ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پي ٽي آءِ جي ڪاميابي ۽ باقي پارٽين جو مستقبل

Editorial-Article-Ali Thaheem

پي ٽي آ جي حڪومت کي بي اعتمادي رٿ ذريعي هٽايو ويو ته ان وقت ظاهري طور پي ٽي آ جو گراف ڪمزور نظر اچي رهيو هو. پاڪستان جي وڏن وڏن تجزيه نگارن جي راءِ هئي ته پي ٽي آءِ جو هاڻي وجود ختم ٿي چڪو آهي. ان کان پوءِ عدالت ذريعي پي ٽي آءِ جي 20 ميمبرن جي نا اهل ٿيڻ کان پوءِ انهن سيٽن تي ننڍي چونڊ جو اعلان ٿيو ته به سڀني جي اها راءِ هئي ته ننڍي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ وڌ مان وڌ 2 يا 3 سيٽون کٽيندي، باقي سيٽون مسلم ليگ (ن) کٽي ويندي. پي ٽي آءِ وارن جي دعوا هئي ته اسان 15 سيٽون کٽينداسون پر پنجاب جي ماڻهن حيرت انگيز نتيجا ڏنا. 17 کان 18 سيٽون کٽڻ جون اڳڪٿيون ڪندڙ مسلم ليگ (ن) کي فقط 4 سيٽون مليون. پنجاب جي ننڍي چونڊ مستقبل جي سياست ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندي ۽ ان ننڍي چونڊ کي ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مستقبل ۾ ماڻهو ڪهڙي پارٽيءَ کي اقتدار ۾ ڏسڻ ٿا چاهين. اها حيرت انگيز تبديلي آخر ڇو آئي، منهنجي خيال ۾ انهن حيرت انگيز تبديليءَ جي پٺيان پي ٽي آءِ جو مضبوط بيانيو شامل آهي جنهن کي مزاحمتي بيانيو چيو ٿو وڃي.
پي ٽي آءِ جو شروع کان ڪوڙ يا سچ تي ٻڌل بيانيي تي زور رهيو آهي. هڪڙي هڪڙي ڳالھه کي ايترو ورجايو ٿو وڃي جو ماڻهو ان کي سچ سمجهڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٻيو اسٽيبلشمينٽ ۽ مخالفن خلاف عمران خان جنهن دليريءَ سان پروپيگنڊا ڪئي آهي، اهڙي پروپيگنڊا اڳ ڪنهن به نه ڪئي هئي. عمران خان سڄي ملڪ ۾ جلسا جلوس ڪري پنهنجو موقف مضبوطيءَ سان رکيو. پاڪستان جي تاريخ جو جائزو وٺبو ته خبر پوي ٿي ته هتي مزاحمتي سياست پنهنجي جاءِ ٺاهيندي رهي آهي. پ پ پ به جيستائين مزاحمتي سياست ڪئي، ان وقت تائين پ پ پ ملڪ جي وڏي پارٽي طور سامهون ايندي رهي پر جڏهن کان پ پ پ مزاحمت ڇڏي مفاهمت واري سياست شروع ڪئي، ان ڏينهن کان پ پ پ جو زوال شروع ٿيو ۽ پ پ پ اچي سنڌ تائين محدود ٿي.
هن وقت پنجاب ۾ پي ٽي آئي، مسلم ليگ، (ق) ليگ، ٽي ايل پي اسٽيڪ هولڊر بڻيل آهن پر پ پ پ پنجاب ۾ هن وقت به نالي ماتر وڃي بچي آهي. مسلم ليگ (ن) يا پي ڊي ايم جي ٻين پارٽين پاران جڏهن عمران حڪومت خلاف مهم شروع ڪئي ان وقت انهن مزاحمتي بيانيو شروع ڪيو ته پي ڊي ايم عوام ۾ مقبول ٿي ويئي ۽ پي ڊي ايم عمران حڪومت کي هٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي. حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ پي ڊي ايم مفاهمتي رستو اختيار ڪيو جنهن جو نتيجو اڄ سڀني جي سامهون آهي. پنجاب ۾ پي ڊي ايم جي ناڪاميءَ جو ٻيو فيڪٽر اهو به هو جو مسلم ليگ (ن) انهن لوٽن کي ٽڪيٽون ڏنيون جيڪي پي ٽي آءِ کي ڇڏي مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿيا هئا، انهن کي به پنجابين رد ڪري ڇڏيو. مسلم ليگ (ن) توڙي اتحادين جي ناڪاميءَ جي سببن مان هي سبب به شامل آهي ته مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پي ڊي ايم پاران عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ آڻڻ کيس اقتدار تان هٽائڻ جو سبب ملڪ ۾ مهانگائي، ڪرپشن ۽ نا اهلي ڄاڻايو ويو هو پر مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادين جي حڪومت اچڻ کان پوءِ ڊالر جي اڏام جاري رهي ڊالر 111 روپين تائين وڃي پهتو. تيل جا اگھه آسمان تائين پهچي ويا. ان مهانگائيءَ به پي ٽي آءِ جي ڪاميابي ۽ مسلم ليگ (ن) جي هار ۾ ڪردار ادا ڪيو. عمران خان ۽ سندس ساٿين خلاف ڪرپشن جا الزام لڳايا ويا پر هي حڪومت ڪري ڪجھه به نه سگهي نه ڪنهن تي ريفرنس داخل ٿيو نه ئي موجوده حڪومت ڪو اهڙو قدم کڻي سگهي جنهن مان لڳو هجي ته حڪومت مڪمل پاور ۾ آهي.
هن وقت ڏسڻ ۾ ائين پيو اچي ته اقتدار انهن پارٽين جي منزل هئي. شهباز شريف وزيراعظم بڻجي ويو، ٻين پارٽين وزارتون ورتيون پر انهن ڪو به اهڙو قدم نه کنيو جنهن مان لڳي ها ته حڪومت بااختيار آهي. سڀني ڏٺو پئي ته عمران خان ۽ سندس ساٿين کي شروع وارن ڏينهن ۾ سخت خوف ڇانيل هو. عمران خان بني گالا ڇڏي وڃي پشاور نڪتو ۽ پشاور مان ايستائين واپس نه آيو، جيستائين عدالت سندس عبوري ضمانت منظور نه ڪئي. ڊمي حڪومت اچڻ شرط ملڪ ۾ عوام مٿان ٽيڪسن جي ڀرمار شروع ڪئي. بجلي، تيل ۽ گيس جي اگهن ۾ بي پناهه اضافو ڪيو ويو. ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو طوفان اچي ويو. هڪ پاسي حڪومت عمران خان ۽ سندس ٽولي خلاف ڪجھه به نه ڪري سگهي ته ٻئي پاسي عوام کي رليف به نه ڏئي سگهي. جڏهن حڪمران اتحاد جا حال پورا سورا هجن ته پوءِ عوام اهڙي پارٽي يا ڊمي حڪومت کي ڪٿان ووٽ ڏيندو. پي ٽي آءِ اقتدار کان الڳ ٿيڻ باوجود مخالفن سميت جنهن تي هن چاهيو تنقيد جو بازار گرم رکيو. ميڊيا ۾ ان رهڻ لاءِ جلسن کان پوءِ وڊيو پيغام پنهنجن ماڻهن کي ويهاري سيمينار جو نالو ڏئي پروگرام ڪري تقريرون ڪري دل جي باهه پئي ڇنڊيائين. آهستي آهستي هو سمجهندو ويو ته هي حڪومت مون کي ڪجھه به نه ڪندي، جن ادارن تي تنقيد پيو ڪريان اهي ادارا به ڪجھه نه ڪندا، جڏهن کيس اهي خاطريون ٿي ويون ته ان کان پوءِ کلي کيڏڻ شروع ڪري ڇڏيو. هو جتان پئي آيو اتان پئي ويو. هن پروپيگنڊا ڪري حڪومت توڙي اسٽيبلشمينٽ ۽ اليڪشن ڪميشن سميت سڀني ادارن کي دفاعي حالت ۾ آڻي بيهاري ڇڏيو.
راڻا ثناءُ الله گهرو وزير بڻيو ته ماڻهن سمجهيو ته هاڻي عمران خان ۽ ان جي ساٿين جو الائي ڪهڙو حشر ٿيندو. عمران خان ۽ سندس ساٿي به سخت ڊنل هئا پر راڻا ثناءُ الله بس ٻه ٽي گدڙ ڀڀڪيون ڏئي خاموش ٿي ويو، ڪري ڪجھه به نه سگهيو. سڀني کي خبر آهي ته جڏهن عمران خان وزيراعظم هو ته هو وڏي واڪي مخالفن کي جيلن ۾ وجهندو رهيو. ٽي ٽي سال ملڪ جي چوٽيءَ جي سياستدانن کي جيلن ۾ واڙي حڪومت ڪندو رهيو. موجوده حڪومت به جيڪڏهن عمران خان ۽ سندس ڪجھه ساٿين کي پڪڙي اندر ڪري ها ته اڄ پي ٽي آءِ ايتري سگهاري نه هجي ها، پر ڊمي حڪومت الائي ڪهڙي خوف ۾ ورتل هئي جو فقط گدڙ ڀڀڪين تائين محدود رهي ۽ ڪري ڪجھه به نه سگهي.
آصف علي زرداري ڪجھه وقت اڳ چيو هو ته منهنجي خواهش آهي ته بلاول منهنجي زندگي ۾ وزيراعظم ٿئي، هاڻي اندازو لڳايو پ پ پ جنهن قوم کي نعرو ڏنو هو ته عوام طاقت جو سرچشمو آهي. پ پ پ اقتدار لاءِ نه پر عوامي ڀلائي لاءِ جدوجهد ڪندي آهي. اڄ اها پارٽي اقتدار جي خواهش ظاهر ڪري ته سمجهي وڃو. هيءَ اقتدار لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهن ٿا. عوام اهڙين اقتداري خواهش رکندڙ پارٽين کي ڪڏهن به ووٽ نه ڏيندو. سنڌ ۾ ته اڃا پ پ پ وارا لٺ چٺ ڏيکاري سنڌ حڪومت ٺاهيو ويٺا آهن پر ڊڄن ان ڏينهن کان جڏهن پنجاب جيان شفاف چونڊون ٿيون ته سنڌ ۾ به ڀاءُ وارن جي پت وائکي ٿي پوندي. جيستائين سياسي پارٽيون عوامي امنگن وٽان سياست نه ڪنديون، تيسائين اهي پارٽيون سياسي طور ناڪام رهنديون. هن ملڪ ۾ توهان ڪيترو به عوام لاءِ ڪريو پر توهان پنهنجي طبيعت ۾ سادا آهيو ته قوم توهان کي ووٽ نه ڪندي.
انقلاب جا نعرا هڻي هن قوم کي پاڻ سان ملائي سگهجي ٿو، باقي جيڪا تازي صورتحال ٺهي آهي، ان مان اهو ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي کي ٻهارو ڏئي ڇڏيندي. ڇو ته عمران خان پنهنجي پارٽيءَ جي ڪريل گراف کي مٿي کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو آهي. جڏهن ته حڪومتي پارٽين جو گراف ڪري چڪو آهي، جن جي واپسي في الحال نظر نه پئي اچي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button