
سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچيءَ ۾ جڏهن به سنڌ جا استاد پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندا آهن ته انهن مٿان سدائين پوليس ڪڙڪي پوندي آهي. سنڌ حڪومت انهن استادن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هوندي آهي، پر لاڳيتو انهن خلاف تشدد جي واٽ وٺندي رهندي آهي. تازو ڪراچيءَ ۾ استادن (جن ۾ عورتون به شامل هيون) تي لٺبازي ڪئي وئي، کين وارن مان جهلي گاڏين ۾ واڙيو ويو ۽ هن وقت تائين اهي استاد جيلن حوالي آهن. ڇا سنڌ حڪومت کي اهو احساس ناهي ته اهي استاد هڪ اهڙي پيشي سان لاڳاپيل آهن، جنهن وسيلي اهي ٻارن جو مستقبل روشن ڪندا آهن ۽ سماج ۾ پڙهيل لکيل ذهن پيدا ڪندا آهن، جيڪي اڳيان هلي سماج ۾ پنهنجو ڪردار بهتر نموني ادا ڪرڻ جي قابل هوندا آهن. مسئلا سدائين ڳالهين وسيلي حل ٿيندا آهن. ڇا پوليس جي تشدد کان پوءِ انهن استادن جا مسئلا حل ٿي ويا آهن يا اهي وري مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچيءَ ۾ احتجاج ڪرڻ ڪونه ايندا.
ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ استادن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، پوليس ڏيڍ سئو کان وڌيڪ استادن کي لٺبازي کان پوءِ لاڪپ ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب ڪراچي ۾ استادن نوڪري تي مستقل ڪرڻ لاءِ پريس ڪلب کان سي ايم هائوس ڏانهن مارچ شروع ڪيو ته پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، پوليس مظاهرين کي سي ايم هائوس(ريڊ زون) ڏانهن وڃڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڇڪتاڻ ٿي، جنهن دوران استادن مٿان لٺيون وسائڻ سان گڏ وٺ پڪڙ به ڪئي وئي. ڏيڍ سئو کان وڌيڪ استادن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته احتجاج دوران ماسترياڻين کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، هڪ ماسترياڻيءَ کي عورت پوليس اهلڪارن وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو، کيس گهيلي موبائل ۾ وڌو ويو. گرفتار ڪيل استادن کي آرٽلري ميدان ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙ استاد اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن، سنڌ سرڪار سندن مطالبا قبول ڪري، کين لٺيون کائڻ جو شوق نه آهي. استاد اڳواڻن الزام هنيو ته پوليس لٺبازي دوران ڪيترن ئي مظاهرين کي کنڀي لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پرامن احتجاج دوران تشدد پڻ ڪيو ويو. هوڏانهن تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه احتجاج ڪندڙ استادن کي طلب ڪري ورتو آهي. سردار شاهه جو چوڻ آهي ته استاد اڳواڻن سان اڄ ڳالهيون ڪيون وينديون.
سنڌ جو وڏو وزير ۽ تعليم وارو وزير به اهو چئي چڪا آهن ته سنڌ ۾ استادن جي گهڻي کوٽ آهي، ان کان سواءِ سنڌ ۾ لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. جيڪڏهن لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن ۽ تازو ڀرتي ڪيل ماستر به اسڪولن لاءِ ڪافي نه آهن ته پوءِ جيڪي استاد اڳ ڀرتي ڪيل آهن، انهن جا مطالبا تعليم کاتو ۽ سنڌ حڪومت مڃڻ لاءِ تيار ڇو ڪونه آهن. ڇا سنڌ جا وزير مشير استادن بنا پڙهيا آهن. انهن کي به اهڙن استادن ئي پڙهايو آهي، جن خلاف لٺ جو سٽڪو لڳو پيو آهي. انهن کي به اهڙن استادن ئي ان مقام تي پهچايو آهي. سنڌ جي وڏي وزير کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ڇو ڪانه ٿي اچي ته ڪڏهن به تشدد جي واٽ وسيلي ڪو حل نٿو نڪري سگهي بلڪه ان لاءِ ضروري آهي ته ڳالهين جو رستو اختيار ڪيو وڃي. ان لاءِ استادن کي ٻڌو وڃي. ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ حڪومت ڪنهن به ريت تشدد جي واٽ اختيار نٿي ڪري سگهي. جڏهن ته اهي استاد ڪراچي پريس ڪلب تي ڪيتري وقت کان موجود هئا. پر انهن کي حڪومت نظرانداز ڪندي رهي.
اسين سمجهون ٿا ته جن پوليس وارن استادن تي بي رحماڻو تشدد ڪيو آهي، انهن کي ترت معطل ڪيو وڃي. سنڌ جي اسڪولن کي بحال رکڻ لاءِ ضروري آهي ته استادن جي مطالبن کي ٻڌو وڃي، انهن کي اهي گهربل سهولتون به اسڪولن ۾ فراهم ڪيون وڃن، جيڪو انهن جو حق آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪنهن به پرامن احتجاج تي ائين تشدد جي واٽ نه ورتي وڃي بلڪه ان لاءِ ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ ئي مسئلي جو آهي. حڪومت کي تشدد واري عمل تي شرمسار ٿيڻ گهرجي.