڻ کان پوءِ ڪرڪيٽ جون ڳالهيون سياسي اصطلاح ۾ عام ٿيڻ لڳيون آهن. جنهن ۾ هڪڙو اصطلاح اهو به هلندڙ آهي، ته ڪپتان هڪڙي بال سان ڪيتريون ئي وڪيٽون اڏائي ڇڏيون آهن. عمران جي نقطه نظر موجب هن اسٽيبلشمينٽ، اليڪشن ڪميشن، پي ڊي ايم، مريم نواز، شريف پيءُ ۽ پٽ، کي به شڪست ڏني آهي.
سياسي تجزيي نگار اهو چوڻ تي مجبور ٿي پيا آهن، ته پي ڊي ايم ۽ پ پ جهڙيون وسيع سياسي تجربو رکندڙ پارٽين کي عدم اعتماد واري ڌٻڻ ۾ ڪيئن ڦاسائي، انهن کان ڪيئن آءِ ايم ايف وارا ڳرا فيصلا ورتا ويا. هونءَ به 2018ع واري چونڊ کان پوءِ ملڪ جي سياست ۾ جنگ جو ميدان پنجاب بنجي سامهون آيو آهي. ان ڪري ڏٺو وڃي ته وفاقي سطح تي عمران خان جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ جي ڪاميابيءَ کان پوءِ سڄي سياست جي سئي پنجاب ۾ اٽڪي بيٺي رهي آهي. عدالتن جا منحرف ميمبرن خلاف فيصلا، اليڪشن ڪميشن جا فيصلا، وڏي وزير جي حلف برداريءَ جو وڏي عرصي تائين اٽڪي پيل معاملو، گورنر پاران وڏي وزير کي حلف نه کڻائڻ، پنجاب ۾نئين گورنر جي ٽن مهينن تائين اٽڪي پيل مقرري، حمزه شريف جو پنجاب اسيمبلي بدران ايوان اقبال ۾ اعتماد جو ووٽ وٺڻ، مخصوص سيٽن تي اليڪشن ڪميشن جو دير سان ايندڙ فيصلو، مسلم ليگ (ن) کي پنجاب جي سياست نڙيءَ ۾ اٽڪي پيل رهي. جيڪا نه هو ڳهي سگهي ۽ نه وري ٿوڪاري سگهي.
پر موجوده ننڍي چونڊ مسلم ليگ (ن) لاءِ اهو اعلان ثابت ٿيو آهي ته هاڻ پنجاب مسلم ليگ (ن) جي هٿ ۾ نه رهيو آهي. ان کان اڳ ۾ مسلم ليگ (ن) پاران دعويٰ ڪئي ويندي رهي آهي، ته (ن) ليگ جي سيٽ ئي ڪاميابيءَ جي ضمانت آهي. پر پنجاب جي ننڍي چونڊ مسلم ليگ (ن) جون اهي سموريون دعوائون ڪوڙيون ثابت ڪري ڇڏيون آهن.
ڏٺو وڃي ته مسلم ليگ (ن) جي هارائڻ جا ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا. مسلم ليگ (ن) جي قيادت اها ڳالهه تسليم ڪري ٿي، ته ننڍي چونڊ ۾ منحرف ميمبرن کي ٽڪيٽون ڏيڻ کان پوءِ، انهن تڪن جي اصلي مسلم ليگي (ن) جي اميدوارن جي ناراضگي سبب اهڙا نتيجا سامهون آيا آهن. پر ڏٺو وڃي ته مسلم ليگ (ن) جي هارائڻ جو سبب رڳو اهو اڪيلو به ناهي. مسلم ليگ (ن) جي مقابلي ۾ عمران خان وڌيڪ منظم انداز ۾ اليڪشن هلائي. لوٽا لوٽا سياست ۾ گار بنجي ويا. جڏهن ته مسلم ليگ (ن) حڪمراني واري انداز ۾ تڪ جي ڊي سيز، ايس ايس پيز کان وٺي تپيدارن ۽ صوبيدارن تي ڀاڙيندي رهي. مسلم ليگ (ن) پاران جڏهن ڏٺو ويو ته هاڻ ڳالهه هٿن مان نڪريو پئي وڃي ته ٻن وفاقي وزيرن سعد رفيق ۽ اياز صادق کي وزارتن تان استعيفا ڏياري اليڪشن مهم ۾ لاٿو ويو. پر حيرت جي ڳالهه آهي ته (ن) ليگ لاهور جي شهر مان هڪ جي مقابلي ۾ ٽن سيٽن تان هارائي وئي آهي. ڪنهن صحافي جو اهو چوڻ هو ته هوڏانهن سڄو پنجاب هڪ طرف ۽ ٻئي پاسي رڳو اڪيلو لاهور ئي اهم آهي. جڏهن ته بجلي، پيٽرول، گيس ۽ ٻي مهانگائيءَ جو بدلو عوام فقط ووٽ نه ڏئي ئي حڪمران ڌر کان وٺي ورتو آهي. جمهوري ڪلچر ۾ ووٽ جي اهائي وڏي طاقت آهي. جيڪا هو ڪنهن حڪمران جي خلاف استعمال ڪري سگهي ٿو. اهو پنجاب جي عوام شعوري طور بلڪل ثابت ڪري ڏيکاريو آهي. ظاهر آهي ته ڪپتان خلاف مهانگائيءَ کي بنياد بنائي ريليون ڪڍيون ويون. عدم اعتماد کان پوءِ ايندڙ نئين حڪومت پاران جڏهن مهانگائيءَ ۾ رليف ڏيڻ بدران وڌيڪ مهانگائي وارا فيصلا ورتا ته اليڪشن ۾ اهڙو فيصلو اچڻ ڪا حيرت جهڙي ڳالهه نه آهي.
هوڏانهن اهو ڏسڻو آهي ته پنجاب جي انهيءَ ننڍي چونڊ جو ملڪي سياست ۾ ڪهڙو اثر ظاهر ٿيندو؟ بظاهر ته هن ننڍي چونڊ جو سڌو سنئون اثر پنجاب جي وڏي وزير حمزه شريف جي وڏ وزارت تي پوڻو آهي. پر ڏٺو وڃي ته پنجاب جي هن ننڍي چونڊ جا ان به وڌيڪ ٻيا وڏا نتيجا نڪرڻا آهن. هن چونڊ جو نه رڳو وقت کان اڳ ۾ عام اليڪشن ڪرائڻ واري ڳالهه زور پڪڙيندي، پر نومبر واري فيصلي تي به هن چونڊ جو اثر پيو آهي. هڪ طرف پنجاب جي ننڍي چونڊ عمران خان جو سياسي مورال بلندين تي پهچائي ڇڏيو آهي. سياسي طور هو اها دعويٰ ڪري سگهي ٿو ته منهنجي خلاف ڪيل سازش کي عوام قبول نه ڪيو آهي. اهوئي سبب آهي ته هو پهرين ڏينهن کان وٺي پنهنجو ڪيس سڌو سنئون عوامي جلسن ۾ پيش ڪري رهيو آهي. عالمي سطح تي به پنجاب جي ننڍي چونڊ کي دلچسپيءَ سان ڏٺو ويندو رهيو آهي. جيتوڻيڪ خزاني واري وفاقي وزير جي ڪالهه واري اها دعويٰ ته آگسٽ ۾ آءِ ايم ايف جي قسط پهچي ويندي. ڪجهه اقتصادي ماهرن موجب هاڻ انهيءَ قسط جي پهچ ۾ به خدشو پيدا ٿي پيو آهي. ننڍي چونڊ جي نتيجن کان پوءِ ميڊيائي رپوٽ موجب اتحادي پارٽين جي اڳواڻن جو فون تي رابطو ٿيو آهي. پر ننڍي چونڊ کان پوءِ هنن سٽن لکجڻ تائين حڪمرانيءَ بابت ڪو حتمي فيصلو سامهون نه آيو آهي.
ميڊيا جي ذريعن پاران جاري ڪيل بيان موجب لنڊن مان ميان نواز شريف حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو چئي ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ سياسي تجزيي نگار هن ننڍي چونڊ جي نتيجن کان پوءِ مسلم ليگ (ن) کي سياسي طور چار سال پوئتي هليو وڃڻ قرار ڏنو آهي. پر مسلم ليگ (ن) وسيع تجربو رکندڙ سياسي پارٽي آهي. ان ڪري مريم نواز پاران پنجاب جي ننڍي چونڊ جا نتيجا خوش اسلوبيءَ سان قبول ڪرڻ ۽ پنهنجي ڪمزورين جي نشاندهي ڪري انهن جو ازالو ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. جڏهن ته اڳوڻي وفاقي وزير سعد رفيق جو چوڻ ته سياست ۾ اليڪشن ۾ هار ۽ جيت ٿيندي رهندي آهي. اسان نئين انداز ۾ پنهنجي سياست جي شروعات ڪنداسين. ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته هيءَ ننڍي چونڊ ته هڪڙي راند هئي. اصل مقابلو ته هاڻ عام چونڊن ۾ ٿيڻو آهي. ان ڪري هاڻ هر سياسي پارٽيءَ جو اصل مقصد ايندڙ عام چونڊون بنجي ويو آهي. پر عام چونڊون ڪڏهن ٿينديون.؟ اهو هڪ ڏکيو سوال هر سياسي پارٽيءَ وٽ اڄ جي ايجنڊا ۾ موجود آهي.
هڪ طرف اتحادي حڪومت 2023ع جي آگسٽ يا آڪٽوبر ۾ ڪرائڻ جون ڳالهيون ڪندا رهيا آهن. جڏهن ته مخالف ڌر پاران عمران خان فوري طور تي اليڪشن ڪرائڻ وارو مطالبو ڪندو رهيو آهي. ڏسڻو اهو آهي ته هن ننڍي چونڊ کان پوءِ پنجاب ۾ متوقع پرويز الاهيءَ جي وڏ وزارت به 2023ع تائين پنجاب جي حڪومت هلائيندي، يا وقت کان اڳ ۾ اسيمبلي ٽوڙي عام چونڊن ڏانهن ويندي. چوڻ وارا ائين به چون ٿا ته هن ننڍي چونڊ جي نتيجن کان پوءِ پنجاب جي متوقع وڏي وزير پرويز الاهي ذريعي ڪپتان سان ايندڙ اليڪشن ۽ ملڪي مامرن جي سياست بابت اسٽيبلشمينٽ جون ڳالهيون ٿيڻون آهن. چوڻ وارا ته اهو به چون ٿا ته انهن ڳالهين جي ايجنڊا وغيره به طئي ٿي چڪي آهي.