بالي ووڊ جي مشهور فلم ميڪر وڪرم ڀٽ اداڪارا سشميتا سين تي سندس للت مودي سان تعلقاتن سبب ٿيندڙ تنقيد کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ سشميتا آخري ڇوڪري هوندي جيڪا بينڪ بيلنس ڏسي محبت ڪندي، ڇوتھ اها ٻين ڇوڪرين جيان ناهي. هن جو چوڻ هو تھ بالي ووڊ ۾ سشميتا راڄ ڪري سگهي پئي، پر هن اصولن تي سوديبازي نھ ڪئي ۽ ان جي قيمت پڻ ڀري آهي. هن چيو تھ مون کي ڪنگال هجڻ وارن ڏينهن ۾ سشميتا آمريڪا وٺي وئي ۽ عزت ڏياري، تنهنڪري مٿس اهڙا الزام رد نٿو مڃان.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close