ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪنهن جي هار ۽ ڪنهن جي جيت؟

Editorial-Article- Ajaz Mangi

شڪست جو ذائقو زهر کان وڌيڪ ڪڙو هوندو آهي. ان جو احساس اڄ ميان نواز شريف ۽ هن جي ڌيءَ مريم کان وڌيڪ ٻيو ڪير محسوس ڪري سگهي ٿو؟ اهو خاندان جنهن ٽن ڏهاڪن کان وٺي پنجاب جي دل تي راڄ ڪيو، اڄ انهن کي پنهنجي هار ڪيتري نه مشڪل لڳندي هوندي؟ مريم نواز ڪيترو به چوي ته ”هار جيت ٿيندي رهندي آهي“ پر هيءَ هار مسلم ليگ ن ڪڏهن به فراموش ڪري نه سگهندي. ڇو ته هيءَ هار هن کي پنجاب جي ميدان تي ان ماڻهوءَ ڏني آهي، جنهن کي پنجابي ڳالهائڻ به نه ايندي آهي ۽ وڏي ڳالهه اها آهي ته هن شريف خاندان کي هيءَ هار ان مهل ڏني آهي، جڏهن اقتدار انهن وٽ هو. اقتدار صرف وفاقي نه پر صوبائي به! انهن جي پوري مشينريءَ کي سالن کان وٺي معلوم آهي ته نتيجا پنهنجي حق ۾ ڪيئن آڻبا آهن؟ ڪهڙي طرح صاف ۽ شفاف ڌانڌلي ڪبي آهي؟ ڪهڙو پٽواري ڪهڙيون پولنگ اسٽيشنون کٽائي سگهي ٿو؟ ڪهڙو آر او ڪٿي فائدو پهچائي سگهي ٿو؟ اهي سڀ گر ۽ هنر هوندي به مسلم ليگ ن يعني مسلم ليگ نواز تمام بري طرح سان شڪست کائي وئي. هن کي اها شڪست پنجاب ۾ ملي آهي ۽ پنجاب جي صوبائي چونڊ ۾!
اسان کي اها ڳالهه هرگز نه وسارڻ گهرجي ته 1988 جي چونڊ ۾ جڏهن بينظير ڀٽو طوفان بڻجي سنڌ ۾ ڪوٽ ۽ ڪنگرا اڏائي رهي هئي ۽ پورو پنجاب به هن سان گڏ هو، تڏهن ميان نواز شريف جي صرف هڪ نعري پوري ماحول کي تبديل ڪري ورتو هو ۽ اهو نعرو هو ”جاڳ پنجابي جاڳ، تيري پگ نون لگ گيا داغ“ ان نعري قومي اسيمبليءَ جي چونڊ ۾ هارايل نواز شريف کي ايترا ته ووٽ وٺي ڏنا جو هو بينظير ڀٽو جي وزارت اعظميٰ ۾ پنجاب جو وزير اعليٰ بڻيو هو. پر اڄ ان شريف خاندان جو چشم چراغ تخت لاهور تان نه صرف لهڻ جي تياريءَ ۾ آهي پر تمام گهڻي بي آبرو طريقي سان لهڻ جي تياريءَ ۾ آهي. ڇو ته هن جي هارايل حڪومت جي ڪلهن تي ويهن لوٽن جا لاش به پيا آهن.
هار ۽ جيت ڪڏهن ڪڏهن واقعي ڪا معنيٰ نه رکندي آهي. خاص طور تي ان صورت ۾ جڏهن ڪو ماڻهو يا ڪا ڌر اصولن تي بيٺل هجي ۽ اها پوري بهادريءَ بلڪه سرفروشيءَ سان پنهنجو ميدان ملهائي ۽ اهو ڪجهه ڪري ڏيکاري، جنهن جي ڪنهن کي ڪا توقع نه هجي. اهو ئي سبب آهي ته انگريزيءَ جو هڪ جڳ مشهور پهاڪو آهي ته ”اهو نه ڏسو ته ڪير کٽيو ۽ ڪير هاريو؟ پر اهو ڏسو ته ڪير ڪيئن وڙهيو؟“ جيڪڏهن شريف خاندان ان اصول سان وڙهي ها، جيڪو اصول جمهوريت جو روح هوندو آهي ته هن مٿان ڪو آڱر کڻڻ جي جرئت نه ڪري سگهي ها پر اڄ سوشل ميڊيا ۾ هن شريف خاندان جو سياسي جنازو اهڙي انداز سان نڪري رهيو آهي جو هن جا دشمن به غمگين نظر اچي رهيا آهن. مسلم ليگ ن وٽ هاڻي ڇا رهيو؟ نه اصول ۽ نه اهو ساڳيو جوش جيڪو ڪجهه وقت اڳ نظر ايندو هو. مسلم ليگ ن ته مڪمل طور تي هارائي وئي.
شريف خاندان کي اها هار ڪيتري ڏکي پوندي؟ جيتوڻيڪ هيءَ هار ضمني چونڊن جي آهي ۽ پر پوءِ به ان هار مسلم ليگ ن کي اهڙي ته سياسي سيکت ڏني آهي، جنهن مان هوءَ گهڻو ڪجهه سکي سگهي ٿي پر ان سکڻ جي قيمت به ڪا گهٽ نه هوندي. مسلم ليگ ن کي تمام گهڻو ڏنڊ ڀرڻو پوندو. ڇو ته مسلم ليگ ن صرف ٻن مهينن جي اقتدار جي جيڪا قيمت ادا ڪئي آهي، ان جو اندازو مسلم ليگ ن جي سينئر قيادت سميت ميان نواز شريف کي به نه هو ته هن کي ايتري ۽ اهڙي شڪست به اچي سگهي ٿي، جنهن لاءِ مخالف ”شرمناڪ شڪست“ جو محاورو پيش ڪندا آهن. هن مهل مسلم ليگ ن جي پاسي ماتم آهي ۽ نه صرف ماتم آهي پر پنجابي ۽ اهو به ٺيٺ پنجابيءَ ۾ جهيڙي جو اهو شور آهي، جنهن ۾ هڪ ٻئي سان اهڙي ڪئي ويندي آهي، جنهن جو پورو تفصيل گهٽ ۾ گهٽ اخبار ۾ ته لکي به نه ٿو سگهجي پر خير جيڪو به ٿيو آهي، ان مان مسلم ليگ ن ۽ خاص طور تي شريف خاندان ڪيترو ارهو ٿيو آهي؟ ان جو پتو ته پاڻ کي پارٽيءَ جو حصو نه هوندي به پئجي سگهي ٿو.
مسلم ليگ ن کي پلئه پيل ان شڪست جا هن حڪومت تي ڪهڙا اثر پوندا؟ ان سوال تي ته گذريل ڏينهن کان وٺي ماهر تير اندازي ڪري رهيا آهن پر ان کان به اهم سوال اهو آهي ته شريف خاندان کي حاصل ٿيل ان هار جا زرداري ۽ شهباز شريف جي ياريءَ تي ڪهڙا اثر مرتب ٿيندا؟ ڇا اها دوستي اڃان تائين هلندي؟ ميان نواز شريف ۽ هن جي ڌيءَ ۽ هن جي پارٽيءَ جا سينئر اڳواڻ خاص طور تي جيڪي اسٽيبلشمينٽ خلاف گهڻو گجندا ۽ گرجندا رهيا آهن، انهن جو سئو سيڪڙو خيال هو ته آف زرداري شهباز شريف جو ساٿ نه ڏئي رهيو آهي پر هن کي هڪ اهڙي هار طرف وٺي وڃي پيو، جنهن کي تاريخي کان سواءِ ٻيو ڪو نالو ڏيڻ ۾مشڪل آهي. ن ليگ جا ڪجهه حلقا ته اهو به چئي رهيا هئا ته پيپلز پارٽي اسان کان انتقام وٺي رهي آهي. اها اسان کي اتي پهچائيندي جتي اسان وٽ نه وفاق هوندو ۽ نه پنجاب هوندو!! هن مهل اهي حلقا بار بار هٿ اڇلائي اڳواٽ دل هارايل قيادت آڏو دانهين رهيا آهن ته انهن ڇا پئي چيو؟ چيو ته مريم نواز به هو ۽ هن نه صرف ميٽنگن ۾ پر هن جلسن ۾ چيو هو ته اسان کي عمران خان جي شڪست جو بار پنهنجن ڪلهن تي نه کڻڻ گهرجي. پر ميان شهباز شريف هن ڀيري به پنهنجي وڏي ڀاءَ کي مجبور ڪري وڌو. هن پنهنجي وڏي ڀاءَ جي پيرن تي هٿ رکي اهوئي ڪجهه چيو هوندو، جيڪو اڄ ڪلهه ٽڪ ٽاڪ تي ٽرينڊ پيو هلي ته ”توهان سمجهيو هوندو ته مون کي وزير اعظم ٿيڻ جو شوق آهي؟ پر مجبوري آهي“ ۽ هڪ حوالي سان ڏٺو وڃي ته هن جي مجبوري به هئي. ڇو ته حالتن هن کي اهڙي موڙ تي اچي بيهاريو هو جو هن لاءِ هڪ طرف جيل ۽ ٻي طرف وزيراعظم هائوس هو.
آصف زرداريءَ جي به اها ئي مجبوري هئي. اهو مجبور اتحاد هو. هن مهل ٻيئي يار جنهن ڪيفيت ۾هوندا، اها ڪيفيت تمام گهڻي مشڪل محسوس ٿي رهي آهي. خاص طور تي ان صورت ۾ جڏهن مسلم ليگ جي حصي ۾ آيل هار جو سمورو الزام پيپلز پارٽيءَ جي سرواڻ آصف زرداريءَ جي مٿان عائد ٿي رهيو آهي. اهڙي حالت ۾ آصف زرداري ته پاڻ کي مليل شڪست جو بيان ڪري به نه ٿو سگهي. ڇو ته آصف زرداريءَ حڪومت حاصل ڪرڻ واري عارضي سوڀ کان پوءِ اهو سوچيو هو ته هو پنهنجي زندگيءَ ۾ بلاول کي پاڪستان جو وزير اعظم ڏسي سگهي ٿو. هن اهڙي خواهش جو اعلان ميڊيا جي آڏو به ڪيو پر ڇا ٿيو؟
مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽيءَ جي پاسي جيڪا ماٺ ۽ ماتم واري ڪيفيت آهي، ان جو الزام هڪ ٻئي مٿان عائد ڪرڻ ان ڪو مسئلو حل ته نه ٿيندو پر وڌندو ضرور! ڇو ته مسلم ليگ ن جي شڪست ته پنهنجي جاءِ تي پر پيپلز پارٽيءَ جهڙي طرح پنجاب ۾ پنهنجو بنياد مضبوط ڪرڻ وارو جيڪو اميدن جو آشيانو ٺاهيو هو، اهو جڏهن هوا ۾ پن پن ٿي اڏامندو نظر اچي رهيو آهي ۽ جهڙي طرح پيپلز پارٽيءَ کي پنجاب مان مڪمل طور تي آئوٽ ٿي وڃڻ جا طعنا ملي رهيا آهن، اها ڪيفيت پيپلز پارٽي جي قيادت ڪنهن سان شيئر ڪري؟
سياست جي دنيا ۾ مضبوط نڪ جي تمام گهڻي ضرورت هوندي آهي ۽ اهو نڪ اقتداري اڳواڻن کي تمام گهڻو ميسر هوندو آهي. ان ڪري اهو نه سمجهڻ گهرجي ته هن ضمني چونڊن جي هار کي دل تي وٺي هو ميدان ڇڏي ڀڄي ويندا. هو جيڪي پنهنجي پاڻ کي همت ڏيارڻ لاءِ اهو دليل پيش ڪري رهيا آهن ته تحريڪ انصاف ويهه سيٽون حاصل ڪيون هيون ۽ هن ڀيري هن چار پنج ته هارايون؟
گلاس اڌ خالي آهي يا اڌ ڀريل آهي؟ اهو ته نظر جو نه پر فڪر جو سوال آهي ۽ اهو تمام گهڻو اهم سوال آهي. پيپلز پارٽي به ميدان سياست ۾ رهندي ۽ مسلم ليگ به پنهنجي ڪوشش جاري رکندي. پر اهو ضروري ناهي ته اهي ٻيئي گڏ هلي سگهن. ممڪن آهي ته اها هار جيڪا بظاهر تمام ننڍڙي آهي پر اها وڏو اثر وجهندي پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جا رستا الڳ به ڪري سگهي ٿي.
هڪ ڌر جي هار ٻي ڌر جي فتح هوندي آهي. اڄ جهڙي طرح مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽيءَ جي پاسي سياسي سوڳ واري ڪيفيت آهي، تهڙي طرح تحريڪ اناف جي پاسي دهل دماما آهن. بني گالا ۾ جشن برپا آهي. پي ٽي آءِ جا اهي اڳواڻ جيڪي سوچي رهيا هئا ته انهن کي وڌيڪ وقت عمران خان ان گڏ رهڻ گهرجي يا انهن کي پنهنجا رستا الڳ ڪرڻ کپن؟ هاڻي ان سوال کي پنهنجي ذهن ۾ آڻڻ لاءِ به تيار ناهن. ڇو ته انهن کي به يقين اچي ويو آهي ته پنجاب عمران خان جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي. جڏهن ته هاڻي اها ڳالهه ڪندي ڪو به نه ٿو هٻڪي ته پاڪستان جي مٿان ڪير راڄ ڪندو؟ ان جو فيصلو ٽي صوبا گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير سان گڏجي به نه ٿا ڪري سگهن. ان جو فيصلو هاڻي صرف ۽ صرف پنجاب ئي ڪري سگهي ٿو. ڇا ضمني چونڊن جو فيصلو پنجاب جو فيصلو سمجهڻ کپي؟ ڇا اهو طئه ٿي ويو آهي ته عمران خان کي هڪ ڀيرو ٻيهر اقتدار ملڻ وارو آهي؟ ڇا اسٽيبلشمينٽ هن جي مٿان ان صورت ۾ به اعتبار ڪري سگهي ٿي؟ سوال تمام گهڻا آهن ۽ جواب پنهنجي وقت ۽ واري جو انتظار ڪري رهيا آهن. پر هن مهل سڀ کان اهم ۽ بنيادي سوال اهو آهي ته ڇا تحريڪ انصاف جي جيت صرف ۽ صرف مسلم ليگ ن جي هار آهي؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button